دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
اسان انهن جي پاسي کان جيئن ئي گذرڻ لڳاسين ته مون ڏٺو
ته اهي وڏن وارن وارا ڇوڪرا پٽ تي وڻ جي هيٺان ويٺا هيا. انهن جي ويجهو، باهه جي
پاسي ۾ هڪڙو دک ٻلو ۽ هڪڙي ٻلي به ويٺل نظر آئي. هتي مالديپ ۾ نوجوانن ۾ مون وڏن
وارن رکرائڻ جو وڏو رجحان ڏٺو. عجيب جهتلا ماڻهو نظر آيا. ڊگهي ڏاڙهي، وڏا وکريل
گهنڊيدار وار، نه ڦڻي ڏنل ۽ نه تيل مکيل. ٺهن نه ٺهن بس وڏن وارن جو شوق. وڻي نه وڻي
پر وچ مان گرهه کڻي.
سو اتان جيئن گذرياسين ته دک ٻلو اسان اجنبي ماڻهن
کي اکيون ڦاڙي ائين گهورڻ لڳو، ڄڻ اسان هن جي گهر ۾ گهڙيا هجون. ايئن لڳو ڄڻ اجهو ٿو
اسان تي حملو ڪري. مون کي ڏاڍي حيرت ٿي. شايد ان ڪري جو هو سمجهي پيو ته اسان هن
جي علائقي ۾ هتان جا نه هياسين، بلڪ ڌاريا ماڻهو هياسين ۽ ٻيو وري انهن جي گهرن جي
اڳيان پيا گذرون.
سو جانور کي به پنهنجي علائقي ۾ ڌارئي ماڻهو کي ڏسي
غيرت اچي ٿي. مونکي ائين لڳو ته ٻلي کي اسان جو اتان گذرڻ سٺو نه لڳو. هن وڏي ڪاوڙ
مان اسان تي جوهه وڌي ۽ منهن بڇڙو ڪري، اسان کي مسلسل گهوري نهارڻ لڳو هو. هتي ته ٻلو
به پنهنجي ڌرتي تي ڌاري کي برداشت نه ٿو ڪري، بلڪ ڪاوڙ جو اظهار به ڪري ٿو. اسان
جيڪي پنهنجي ڌرتي جي ٽڪري ٽڪري ڪپجندي، ڪٽجندي، قبضو ٿيندي، اکين سان ڏسون ٿا، پر
پوءِ به ماٺ ۾ آهيون. ڪاوڙ جو اظهار نه ٿا ڪيون. ان ڪري اسان جو ته الهه تلهه ئي چٽ
ٿي ويو، ڇو ته اسان اڃان به ننڊ ۾ اگهور آهيون. ٻٻر لوءِ واري ڌرڻي ۾ جيڪڏهن سنڌ
نه اٿي ها ته پوءِ ڪڏهن به نه اٿي ها ۽ ان جا نتيجا اسان جو ايندڙ نسل ضرور ڀوڳي
ها. پر هاڻي ائين نه آهي. هاڻي اسان جو ٻچو ٻچو چوي ٿو ته،“لک لعنت تو تي زرداري”.
اها قومي غيرت نيٺ جاڳي. مون کي ان ڳالهه جي ڏاڍي خوشي آ.
هتان جي ٻيِٽ وارن جي مالي حالت ڏاڍي مضبوط هئي.
هتان جا ماڻهو ڏاڍا آسودا هيا. خوشحال هيا. مڇي ماني وارا هيا. ان جو سبب سياحن جو
گهڻو اچڻ هيو. سياحت جي ڪري هتان جي ماڻهن جي مالي حالت ڏاڍي مستحڪم ٿي آهي. ان ڪري
هتان جو هر ماڻهو خوشحال آهي، امير آهي ۽ ڪو به غريب يا ڪو به فقير نظر نه آيو.
سو اتان ٿيندا، وچ ئي وچ وٺي، وڻن، ٻوٽن کان ٿيندا.
اڳتي نڪري وياسين ته سامهون کان ئي سمونڊ جو ڪنارو نظر آيو. هي هن ٻيٽ جو ٻيو ڇيڙو
هيو. عجب ۽ پرتاب ڦوٽوگرافي ۾ مصروف هيا. عجب واهه جو پرتاب کي قابو ڪيو هو. پر
پرتاب جي دل وڏي آهي، هن جو برداشت ڪرڻ وارو معدو به لوهه جو ٺهيل آهي. مان ۽
سائين مختيار به هنن جي ويجهو ٿياسين ته ڏسون پرتاب ڪيئن ٿو ڦوٽو ڪڍي. عجب اهائي
ساڳي ڳالهه پرتاب کي سمجهائي رهيو هيو. ته هن جاءِ تان ڦوٽ ڪڍ. هن اسٽائيل ۾ ڪڍ،
هينئن ڪڍ، هون ڪڍ، پويان سج اچي، روشني اچي، وڻ اچن، سمونڊ جو ڪنارو اچي، جهنگ
اچي. مون جڏهن هنن کي ايڏو مصروف ڏٺو ته مون سائين مختيار کي چيو ته،”سائين پاڻ
هتي نه بيهي سگهنداسين، هي پاڻهي ئي ايندا. پاڻ سامهون واري هوٽل جي ٻاهران رکيل ڪرسين
تي هلي ويهي انتظار ڪيون ٿا، هي دوست فارغ ٿي اچن ته پوءِ گڏجي ٿا چانهه پيون“.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment