500 روپين جي هڪڙي ماني
هي روڊ سان ئي هوٽل هئي.
ان جي ٻاهران ٻه ٽي نوجوان ڇوڪريون بيٺيون هيون. جيڪي ايندڙ ويندڙ مسافرن کي سڏي
رهيون هيون.
”اچو لذيذ ماني کائو“.
”اسان کي خدمت جو موقعو ڏيو“.
”اسان کي هڪ دفعي ضرور آزمايو“.
هن هوٽل جو نالو ”هوٽل انڊين مينو ايوري ڊي “ هيو.
جيڪو موڪ ٽيلز هائوس، ريڊ بل روسٽر نمبر 7 تي واقع هئي. اسان وٽ جيڪا ڇوڪري آرڊر وٺڻ
لاءِ آئي،
”سر توهان ڇا کائڻ پسند ڪندو“؟.
”سڀ کان اول ته تون اسان کي پنهنجو نالو ٻڌاءِ ۽ اهو ٻڌاءِ تنهنجو
تعلق ڪهڙي ملڪ سان آهي“. مظفر پيار سان هن کان پڇيو.
”منهنجو نالو انيتا آهي ۽ منهنجو تعلق امرتسر انڊيا سان آهي“.
”ڏاڍو سٺو، هاڻي ٻڌائي ته توهان وٽ ڪهڙي شي تازي ۽ فريش آهي“.
”اسان وٽ هر شي تازي ۽ فريش هوندي آهي، بلڪ اسان جي ڪا به شي اڳ ۾
تيار ٿيل يا اسٽور ٿيل نه هوندي آهي، توهان جي آرڊر کان پوءِ ئي اسان اها تيار ڪنداسين“.
ڇوڪري به مظفر کي پيار سان سمجهائيندي چيو.
”ڀلا ماني تيار ٿيڻ ۾ ڪيترو وقت لڳندو“. مون هن کان پڇيو.
”گهٽ ۾ گهٽ اڌ منو ڪلاڪ کان مٿي وقت لڳندو“. هن جواب ڏنو.
”اهو ته تمام گهڻو وقت آهي، اسان کي بک لڳي آهي، توهان جيترو جلدي ٿي
سگهي ماني کڻي اچو“. سائين مختيار سمون صاحب هن کي چيو.
”مان ڪوشش ڪنديس ته جلد کان جلد توهان جي ٽيبل تي ماني لڳرايان“.
هن وري به کلي جواب ڏنو.
اسان جي اڳيان جيڪو مينو پيل هيو، ان جا ريٽ ڪجهه
هن ريت هيا. هتي هر شي ڊالرن ۾ هئي. هر بوتل 2 ڊالرن جي يعني 556.99 روپين جي.
سواءِ ريڊ بل جي جيڪا ٽن ڊالرن جي هئي. آئس ڪريم ميگنم 3.50 ڊالرن جي هئي. جڏهن ته
جوسن جو اگهه به گهڻو مٿي هيو. انب، پپيتو، ايواڪيڊو، اسٽرابيري، چاڪليٽ، اوريو
پنج ڊالرن جو هڪڙو گلاس هيو. جڏهن ته چانهه سليماني0.50 اڌ ڊالر، کير واري چانهه هڪڙو
ڊالر، ڪاري ڪافي 1.50 ڊالر، انڊين ٽي ٽن ڊالرن جي هئي. فريش جوسز ۾ نارنگي جو جوس ٽي
ڊالر، ڇانهين جو جوس ٽي ڊالر، ۽ پائين ايپل ۽ پپيتي جو جوس 4 ڊالرن ۾ هيو. يعني پاڪستاني
1113.99 روپين جو گلاس. جڏهن ته اسان وٽ سٺي ۾ سٺو گلاس به 200 يا 300 چار سو
روپين جو آهي. هاڻي اچون ٿا هن هوٽل جي ماني تي.
