رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ سَلۡمَانَ الۡفَارِسِی رضہ ؓ قَالَ خَطَبَنَا رَسُوۡلُ اللہ صلی
اللہ علیہ وسلم فِیۡ آخِرِ یَوۡمٍ مِّنۡ شُعۡبَانَ فَقَالَ یٰاَیُّھَا النَّاسُ
قَدۡ اَظَلَّکُمۡ شَھۡرٌ عَظَیۡمٌ شَھۡرٌ
مُبَارَکٌ فِیۡہِ لَیۡلَۃٌ خَیۡرٌ مِنۡ اَلۡفِ شَھۡرٍ جَعَلَ اللہُ صِیَامَہٗ
فَرِیۡضَۃً وَقِیَامَ لَیۡلِہٖ تَطَوُّعًا مَنۡ تَقَرَّبَ فِیۡہِ بِخۡصلَۃٍ مِنَ
الۡخَیۡرِ کَانَ کَمَنۡ اَدَّیٰ فَرِیۡضَۃً فِیۡمَا سِوَاہُ وَھُوَ شَھۡرُ
الصَّبۡرِ وَالصَّبۡرُ ثَوَابُہٗ اَلۡجَنَّۃُ وَشَھۡرُ الۡمُوَاساۃِ وَ شَھۡرٌ
یُزَادُ فِیۡہِ رِزۡقُ الۡمُؤمِنِ مَنۡ فَطَّرَفِیۡہِ صَاءِماً کَانَ لَہٗ
مَغَفِرَۃٌ لِذُنُوۡبِہٖ وَعِتۡقُ رَقۡبَتہٖ مِنۡ النَّارِ وَکَانَ لَہٗ مِثۡلُ
اَجۡرِہٖ مِنۡ غَیۡرِ اَنۡ یُنقَصَ مِنۡ اَجۡرِہٖ شَیءٌ قُلۡنَا یَارَسُوۡلَ اللہ
صلی اللھ علیہ وسلم لَیۡسَ کُلُّنَا یَجِدُ مَا یُفَطِّرُ بِہٖ الصَّاءِمَ فَقَالَ
رَسُوۡلُ اللھ صلی اللہ علیہ وسلم یُعۡطِی اللہُ ھَذا الثَّوَابَ مَنۡ فَطَّرَ
صَاءِماً عَلیٰ مُذۡقَۃٍ لَبَنٍ اَوۡ شَرۡبَۃٍ مِنۡ مَاءٍ وَمَنۡ اَشۡبَعَ
صَاءِماً سَقَاہُ اللہُ مِنۡ حَوۡضِیۡ شَرُبَۃً لاَ یَظۡمَأُ حَتّٰی یَدۡخُلَ
الۡجَنَّۃَ۔ وَھُوَ شَھۡرٌ اَوَّلَہٗ رَحۡمَۃٌ وَاَوۡسَطُہٗ مَغۡفِرَۃٌ وَ
اٰخِرُہٗ عِتۡقٌ مِنَ النَّارِ وَمَنۡ خَفَّفَ عَنۡ مَمَلُوۡکِہٖ فِیۡہِ
غَفَرَاللہُ لَہٗ وَاَعۡتَقَہٗ مِنَ النَّارِ رواھ البیھقی فی شعب الایمان۔ (مشکواۃ
المصابیح کتاب الصوم الفصل الثالث ج 1 ص 173-174)
”حضرت سلمان فارسي ؓ کان
روايت آهي ته
شعبان المعظم جي آخري تاريخ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن اسان کي هڪ خطبو ڏنو ان
۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”اي انسانو توهان تي هڪ عظمت ۽ برڪت وارو مهينو اچي
رهيو آهي، ان بابرڪت مهيني جي هڪ رات (يعني ليلة القدر) هزار مهينن کان بهتر آهي،
ان مهيني جا روزا الله پاڪ فرض ڪيا آهن ۽ ان مهيني جي راتين ۾ بارگاهه خداوندي ۾
قيام ڪرڻ (يعني نماز تراويح پڙهڻ) کي نفل عبادت قرار ڏنو آهي. (جنهن جو وڏو ثواب
مقرر فرمايو آهي) جيڪو شخص انهيءَ مهيني ۾ الله پاڪ جي رضا ۽ ان جي قرب حاصل ڪرڻ
جي خاطر ڪائي غير فرض عبادت (يعني سنت يا نفل) ادا ڪندو ته ان کي ٻين ڏينهن جي فرض
جي برابر اجر ۽ ثواب ملندو. ۽ ان مهيني ۾ فرض ادا ڪرڻ جو ثواب ٻين ڏينهن جي ستر
فرضن جي برابر ملندو. ۽ هي مهينو صبر جو آهي ۽ صبر جو بدلو جنت آهي. ۽ هيءَ همدردي
۽ غمخواريءَ جو مهينو آهي، ۽ اهو ئي اهو مهينو آهي جنهن ۾ مؤمن جي رزق ۾ اضافو ڪيو
ويندو آهي. جنهن شخص ان مهيني ۾ ڪنهن روزيدار کي (الله پاڪ جي رضا جي خاطر) روزو
کولرايو ته ان جي لاءِ گناهن کان مغفرت ۽ جهنم جي باهه کان آزاديءَ جو ذريعو
بڻجندو . ۽ ان کي روزيدار جي اجر ۽ ثواب جي برابر ثواب ملندو ۽ روزيدار جي ثواب ۾
به ڪائي ڪمي نه ڪئي ويندي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن کان سوال ڪيو ويو ته اي الله جا رسول ﷺ!
اسان مان هر هڪ کي ته ايتري طاقت نه آهي جو روزيدار کي افطار ڪرائي (ته ڇا غريب
اهلِ اسلام هن عظيم ثواب ۽ اجر کان محروم رهندا) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله
پاڪ اهو ثواب ان شخص کي به ڏيندو جيڪو کير جي ٿوريءَ لسيءَ کي يا صرف پاڻيءَ جي هڪ
ڍُڪ تي ڪنهن روزيدار کي افطار ڪرائي ۽ روزو کولرائي. ۽ جيڪو شخص ڪنهن روزيدار کي
پورو کاڌو کارائيندو ته ان کي الله پاڪ منهنجي حوض ڪوثر مان پاڻيءَ جو اهڙو ته ڍؤ
ڪرائيندو جنهن کان پوءِ ان کي ڪڏهن به اڃ نه لڳندي تيستائين جو اهو جنت ۾ پهچي وڃي
۽ ان مبارڪ مهيني جو پهريون حصو رحمت آهي ۽ وچون حصو مغفرت آهي ۽ آخري حصو جهنم جي
باهه کان آزادي آهي ۽ جيڪو شخص هن مهيني ۾ پنهنجي غلام ۽ خادم (نوڪر ۽ مزدور) جي
ڪم ۾ تخفيف ۽ هلڪائي ڪندو ته الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائيندو ۽ ان کي دوزخ کان
آزادي ڏيندو.“
هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن مبارڪ مهيني جي فضيلت کي بيان ڪندي
فرمايو ته هن ۾ هڪ نفل جو ثواب ٻين مهينن جي فرض جي برابر آهي ۽ هن جي هڪ فرض جو
ثواب ٻين مهينن جي ستر فرضن جي برابر آهي. اسان کي به پنهنجين پنهنجين عبادتن جي
طرف به ٿوري غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هن مبارڪ مهيني ۾ فرضن جو اسان ڪيتري قدر
اهتمام ڪيون ٿا ۽ نفلن ۾ ڪيتري قدر اضافو ٿئي ٿو. فرضن ۾ ته اسان جي اهتمام جي اها
حالت آهي جو سحري کائڻ کان جيڪي سمهي پون ٿا ته اڪثر ڪري صبح جي نماز به انهن کان
قضا ٿي ويندي آهي.
۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن وڌيڪ ارشاد فرمايو ته هيءُ صبر جو مهينو آهي يعني
اگر روزي جي حالت ۾ ڪجهه تڪليف پهچي ته ان کي شوق ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي ۽
بي صبريءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ۽ اگر رات جي وقت تراويحن ۾ دقت ۽ تڪليف محسوس ٿئي
ته ان کي به وڏي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي ان کي مصيبت نه سمجهڻ گهرجي.
۽ ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هيءُ غمخواريءَ جو مهينو آهي
يعني هن مهيني ۾ خاص طور تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان همدرديءَ جي برتاؤ ڪرڻ گهرجي.
اگر پنهنجي لاءِ سحري ۽ افطاريءَ ۾ پنج شيون تيار ڪيون ويون هجن ته انهن مان هڪ ٻه
شيون انهن کي به ڏيڻ گهرجن.
ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي فضيلت بيان ڪندي فرمايو
ته هن مهيني جو پهريون عشرو يعني پهريان ڏهه ڏينهن رحمت آهي يعني الله پاڪ جو
انعام متوجه ٿيندو آهي ۽ اها رحمت سمورن مسلمانن جي لاءِ هوندي آهي ۽ جيڪي ماڻهون
ان جو شڪريو ادا ڪندا آهن ته انهن جي لاءِ ان رحمت ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. ۽ هن
مهيني جو درمياني حصو مغفرت جو آهي ان ڪري جو روزن جو ڪجهه حصو گذري چڪو آهي ان جو
معاوضو ۽ بدلو مغفرت سان گڏ شروع ٿيندو آهي ۽ ان مهيني جو آخري حصو بالڪل جهنم جي
باهه کان خلاصي ۽ آزاديءَ جو عشرو آهي.
الله پاڪ رمضان المبارڪ جي مبارڪ ڏينهن کي ٽن حصن ۾ تقسيم فرمايو ان
ڪري جو هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان مستفيد ٿيڻ وارا ماڻهون به ٽن قسمن جا ٿي سگهن
ٿا. هڪ اهي ماڻهو جيڪي هميشه گناهن ۽ نافرمانين کان بچڻ جو اهتمام ڪندا آهن جڏهن
به انهن کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ته انهيءَ وقت توبه ۽ استغفار سان ان جي معافي ۽
تلافي ڪندا آهن، ته اهڙن ٻانهن تي ته شروع مهيني کان وٺي بلڪه رمضان المبارڪ جي
پهرين رات کان ئي الله پاڪ جي رحمتن جي بارش انهن تي وسڻ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو طبقو انهن ماڻهن جو آهي جيڪي اهڙي قسم جا متقي ۽ پرهيزگار ته نه
هوندا آهن ليڪن بلڪل به وَيَل نه آهن، ته اهڙا ماڻهون جڏهن رمضان المبارڪ جي
ابتدائي حصي ۾ روزن ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۽ توبه و استغفار جي ذريعي پنهنجي حال کي بهتر ۽
پنهنجو پاڻ کي رحمت ۽ مغفرت جي لائق بڻائيندا آهن ته درمياني حصي ۾ انهن ماڻهن جي
به مغفرت ۽ معافيءَ جو اعلان ۽ فيصلو ڪيو ويندو آهي. ٽيان اهي ماڻهو جيڪي گهڻا
گناهگار آهن اهي به جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرئين ۽ ٻئي حصي ۾ عام مسلمانن سان گڏ
روزا رکي ۽ توبه و استغفار ڪري پنهنجي گناهن جي ڪجهه معافي ۽ تلافي ڪندا آهن ته
رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ الله پاڪ دوزخ مان انهن جي نجات ۽ رهائي جو اعلان ۽
فيصلو فرمائيندو آهي.
هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن آقا ۽ مالڪ کي ترغيب ڏياري آهي ته اهو
پنهنجي ملازمن تي هن مهيني ۾ ڪجهه نرمي ڪري ۽ انهن کان ڪم گهٽ وٺي ان ڪري جو اهي
ملازم ۽ نوڪر به روزيدار آهن، ڪم جي گهڻائي جي ڪري انهن کي روزي رکڻ ۾ تڪليف
ٿيندي. ۽ انهن سان انتهائي رحمت ۽ شفقت جي معاملو ڪيو وڃي.
Comments
Post a Comment