سيوهڻ شهر جا معدوم آثار قديم - سيد حاڪم علي شاهه بخاري
سيوهڻ شهر جا
معدوم آثار قديم
سيد حاڪم علي
شاهه بخاري
سيوهڻ عالمن، هنرمندن، اديبن، الله وارن
۽ فقرا جي سڳوري سر زمين آهي انهن سڀني سڳورن جي موجودگيءَ کان علاوه سيوهڻ جو
سگهارو شهر، جيڪو سڪندر مقدونيءَ کان به اڳ سنڌ جي ساڄي ڪپر تي هر آئي وئي جي
مرحبا به ڪندو رهيو آهي، ته سنڌ جي سلامتيءَ ۽ سڪون خاطر هر هڙڪيي ۽ حريص سان مهاڏو
اٽڪائيندي به ورهين کان پنهنجي ستا قائم رکيون اچي. نه رڳو ستا قائم اٿس، پر سونهن
سوڀيا ۾ واڌاري سان گڏوگڏ ناموس ۽ بود و باش ۾ واڌارو به جاري رکندو اچي. منهنجي
خيال ۾ هي شهر جيترو لهڻي، اوترو اسان کيس ڏئي نه سگهيا آهيون، ٻيو ته ٺهيو پر رڳو
هڪ جامع ۽ باتصوير ڪتاب به ان تي لکي نه سگهيا آهيون. اسان جي ڏسندي ڏسندي ڇا ڇا
نه ختم ٿي يا کڄي ويو، اسان وٽ ته شايد ان جو
ڪو نقش، نقشو يا تفصيلي نوشتو به موجود نه هجي. هر سال ميلو مچي ٿو، ماڻهو
مڙن ٿا، خردو خرچ ٿئي ٿو ۽ بس. مون پنهنجي اساٽ اجهائڻ لاءِ گذريل صديءَ جي اسيءَ
واري ڏهاڪي ۾ هڪ سادي ڪئميرا هٿ ۾ کڻي سيوهڻ شهر جي گهٽين ۽ درگاهن کي ڀيٽيو ۽
تصويرون به ڪڍيون.
اڄ اهي ڏسيو پنهنجي حال تي به ندامت پئي ٿئي ته ان وقت تفصيل ڇو
نه هٿ ڪيا. ڳوليندي ڳوليندي اتفاق سان ٽي تصويرون مليون، جن مان ٻه ته هاڻي شايد
ناياب آهن، ٽين ٿورو وقت اڳ تائين موجود هئي. اڄ پڇا ڪيم ته اهو به ڪن بئوسن ڊاهي
پٽ ڪري ڇڏيو. سبحان الله وقت دشمن، آپدائون اٽل، هيدوس ته هلي پئي، پوءِ آخرڪار
ثقافت سان لاڳاپيل زنده آثارن ۽ سپرشي شين جو ڇا ٿيندو، اسان هر روز ڀيڻيون گنوائي
ڀينگيا ٿيندا وڃون.
(1) ڪاٺ
جي جاءِ:
گردواري واري گهٽيءَ ۾ ۽ ساڳئي پاسي هڪ ٻه
ماڙ جاءِ هئي، جيڪا ان وقت جي شايد اهم اڏاوت هئي. عمارت جو سڄو ڍانچو مختلف قسم ۽
نموني جي ڪاٺين کي جوڙي ٺاهيل
(Timber framing)هو ۽ سڄي
عمارت جي مٿان سواءِ مهاڙيءَ جي گاري جي لنبائي هئي. جيڪا چڱيءَ حالت ۾ هئي. مهاڙيءَ ۾ ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. ٻي ماڙيءَ
جي اڳيان ٻاهر تي وڌيل گئلري هئي، جنهن تي ڪاٺ جو ڪم ٿيل هو. جاءِ جي پٺئين حصي تي
ڪنڊ ۾، کڏ تي چڙهڻ لاءِ مٿان ڍڪيل ڏاڪڻ جي کڏي هئي. ڪن اڀين ڪاٺين جي مهاڙيءَ ۾ ٻيڙ
ٻني تي موجودگي ڪنهن ٻئي اڏاوتي انگ جو اهڃاڻ پئي لڳي. جاءِ بظاهر ويران پئي ڏسڻ ۾
آئي، خبر ناهي ته ڇو. ڪو پاڙي جو ماڻهو به ڪونه مليو، جنهن کان پتو ڪجي ها.
(2) سک
گردوارو:
هي آثار سخي سڪندر بودلي جي مقبري جي ڏکڻ
کان گذري اولهه پاسي ويندڙ هڪ گهٽيءَ جي ذري گهٽ ڇيڙي تي گهٽيءَ جي اتر پاسي واقع
هو. ان وقت به آثار وڻن جي وچ ۾ هو، ان ڪري ويجهو پهچڻ مشڪل هو. تصوير ۾ آثار جو رڳو
گنبذ ڏسجي ٿو يا ان جو ڪمرو جنهن جي ٻجهري يا ڪنڊن تي جيڪڏهن ڪو جنسار هو ته اهو
ختم ٿي چڪو هو. گنبذ خوبصورت گدري جهڙي شڪل جو آهي، جنهن جو نظر ايندڙ گولائو ڳچ
سوڙهو ڀاسي ٿو. گنبذ جي مٿان ابتي ڪنول جهڙي نيل اٿس، جنهنجو رڳو ڊگهو سنبو وڃي
رهيو آهي، باقي ريڀڙ غائب اٿس. هي آثار هڪ عقيدي جي ماڻهن جو سيوهڻ ۾ هجڻ جو ثبوت
هو.
(3) هندو
مندر:
هي آثار جمن جتي جي درگاهه جي ڏکڻ ــ اوڀر
۾ هڪ ڪشادي ايوان جي وچ تي ٺهيل هو. جنهن جي ٻاهران ان وقت ڪچين سرن جو پنج فوٽ کن
اوچو احاطو هو. مندر ٻه منزلا هو، جنهنجي اڪيلي چورس ڪمري مٿان عاليشان پر سادي
شکارا هئي، جنهن کي پاسن کان اڌ چنبڙي
(Urusringa) ۽ چوٿائي چنبڙي
(Sringa) ٺهيل آهي. ٻنهي جي
ميلاپ وٽ ٻاهران سڌي پر ڪافي وڌيل ڪناري هئي. شکارا جي چوٽي ڇانگيل / مڇيل آهي. هن
وقت سيوهڻ ۾ اهڙو هو ٻيو مندر شايد موجود نه آهي.
جاين جو هي اڏاوتي قسم آخري پساهن تي
آهي. هڪ پنهنجي عمر جي ڪري، ٻيو ان قسم جو ڪم ڪندڙ ڪاريگرن جي نه هئڻ ڪري، ٽيون
وري نئين قسم جي ڏيکاءَ وارين جاين جي خفت سبب. ڪيئن به هجي پر ٻين ڪيترن پراڻن
تاريخي شهرن وانگر ماڻهو سيوهڻ کي ثقافتي طور باکر بڻائڻ ۾ رڌل آهن. بهرحال نموني
طور جايون بچائڻ گهرجن ان لاءِ ڪي ادارا سرگرم عمل آهن. اميد آهي ته ان قسم جي
جاين مان ڪي تجزيي ۽ تحقيق لاءِ محفوظ ٿي پون.
Comments
Post a Comment