ٽي چپاتيون: 5 ڊالر يعني 1392.48 ته ٽي مانيون ٿيون
۽ في ماني تقريبن پنج سو روپين جي ٿي. جڏهن ته اسان وٽ چپاتي 20 روپين جي آهي وڌ
کان وڌ. پر اسان جي چپاتي پوءِ به هتان جي چپاتي کان سو ڀيرا بهتر آهي. ڇو ته هتان
جي چپاتي، ايڏي سنهڙي، ڦلڪڙي، هلڪڙي جو وڃي ٻه گرهه مس ٿئي. هاڻي توهان حساب ڪيو
ته هتي کائڻ پيئڻ ڪيترو مهانگو آهي. اهڙي ريت ٽي اڦراٽا 6 ڊالر، ٽي پوريون ۽ ڇولن
جي پيلٽ 6 ڊالر، آلو سبزي ڇهه ڊالر، گوبي 6 ڊالر، فراءِ ٿيل دال سڳوري 6 ڊالر، دال
تڙڪا 6 ڊالر، دال پالڪ 6 ڊالر، آلو مٽر ست ڊالر، بٽر پلاءُ ڇهه ڊالر، ٽماٽو رائيس
6 ڊالر، چڪن برگر 8 ڊالر، ايگ (انڊي وارو) سينڊوچ ڇهه ڊالر، چڪن سينڊوچ اٺ ڊالر، مڇي
جو ٻوڙ (فش ڪري) ست ڊالر، فش فراءِ ست ڊالر، گرلڊ فش 7 ڊالر، ڇولا مصالحي وارا 7 ڊالر،
حيدرآبادي چڪن برياني 9 ڊالر.
ان کان علاوه ايشين اسپيشل ۾ وري ناسي پتايا 9 ڊالر،
سنگاپور نوڊلز 8 ڊالر. چانورن ۾ وري ويجيٽيبل فرائيڊ رائيس 5 ڊالر، ايگ فرائيِڊ
رائيس 5 ڊالر. سووين ۾: ويجيٽيبل فرائيڊ نوڊلز 5 ڊالر، فرينچ فرائيز 5 ڊالر، گارلڪ
بريڊ 4 ڊالر. سوپ ۾ وري ويجيٽيبل سوپ چار ڊالر، چڪن سوويٽ ڪارن سوپ 5 ڊالر، چڪن
سوپ چار ڊالر، فش ۽ چپس 7 ڊالر، سلاد: گرين سلاد 5 ڊالر، ايگ سلاد 6 ڊالر، مڪس
سلاد 7 ڊالر. جڏهن بيف پزا 9 ڊالر ۽ ويجيٽيبل پزا 8 ڊالرن جو هيو.
اسان جي منجهند جي ماني جو
بل 700 روفيا آيو جيڪو پاڪستان حساب سان 12600 ٿيو. ڇهن ڄڻن جي ماني جو ايترو بل
مان سمجهان ٿو ته ٿورو گهڻو ٿي ويو هو. هتي پاڻيءَ جي ننڍي بوتل هڪ ڊالر يعني پاڪستان
278.50 روپين جي پئي. جيڪا اسان وٽ پاڪستان ۾ 50 روپين جي آهي. جڏهن ته وڏي بوتل
هتي ٻن ڊالرن جي ملي ٿي جيڪي پاڪستاني حساب سان 557 روپيا ٿين ٿا، جيڪا تمام گهڻي
مهانگي آهي. ڇو ته اها وڏي بوتل اسان وٽ 100 روپين جي آهي. پر هاڻي اها به مهانگي ٿي
ويئي آهي.
سو کاڌي پيتي جي حساب سان مالديپ تمام گهڻو مهانگو
آهي. جڏهن ته اندر گهٽين ۾ جيڪي دڪان هيا، انهن وٽ پاڻي جي بوتل 5 روفين جي هئي
يعني پاڪستاني 91 روپين جي پئي پوي. هتي ڪيمل سگريٽ 7 روپين جو ملي پئي جيڪو پاڪستاني
127 روپين جو هڪڙو سگريٽ ٿيو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment