احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
-------
مسئله:
غير معتدل انهن علائقن کي چيو ويندو آهي جتي سال جي سمورن ڏينهن ۾
سڀني نمازن جا اوقات نه ايندا آهن يعني مقرره علامتون موجود نه هونديون آهن جنهن
جي موجود هجڻ تي شريعت روزن ۽ نمازن جي اوقات جي اچڻ وڃڻ جو مدار رکيو آهي. مثال
جي طور تي انگلينڊ وغيره ۽ شمال يورپ جا اهڙا علائقا جتي سال جي ڪجهه حصن ۾ سج لهڻ
کان پوءِ جلدي ۾ اڀرندو آهي. ۽ ڪجهه علائقا اهڙا به آهن جتي ڪجهه مدت تائين سج
لهندو ئي نه آهي ۽ اهڙيءَ طرح ڪجهه مدت تائين بالڪل اڀرندو ئي نه آهي ۽ پوري رات
آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي آهي ۽ پوري رات آسمان تي هلڪي روشني پکڙيل رهندي
آهي ۽ مڪمل اونداهي ڇانيل نه هوندي آهي. غير معتدل علائقن ۾ رمضان شريف اچي ته ان
۾ روزو رکيا وڃن يا نه. ان جو جواب معلوم ڪرڻ کان پهريائين ڪجهه شين کي پيش نظر
رکڻ ضروري آهي.
(1) ڇا اهري علائقي ۾ رات کي صبح صادق کان پهريائين ايترو وقت ملندو آهي
جو ان ۾ ڪجهه کائي پيئي سگهجي.
(2) رات کي ايترو وقت نٿو ملي جو کائي پيئي سگهجي يعني يا ته رات ئي نه
ٿيندي آهي يا وري رات ٿيندي آهي ليڪن ايتري ته مختصر هوندي آهي جو ڪجهه کائي پيئي
نٿو سگهجي.
پهرين صورت جي باري ۾ علامه طحطاوي رحه جن شافعي مسلڪ جي علماء مان
حافظ ابن حجر رحه جو هي قول نقل ڪيو آهي ته اگر رات ۾ صرف ايتري قدر کائڻ جو وقت
ملي وڃي جنهن سان روزيدار زنده رهي سگهي ته اهو کائي ڪري روزو رکي. بلڪه اگر مغرب
نماز پڙهڻ ۽ کاڌو کائڻ مان ڪوئي هڪ ڪم ڪري سگهجي ٿو ته پوءِ کاڌو کائڻ گهرجي ۽
نماز قضا ڪرڻ گهرجي.
(طحطاوي ج 1 ص 267ــ269)
۽ انهن ماڻهن کي رمضان المبارڪ ۾ روزا رکڻ گهرجن چنانچه مولا اشرف
علي ٿانوي رحه بوادر النوادر ۾ تحرير فرمائي ٿو ته ”جتي ليل (يعني رات) شرعي ٿيندي
آهي اتي جنهن جڳهه تي ڏينهن جي ڊيگهه روزي (کي) برداشت ڪرڻ جيتري هجي (يعني انسان
روزي رکڻ کي برداشت ڪري سگهي.) ۽ فطرتن ان جو تحمل ۽ برداشت ڪرڻ اسان کان وڌيڪ
هوندو، اتي (اهي ماڻهون) روزا رکن ۽ (روزو) ادا به ٿي ويندو ۽ جتي (ڏينهن يا رات)
بقدرِ تحمل و برداشت نه هجي (ته) اتي اندازو ڪري (روزن جو) تعداد پورو ڪن ۽ ادا
ڪرڻ کان پوءِ (يعني روزن کي ادا ڪرڻ کان پوءِ) اگر اهڙا ڏينهن ملي وڃن جنهن جو
تحمل (برداشت ڪرڻ) ٿي سگهي ته احتياطن (روزن جي) قضا به ڪرڻ گهرجي ۽ (اگر) اهڙا
ڏينهن نه ملن ته اهي ئي اندازي وارا روزا ڪافي ٿي ويندا.“ (بوادر النوادر ج 2 ص
439. اهو ڪتاب مولانا ٿانوي رحه جن جي آخري عمر جي تحقيقات جي خلاصي تي مشتمل آهي)
۽ ٻي صورت جي باري ۾ علامه زرڪشي رحه ۽ ابن العماد رحه جهڙا شافعي
مسلڪ جا اهلِ علم حضرات فرمائن ٿا ته اهڙن علائقن ۾ اَقرب البلاد (يعني ان علائقي
جي قريب ترين معتدل مقام) جي اوقات جو اندازو ڪري روزو رکيو ويندو.
(طحاوي ج 1 ص
267)
غير معتدل علائقن ۾ نماز جي فرض هجڻ يا نه هجڻ جي باري ۾ فقهاءِ
احناف رحه جو اختلاف آهي ليڪن رمضان المبارڪ جي آمد کان پوءِ روزن جي فرضيت جي
باري ۾ ڪوئي اختلاف نه آهي بلڪه سڀني جو اهو ئي قول آهي ته ان علائقي جي رهواسين
تي به روزا فرض آهن، اها هڪ الڳ ڳالهه آهي ته اهي ماڻهون روزا ڪهڙيءَ طرح رکندا.
صاحبِ رد المحتار علامه شامي رحه تحرير فرمائي ٿو ته ”رمضان المبارڪ
جي روزن جي واجب نه هجڻ جو قول قطعاً ممڪن ئي نه آهي“ ۽ شامي رحه مزيد هي به
فرمائي ٿو ته غير معتدل علائقن جا رهواسين جي لاءِ هي به هڪ احتمالي حڪم ٿي سگهي
ٿو ته انهن ماڻهن کي چويهن ڪلاڪن ۾ صرف ايتري قدر کائڻ پيئڻ جي اجازت آهي ته جنهن
سان انهن جي زندگي بچي سگهي (باقي پورو وقت روزي ۾ گذارڻو پوندو) علامه شامي رحه
جن اهو احتمال بيان ڪيو آهي مگر ان کي ترجيح نه ڏني آهي.
(الرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 244)
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment