چڱائي ڳولڻ وارو شاعر - ڀٽائي



شاهه عبداللطيف ڀٽائي صاحب پنهنجي شاعريءَ ۾ دنيا جي هر موضوع کي بحث جو موضوع بنايو آهي. هو سنڌ جي هارين، نارين، ڪڙمين، ڪاسبين، ڪورين، موچين، لوهارن، ملاحن، مزدورن جو نمائندو شاعر آهي.

هو ڪاتيارين ۽ ڪورين جي ڪرت کي دنيا جي عظيم ڪرت سمجهي ٿو. هو شين مان چڱائي ڳولڻ وارو شاعر آهي. سندس طبيعت جي نهٺائيءَ جو ڪمال اهو آهي، جو هو هر شئي مان ڪانه ڪا چڱائي ڳوليو وٺي.

مثال طور ڪورين جو ته ڪم ئي ڌاڳا ڳنڍڻ آهي، پر ڀٽائيءَ کي سندن اها ادا ايڏي ته وڻي ويئي آهي جو هو چوي ٿو ته:

هلو هلو ڪورئين، نازڪ جنين نينهن،
ڳنڍين سارو  ڏينهن،   ڇنڻ مور نه سکيا.

مطلب ته ان ۾ ڪورين جو ڪوبه ڪمال نه آهي پر ڀٽائي جڏهن لفظن کي ڇهي وڃي ٿو ته ڪوري املهه بڻجي ٿا وڃن.

سندس طبع جي فراواني جو هڪ ٻيو خاص مثال اهو آهي ته هو خسيس شين کي مٿانهون، اعليٰ ۽ اتم ڪري سمجهي ٿو.

مثال ڪپڙا سبڻ واري سئي ڏانهن ڪنهن جو ڌيان به نه ويندو پر ڀٽائي جڏهن سئيءَ جي واکاڻ ڪري ٿو ته اها ساڳي سُئي ڪيڏي نه اُتم بڻجي وڃي ٿي:

پاتشاهي نه پاڙيان، سرتيون سئيءَ ساڻ،
ڍڪي اگهاڙن کي، ڪين ڍڪيائين پاڻ،
ٻيهر ڄاپي  ڄاڻ، ابر جي اوصاف  کي.

يا وري درياءَ جي ڪناري تي بيٺل ڪکن ۽ ٻوڙن ڏانهن ڪنهن جو ڌيان ئي نه ويو هوندو ته اهي به ڪي ايڏا ڪمائتا آهن، پر ڀٽائيءَ انهن مان به چڱائي ڳولي انهن کي انمول بنائي ڇڏيو آهي.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت