غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم



احڪامِ روزه

مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
-------
مسئله:
غير معتدل انهن علائقن کي چيو ويندو آهي جتي سال جي سمورن ڏينهن ۾ سڀني نمازن جا اوقات نه ايندا آهن يعني مقرره علامتون موجود نه هونديون آهن جنهن جي موجود هجڻ تي شريعت روزن ۽ نمازن جي اوقات جي اچڻ وڃڻ جو مدار رکيو آهي. مثال جي طور تي انگلينڊ وغيره ۽ شمال يورپ جا اهڙا علائقا جتي سال جي ڪجهه حصن ۾ سج لهڻ کان پوءِ جلدي ۾ اڀرندو آهي. ۽ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جتي ڪجهه مدت تائين سج لهندو ئي نه آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه مدت تائين بالڪل اڀرندو ئي نه آهي ۽ پوري رات آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي آهي ۽ پوري رات آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي آهي ۽ مڪمل اونداهي ڇانيل نه هوندي آهي. غير معتدل علائقن ۾ رمضان شريف اچي ته ان ۾ روزو رکيا وڃن يا نه. ان جو جواب معلوم ڪرڻ کان پهريائين ڪجهه شين کي پيش نظر رکڻ ضروري آهي.


(1)   ڇا اهري علائقي ۾ رات کي صبح صادق کان پهريائين ايترو وقت ملندو آهي جو ان ۾ ڪجهه کائي پيئي سگهجي.
(2)   رات کي ايترو وقت نٿو ملي جو کائي پيئي سگهجي يعني يا ته رات ئي نه ٿيندي آهي يا وري رات ٿيندي آهي ليڪن ايتري ته مختصر هوندي آهي جو ڪجهه کائي پيئي نٿو سگهجي.

پهرين صورت جي باري ۾ علامه طحطاوي رحه جن شافعي مسلڪ جي علماء مان حافظ ابن حجر رحه جو هي قول نقل ڪيو آهي ته اگر رات ۾ صرف ايتري قدر کائڻ جو وقت ملي وڃي جنهن سان روزيدار زنده رهي سگهي ته اهو کائي ڪري روزو رکي. بلڪه اگر مغرب نماز پڙهڻ ۽ کاڌو کائڻ مان ڪوئي هڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ کاڌو کائڻ گهرجي ۽ نماز قضا ڪرڻ گهرجي. 
(طحطاوي ج 1 ص 267ــ269)

۽ انهن ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ روزا رکڻ گهرجن چنانچه مولا اشرف علي ٿانوي رحه بوادر النوادر ۾ تحرير فرمائي ٿو ته ”جتي ليل (يعني رات) شرعي ٿيندي آهي اتي جنهن جڳهه تي ڏينهن جي ڊيگهه روزي (کي) برداشت ڪرڻ جيتري هجي (يعني انسان روزي رکڻ کي برداشت ڪري سگهي.) ۽ فطرتن ان جو تحمل ۽ برداشت ڪرڻ اسان کان وڌيڪ هوندو، اتي (اهي ماڻهون) روزا رکن ۽ (روزو) ادا به ٿي ويندو ۽ جتي (ڏينهن يا رات) بقدرِ تحمل و برداشت نه هجي (ته) اتي اندازو ڪري (روزن جو) تعداد پورو ڪن ۽ ادا ڪرڻ کان پوءِ (يعني روزن کي ادا ڪرڻ کان پوءِ) اگر اهڙا ڏينهن ملي وڃن جنهن جو تحمل (برداشت ڪرڻ) ٿي سگهي ته احتياطن (روزن جي) قضا به ڪرڻ گهرجي ۽ (اگر) اهڙا ڏينهن نه ملن ته اهي ئي اندازي وارا روزا ڪافي ٿي ويندا.“ (بوادر النوادر ج 2 ص 439. اهو ڪتاب مولانا ٿانوي رحه جن جي آخري عمر جي تحقيقات جي خلاصي تي مشتمل آهي)

۽ ٻي صورت جي باري ۾ علامه زرڪشي رحه ۽ ابن العماد رحه جهڙا شافعي مسلڪ جا اهلِ علم حضرات فرمائن ٿا ته اهڙن علائقن ۾ اَقرب البلاد (يعني ان علائقي جي قريب ترين معتدل مقام) جي اوقات جو اندازو ڪري روزو رکيو ويندو. 
(طحاوي ج 1 ص 267)

غير معتدل علائقن ۾ نماز جي فرض هجڻ يا نه هجڻ جي باري ۾ فقهاءِ احناف رحه جو اختلاف آهي ليڪن رمضان المبارڪ جي آمد کان پوءِ روزن جي فرضيت جي باري ۾ ڪوئي اختلاف نه آهي بلڪه سڀني جو اهو ئي قول آهي ته ان علائقي جي رهواسين تي به روزا فرض آهن، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته اهي ماڻهون روزا ڪهڙيءَ طرح رکندا.

صاحبِ رد المحتار علامه شامي رحه تحرير فرمائي ٿو ته ”رمضان المبارڪ جي روزن جي واجب نه هجڻ جو قول قطعاً ممڪن ئي نه آهي“ ۽ شامي رحه مزيد هي به فرمائي ٿو ته غير معتدل علائقن جا رهواسين جي لاءِ هي به هڪ احتمالي حڪم ٿي سگهي ٿو ته انهن ماڻهن کي چويهن ڪلاڪن ۾ صرف ايتري قدر کائڻ پيئڻ جي اجازت آهي ته جنهن سان انهن جي زندگي بچي سگهي (باقي پورو وقت روزي ۾ گذارڻو پوندو) علامه شامي رحه جن اهو احتمال بيان ڪيو آهي مگر ان کي ترجيح نه ڏني آهي.
(الرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 244)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت