پروڪيريوٽڪ (Prokaryotic cell) ۽ يوڪيريوٽڪ (Eukaryotic cell) جيوگھرڙو ۾ فرق


پروڪيريوٽڪ (Prokaryotic cell) ۽ يوڪيريوٽڪ (Eukaryotic cell) جيوگھرڙو ۾ فرق

پروڪيريوٽڪ جيوگھرڙو
(Prokaryotic cell)
يوڪيريوٽڪ جيوگھرڙو
(Eukaryotic cell)
1.   ھنن ۾ نيوڪليائي پڙدو ڪونه ٿئي تنھنڪري ھنن ۾ خاص مرڪز (نيوڪليس) نه آھي.
1.   ھنن ۾ ٻٽو نيو ڪليائي پڙدو ٿئي ٿو ۽ منجھن خاص مرڪز نيوڪليس موجود آھن.
2.   ھنن جي پڙدي ۾ ويڙھيل گھرڙائي عضواموجود نه آھن جھڙوڪ مائٽوڪونڊر يا گالجي باڊيز، اينڊو پلازمڪ ريٽيڪيولم.
2.   ھنن ۾ جھلي ۾ ويڙھيل عضوا موجود ھوندا آھن.
3.   ھنن ۾ رائبوسوم سائٽو پلازم ۾ آزاد حالت ۾ پکڙيل ھوندا آھن.
3.   ھنن ۾ رائبوسوم وڏي قدبت جا ھوندا آھن يا ته کھري اينڊو پلازمڪ ريٽيڪيولم تي يا وري سائٽو پلازم ۾ آزاد حالت ۾ ھوندا آھن.
4.   ھنن ۾ نيوڪليو پلازم نه ھوندو آھي.
4.   ھنن ۾ نيوڪليو پلازم موجود ھوندو آھي.
5.   ھنن ۾ ھڪ ڪروموزوم مخصوص حالت ۾ ھوندو آھي.
5.   ھنن ۾ ڪروموزوم جو تعداد باقاعدي يا ڊ پلائڊ ٿئي ٿو.
6.   ساھ کڻڻ جو عمل جيوگھرڙي جي جھليءَ جي اندرين سطح تي ٿئي ٿو.
6.   ساھ کڻڻ جو عمل مائٽو ڪونڊريا ۾ ٿيندو آھي.
7.   ھي جيو گھرڙا قدبت ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ ننڍڙا آھن سراسري قطر 0.05 کان 10 نينوميٽر ھوندو آھي.
7.   ھي جيوگھرڙا منجھيل ۽ قد بت ۾ ٻين جي ڀيٽ ۾ وڏا ھوندا آھن ۽ سندن سراسري قطر 10 کان 100 نينو ميٽر آھي.




Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت