Agent Minor Salt Cornor
خير جنيد جو خيال هو ته
اسان هتان ئي بس ۾ هڙومالي Hulhumalé هلون. ڇو ته اسان جو مالي ۾ رهڻ جو ارادو نه هيو. جيتوڻيڪ
اسان جي پلان ۾ مالي هيو پر جنيد مطابق ته هڙو مالي، مالي کان وڌيڪ خوبصورت آهي.
سو اتي ئي هلون. سامهون ئي بس اسٽاپ هيو. پر جنيد کي چيوسين ته،”هيڏو سامان آهي
اهو سڀ ڪجهه بس ۾ ڪيئن ايندو ۽ بس ۾ سامان سان ڪيئن ڌڪا کائيندا هلنداسين“.
جنيد اسان جي ڳالهه کي مان ڏيندي چيو ته،”ٺيڪ آ پو ڀلا
ٻه ٽيڪسيون ڪرايون ٿا“.
هن ٻه ٽيڪسيون ڪرايون. اسان پنهنجا بيگ ٽيڪسين جي ڊڪين
۾ رکيا. هڪڙي ۾ ٽي دوست ويٺا ۽ ٻي ٽيڪسي ۾ ٻيا ٽي دوست. سو اهڙي ريت اسان ٽيڪسي
ذريعي هڙومالي پهتاسين. هڙو مالي جا روڊ رستا ڪشادا ۽ صاف نظر آيا. هر روڊ جي پاسي
۾ ڦٽ پاٿ ۽ ان جي پاسي ۾ ئي وڻراهه. ساوا ساوا وڻ، ڇٻر، گل ٻوٽا نظر آيا. هڪڙي
چوراهي تي اچي ٽيڪسيون بيهي ويون. اسان سڀ ٽيڪسين مان لٿاسين. جنيد به لٿو. اسان
کي هڪڙي اسٽورAgent Minor Salt Cornor تي آڻي،
اسان کي ان ٽي اسٽور جي پاسي ۾ پيل ڪاٺ جي بيچن تي ويهڻ لاءِ اشارو ڪيو.
جنيد چيو ته،”توهان هتي
ويهي چانهه پيئو ته مان هوٽل جو بندوبست ڪري اچان“.
جنهن مان لڳو ته هن هوٽل اڳ ۾ بڪ نه ڪرايو هو.
حالانڪ گرائيدو ٻيٽ ۾ ئي هڪڙو ڏينهن اڳ ۾ جنيد کي چيوهيوسين ته،”هوٽل جو بڪنگ
ضروري آهي، اهو ايڊوانس ۾ ڪرائي ڇڏ، پر اها هن مهل تائين بڪ نه ٿي هئي“.
هوٽل بُڪ نه ڪرڻ جا به ڪي ڪارڻ
ٿي سگهن ٿا. هڪ ته بالي ۾ هوٽل مهانگي هوندي، جو هن هڙو مالي ۾ وٺي آيو هو. ٻيو ته
ممڪن آهي ته آن لاءِ هوٽلون بڪ ٿيل هجن. جنهن ۾ جنيد جو ڪو ڏوهه نه هيو. هن کي ته
ويتر گهڻي اسان جي ڪري تڪليف ٿي هئي.
صبح جا 10:14 منٽ ٿيا آهن. هن اسٽور جو نالو Agent Minor Salt Cornor آهي. هي ننڍڙو دڪان آهي. جنهن ۾ سيڌي سامان سان گڏ، هو چانهه به
هلائي رهيو آهي. دڪاندار بنگالي نوجوان آهي، جنهن جو نالو حبيب الله آهي. اسان گهٽي
۾ ويٺا آهيون. چانهه ۽ بسڪوٽ جو آرڊر ڏنوسين. پر خبر پئي ته سيلف سروس آهي. مختيار
صاحب جي ۽ پنهنجي چانهه جا ڪوپ ۽ پاڻي جي بوتل کڻي ٽيبل تي رکيسين. پرتاب لاءِ ڪوڪ
بوتل جي ٽن ورتيسين. چانهه سٺي هئي. ان ڪري پراڻا ٿڪ ته دور ٿي ويا هيا، پر هتي
اچي نون ٿڪن ورايو هو.
هن مهل تائين اسان کي انتظار ڪندي ڪلاڪ کن ٿي ويو
هو. پر جنيد ڪٿان به نظر نه پئي آيو. هن اسٽور واري وٽ کليل سگريٽ به هيا. هتي گهڻو
ڪري گولڊ ليف فارين جو ۽ ڪيمل سگريٽ جيڪو عربن ۾ مشهور آهي ۽ عرب ملڪن ۾ گهڻو وڪامجي
پيو. مان اٿي وڃي هوٽل جو بل ادا ڪيو. هڪ سو 20 روفيا بل آيو. ائي ئي ويهي ڪجهه گهڙيون
سڪون ورتوسين. پاسي کان ٻي ٽيبل تي هتان جا ڪي لوڪل ماڻهو ويٺي پان، سگريٽ ۽ چانهه
جون چسڪيون ڀري رهيا هيا. چانهه کان پوءِ حسب معمول سگريٽ جي ٻاڙ لڳي. سو ڪيمل
سگريٽ جو مزو وٺي اتي ئي ڊائري ڪڍي انهن يادگيرين کي ميڙڻ جي ڪوشش ڪيان ٿو. قدم
قدم جي تحرڪ کي ڊائري ۾ اوتڻ لڳو آهيان. سامهون کان، روڊ جي ڪنڊ تي تمام گهڻيون اسڪوٽيون
بيٺل نظر آيون آهن. هون به نيپال، انڊونيشيا، ملائيشيا ۽ ٿائلينڊ ۾ اسڪوٽيون گهڻيون
نظر آيون. باقي اسان وٽ مدي خارج ڊزائين جا اسڪوٽر سالن کان پيا روڊ ماپيندا رهندا
آهن.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment