ابن بيطار

مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار
جوھر بروھي


ابن بيطار

ابن بيطار نباتات جو وڏو ماھر ھو، جيڪو ٻارھين صدي جي آخر ڌاران اسپين جي شھر ملاغا ۾ پيدا ٿيو. 1248ع ۾ ھن وفات ڪئي. ھن بحيره روم جي ساحل جو سفران ڪري ڪيو ته جيئن جڙي ٻوٽين ۽ ٻوٽن کي گڏ ڪري، جيڪي سمنڊ جي ڪناري تي ڦٽن ٿا.
ابن بيطار جي مشھور تصنيف ڪتاب (الجامع في الادوي. المفردھ) آھي. عربي زبان ۾ پنھنجي موضوع جو عظيم ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ ٻه سو کان وڌيڪ اھڙن ٻوٽن جو ذڪر آھي، جيڪي ھن کان اڳ ڪنھن ماڻھو کي معلوم نه ھئا. ان کان سواءِ ان ۾ سبزين (ڀاڄين) ۽ ٻين ٻوٽن جي بيمارين ۽ خرابين کي ھٽائڻ لاءِ آسان نسخا درج آھن، ڪتاب ۾ مفرد دوائن ۽ مختلف قسم جي غذائن جو بيان به آھي ھن ڪتاب جي ٻي خوبي ھيءَ به آھي ته ڪتاب جي ترتيب ھڪ قاعدي مطابق رکي وئي آھي. ھر ڳالھ تجربي ۽ مشاھدي کان پوءِ لکي وئي آھي.
ابن بيطار جي ٻي يادگار تصنيف (ڪتاب المغني في الادوي. المفردھ) آھي ھن ڪتاب ۾ ويھ باب آھن، جن منجھ اھڙا مفردات خصوصيت سان لکيل آھي جيڪي مٿي، ڪن، اک، نڪ ۽ ٻين بيمارين ۾ استعمال ٿين ٿا، ابن بيطار جون ٻئي تصنيفون نباتات جي ماھرن جي رھنمائي ۽ علم نباتات جي ترقي جو ذريعو بڻيون، جيئن ليمي بابت (اينڊر يا الپاگي) جو مشھور مقالو اصل ۾ ابنِ بيطار جي جامع تان ترجمو ڪيو ويو آھي.
(بيطار يعني جانورن جي بيمارين جو ماھر)



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت