Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ

 

ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ

 

سامان لاهي امان الله کان موڪلائي ايئرپورٽ ۾ داخل ٿياسين. بين الاقوامي ايئرپورٽ واري حصي ۾ محرم مهيني ڪري زائرين جي وڏي رش لڳل هئي. مومنن جو اتي به ماتم هلي رهيو هو. پاڻ انتظار گاهه جي سامهون ڏوڪڙ مٽائڻ وارن دڪانن جي اڳيان بيٺا هياسين ته جنيد ڏهر جو دوست بلوچستان جي ڪلات شهر سان تعلق رکندڙ، شاعر ۽ ليکڪ يوسف عجب به اچي ويو. هن سان جنيد تعارف ڪرائيندي چيو ته،”هي منهنجو دوست يوسف عجب آهي، جيڪو بلوچستان جي شهر ڪلات سان تعلق رکي ٿو، پاڻ سٺو شاعر ۽ ليکڪ آهي. هو انگريزي اخبار ۾ به لکندو آهي. ٻاهرين ملڪن جا به ڪيترائي دورا ڪري آيو آهي“.

 هن سان ملي ڏاڍي خوشي ٿي هئي. هو انتهائي سادو، چهري تي چاپائين ڏاڙهي، نظر جو چشمو پاتل، ننڍڙو بيگ هن جي ساڄي هٿ ۾ هيو. جنيد اسان جو به هن سان تعارف ڪرايو. هي اسان جي سفر جو ساٿي هيو. هاڻي اسان سڀني جو فرض ٿئي پيو ته اسان هڪٻئي جو خيال رکون.

 جنيد ٻڌايو ته يوسف هن جو تمام بهترين دوست آهي. هو ڪيترن سفرن ۾ هن جو ساٿي رهيو آهي. ان کان علاه هن پاڻ به ڪافي سفر ڪيا آهن. انهن ۾ هڪڙو سفر هن جو آمريڪا جو به آهي. هو ڪلات ۾ اسپيشل سبجيڪٽ ٽيچر آهي. هن جو پنهنجو ٽيوشن سينٽر به آهي، جتي هو انگريزي پڙهائيندو آهي. هن جا ڪلات ۾ باغ به آهن. هن اردو ۾ لکڻ کان پنهنجي ٻولي براهوي کي گهڻي ترجيح ڏني آهي. ڇو ته هن جي مادري ٻولي براهوي آهي. هونءَ ته هو لکندو آهي عجب يوسف جي نالي سان، باقي هو پاڻ کي بلوچ سڏرائيندو آهي. هو انگريزي اخبارن ۾ به لکي ٿو. ان کان علاوه هن جو صحافت سان به تعلق آهي. هو محب وطن شاعر آهي. هن جي شاعري توهان کي اڳتي هلي پڙهڻ لاءِ ملندي. هن جو براهوي ٻولي ۾ مشهور غزل آهي:

 

مف است ننے پھلس کشکن، کشکار ہشار او گلشن تے

اے خنک ننا کہ خنتے ملار ، استان امر دین اے خن تے۔

قربان مروئی تمک نے اڑزان اسل اف راہشونی

گوریچ نا مونا غورٹ ہر بشخندہ کروکا چلتن تے۔

 

ترجمہ:

ہم سے تو ایک پھول کا توڑنا برداشت نہیں ہوتا مگر وہ لوگ گلشن کے گلشن برباد کردیتے ہیں۔ اوران لوگوں اور ان کا کردار ناقابل فراموش ہوتا ہے جن کی رہنمائی سےہماری آنکھیں کھل چکی ہیں۔

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more