Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

مالديپ ۾ پرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ

   

مالديپ ۾ پرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ

 

سورنهين صدي عيسوي ۾ اسلام جي ڦهلاءُ جي ڪارڻ ئي اسلامي حڪومت جو خاتمو آيو. نتيجي طور تي پرتگالي فوج سلطنت تي قبضو ڪري ويهي رهي. هتان جو حڪمران علي ششمڪو کي قتل ڪيو ويو ۽ ڪاهلو محمد (ظالم مالديپي) کي تخت تي ويهاريو ويو. ٿيو ائين جو مرڪز ۾ پرتگالين جي پنهنجي حڪومت جو ڪمزور ٿي ويئي ته سترهين صدي ۾ ئي ڪجهه مرد مجاهدن جنهن ۾ محمد ۽ هن جي ڀائرن علي ۽ حسن پرتگالي حڪومت خلاف بغاوت جو اعلان ڪيو، انهن پرتگالين کان 1573ع ۾ هن سلطنت کي آزادي ڏياري. ان ڪري ئي هر سال پهرئين ربيع الاول جو مالديپ جو قومي ڏينهن ڪري ملهايو ويندو آهي. سترهين صدي جو ڊچ فوج به آئي پر حڪومت تي ڪنهن به قسم جي قبضي ڪرڻ بنا ئي حڪومت سان سفارتي واسطا ٻن صدين تائين قائم رکيا.

 ارڙهين صدي يعني 1796ع جو وري انگريزن ڊچ انتظاميه جو خاتمو آندو. پر ڊچ حڪومت جي ڪري هتي ڪرپشن جو وجود قائم ٿي ويو ۽ انگريزن اهو ختم ڪري اتي پنهنجو ڪاروبار شروع ڪيو، جنهن جي ڪري هتان جي ماڻهن ۽ انگريزن ۾ جهيڙو ٿي پيو . خانه جنگي شروع ٿي ويئي. 1827ع ۾ انگريز فوج هتان جي ماڻهن سان هڪڙو معاهدو نالي Protection agreement ڪيو. تڏهن کان وٺي مالديپ اڄ ڏينهن تائين انگريزن سان ان معاهدي تحت هلي ٿي.

 1932ع ۾ مالديپ جي سلطان برطانيه جي دٻاءُ ۾ اچي پهريون آئين مرتب ڪيو، جنهن سلطان جي انتظامي دائري اختيار کي اڃان به محدود ڪري ڇڏيو. 1939ع ۾ هن آئين کي سلطنت لاءِ غير موثر قرار ڏيئي منسوخ ڪري ڇڏيو. اها ڳالهه برطانيا جي سامراج کي نه آئڙي. ان ڪري انهن 1943ع جو هڪڙو نئون آئين لاڳو ڪيو ۽ اتان جي سلطان حسن نورالدين کي برطرف ڪري ڇڏيو ۽ حڪومت جو ڪنٽرول ان وقت جي پهرئين وزيراعظم محمد امين ديدي کي ڏيئي ڇڏيو ۽ سلطان کي جهموريت ڏانهن موڙڻ شروع ڪيو.

1943ع هن جي سلطنت جو خاتمو ٿيو ۽ مالديپ نئين آئين جي مطابق هڪ جهموري رياست بڻجي ويئي. جنهن جو پهريون صدر محمد امين ديدي منتخب ٿيو. پر رياست ۾ عدم ترقيءَ عوام کي پنهنجي پهرئين صدر جي خلاف ڪري ڇڏيو، جنهن جي ڪري جهموري رياست جو آئين منسوخ ڪري جهموري رياست جو به خاتمو آڻي، رياست کي ٻيهر سلطنت بڻائي ڇڏيو ۽ ابراهيم ناصر نئون وزير اعظم بڻجي ويو. هن جو دور 1957 ع کان 1968ع تائين بيهي ٿو.

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more