سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار
آهي
-------
(1) ارشاد
نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ رضہ قَالَتَ أَنَّ حَمْزَةَ بْنَ عَمْرٍو
الأَسْلَمِيَّ قَالَ لِلنَّبِيِّ صلى الله عليه وسلم أَصُومُ فِي السَّفَرِ وَكَانَ
كَثِيرَ الصِّيَامِ فَقَالَ إِنْ شِئْتَ فَصُمْ، وَإِنْ شِئْتَ
فَأَفْطِرْ ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب جواز الصوم والفطر فی شھر رمضان للمسافر
ج 1 ص 356)
”حضرت عائشة ؓ کان روايت آهي
ته
حضرت حمزه بن عمرو اسلمي ؓ جيڪو گهڻا
روزا رکندو هيو پاڻ ڪريم ﷺ جن کان پڇيو ته ڇا آءُ سفر ۾ روزا رکان؟ پاڻ ڪريم ﷺ جن
فرمايو ته چاهين ته رک ۽ چاهين ته نه رک.“
اهلِ علم حضرات جو ان ڳالهه تي اتفاق آهي ته سفر جي حالت ۾ روزو رکڻ
۽ نه رکڻ ٻئي جائز آهن چاهي سفر ۾ مشقت ۽ تڪليف محسوس ٿئي يا نه، البته ايتري
ڳالهه ضرور آهي ته سفر ۾ روزو رکڻ بهتر آهي. چاهي سفر ڪنهن نيڪ ڪم جي لاءِ هجي يا
جائز ڪم جي لاءِ هجي يا ڪنهن گناهه جي ارادي سان سفر ڪيو ويو هجي هر حال ۾ اهو ئي
حڪم آهي.
(بداءع الصنائع کتاب الصوم فصل فی حکم فساد الصوم ج 2 ص 96۔ الدر
المختار والرد المحتار کتاب الصوم فصل فی العوار فی المسبیحۃ لعدم الصوم ج 2 ص
158۔160۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم
الباب الخامس فی الاعذار التی تسبیح الافطار ج 1 ص 206)
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَبِي سَعِيدٍ الْخُدْرِيِّ
رضہ قَالَ غَزَوْنَا مَعَ رَسُولِ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم لِسِتَّ
عَشْرَةَ مَضَتْ مِنْ شَھۡرِ رَمَضَانَ فَمِنَّا مَنْ صَامَ وَمِنَّا مَنْ
أَفْطَرَ فَلَمْ يَعِبِ الصَّائِمُ عَلَى الْمُفْطِرِ وَلاَ الْمُفْطِرُ عَلَى
الصَّائِمِ ۔
Comments
Post a Comment