احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
رمضان
شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ سَلۡمَانَ الۡفَارِسِی رضہ ؓ قَالَ خَطَبَنَا رَسُوۡلُ اللہ صلی
اللہ علیہ وسلم فِیۡ آخِرِ یَوۡمٍ مِّنۡ شُعۡبَانَ فَقَالَ یٰاَیُّھَا النَّاسُ
قَدۡ اَظَلَّکُمۡ شَھۡرٌ عَظَیۡمٌ شَھۡرٌ
مُبَارَکٌ فِیۡہِ لَیۡلَۃٌ خَیۡرٌ مِنۡ اَلۡفِ شَھۡرٍ جَعَلَ اللہُ صِیَامَہٗ
فَرِیۡضَۃً وَقِیَامَ لَیۡلِہٖ تَطَوُّعًا مَنۡ تَقَرَّبَ فِیۡہِ بِخۡصلَۃٍ مِنَ
الۡخَیۡرِ کَانَ کَمَنۡ اَدَّیٰ فَرِیۡضَۃً فِیۡمَا سِوَاہُ وَھُوَ شَھۡرُ
الصَّبۡرِ وَالصَّبۡرُ ثَوَابُہٗ اَلۡجَنَّۃُ وَشَھۡرُ الۡمُوَاساۃِ وَ شَھۡرٌ
یُزَادُ فِیۡہِ رِزۡقُ الۡمُؤمِنِ مَنۡ فَطَّرَفِیۡہِ صَاءِماً کَانَ لَہٗ
مَغَفِرَۃٌ لِذُنُوۡبِہٖ وَعِتۡقُ رَقۡبَتہٖ مِنۡ النَّارِ وَکَانَ لَہٗ مِثۡلُ
اَجۡرِہٖ مِنۡ غَیۡرِ اَنۡ یُنقَصَ مِنۡ اَجۡرِہٖ شَیءٌ قُلۡنَا یَارَسُوۡلَ اللہ
صلی اللھ علیہ وسلم لَیۡسَ کُلُّنَا یَجِدُ مَا یُفَطِّرُ بِہٖ الصَّاءِمَ فَقَالَ
رَسُوۡلُ اللھ صلی اللہ علیہ وسلم یُعۡطِی اللہُ ھَذا الثَّوَابَ مَنۡ فَطَّرَ
صَاءِماً عَلیٰ مُذۡقَۃٍ لَبَنٍ اَوۡ شَرۡبَۃٍ مِنۡ مَاءٍ وَمَنۡ اَشۡبَعَ
صَاءِماً سَقَاہُ اللہُ مِنۡ حَوۡضِیۡ شَرُبَۃً لاَ یَظۡمَأُ حَتّٰی یَدۡخُلَ
الۡجَنَّۃَ۔ وَھُوَ شَھۡرٌ اَوَّلَہٗ رَحۡمَۃٌ وَاَوۡسَطُہٗ مَغۡفِرَۃٌ وَ
اٰخِرُہٗ عِتۡقٌ مِنَ النَّارِ وَمَنۡ خَفَّفَ عَنۡ مَمَلُوۡکِہٖ فِیۡہِ
غَفَرَاللہُ لَہٗ وَاَعۡتَقَہٗ مِنَ النَّارِ رواھ البیھقی فی شعب الایمان۔ (مشکواۃ
المصابیح کتاب الصوم الفصل الثالث ج 1 ص 173-174)
”حضرت سلمان فارسي ؓ کان
روايت آهي ته
شعبان المعظم جي آخري تاريخ تي پاڻ ڪريم ﷺ جن اسان کي هڪ خطبو ڏنو ان
۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته ”اي انسانو توهان تي هڪ عظمت ۽ برڪت وارو مهينو اچي
رهيو آهي، ان بابرڪت مهيني جي هڪ رات (يعني ليلة القدر) هزار مهينن کان بهتر آهي،
ان مهيني جا روزا الله پاڪ فرض ڪيا آهن ۽ ان مهيني جي راتين ۾ بارگاهه خداوندي ۾
قيام ڪرڻ (يعني نماز تراويح پڙهڻ) کي نفل عبادت قرار ڏنو آهي. (جنهن جو وڏو ثواب
مقرر فرمايو آهي) جيڪو شخص انهيءَ مهيني ۾ الله پاڪ جي رضا ۽ ان جي قرب حاصل ڪرڻ
جي خاطر ڪائي غير فرض عبادت (يعني سنت يا نفل) ادا ڪندو ته ان کي ٻين ڏينهن جي فرض
جي برابر اجر ۽ ثواب ملندو. ۽ ان مهيني ۾ فرض ادا ڪرڻ جو ثواب ٻين ڏينهن جي ستر
فرضن جي برابر ملندو. ۽ هي مهينو صبر جو آهي ۽ صبر جو بدلو جنت آهي. ۽ هيءَ همدردي
۽ غمخواريءَ جو مهينو آهي، ۽ اهو ئي اهو مهينو آهي جنهن ۾ مؤمن جي رزق ۾ اضافو ڪيو
ويندو آهي. جنهن شخص ان مهيني ۾ ڪنهن روزيدار کي (الله پاڪ جي رضا جي خاطر) روزو
کولرايو ته ان جي لاءِ گناهن کان مغفرت ۽ جهنم جي باهه کان آزاديءَ جو ذريعو
بڻجندو . ۽ ان کي روزيدار جي اجر ۽ ثواب جي برابر ثواب ملندو ۽ روزيدار جي ثواب ۾
به ڪائي ڪمي نه ڪئي ويندي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن کان سوال ڪيو ويو ته اي الله جا رسول ﷺ!
اسان مان هر هڪ کي ته ايتري طاقت نه آهي جو روزيدار کي افطار ڪرائي (ته ڇا غريب
اهلِ اسلام هن عظيم ثواب ۽ اجر کان محروم رهندا) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته الله
پاڪ اهو ثواب ان شخص کي به ڏيندو جيڪو کير جي ٿوريءَ لسيءَ کي يا صرف پاڻيءَ جي هڪ
ڍُڪ تي ڪنهن روزيدار کي افطار ڪرائي ۽ روزو کولرائي. ۽ جيڪو شخص ڪنهن روزيدار کي
پورو کاڌو کارائيندو ته ان کي الله پاڪ منهنجي حوض ڪوثر مان پاڻيءَ جو اهڙو ته ڍؤ
ڪرائيندو جنهن کان پوءِ ان کي ڪڏهن به اڃ نه لڳندي تيستائين جو اهو جنت ۾ پهچي وڃي
۽ ان مبارڪ مهيني جو پهريون حصو رحمت آهي ۽ وچون حصو مغفرت آهي ۽ آخري حصو جهنم جي
باهه کان آزادي آهي ۽ جيڪو شخص هن مهيني ۾ پنهنجي غلام ۽ خادم (نوڪر ۽ مزدور) جي
ڪم ۾ تخفيف ۽ هلڪائي ڪندو ته الله پاڪ ان جي مغفرت فرمائيندو ۽ ان کي دوزخ کان
آزادي ڏيندو.“
هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن مبارڪ مهيني جي فضيلت کي بيان ڪندي
فرمايو ته هن ۾ هڪ نفل جو ثواب ٻين مهينن جي فرض جي برابر آهي ۽ هن جي هڪ فرض جو
ثواب ٻين مهينن جي ستر فرضن جي برابر آهي. اسان کي به پنهنجين پنهنجين عبادتن جي
طرف به ٿوري غور ڪرڻ جي ضرورت آهي ته هن مبارڪ مهيني ۾ فرضن جو اسان ڪيتري قدر
اهتمام ڪيون ٿا ۽ نفلن ۾ ڪيتري قدر اضافو ٿئي ٿو. فرضن ۾ ته اسان جي اهتمام جي اها
حالت آهي جو سحري کائڻ کان جيڪي سمهي پون ٿا ته اڪثر ڪري صبح جي نماز به انهن کان
قضا ٿي ويندي آهي.
۽ پاڻ ڪريم ﷺ جن وڌيڪ ارشاد فرمايو ته هيءُ صبر جو مهينو آهي يعني
اگر روزي جي حالت ۾ ڪجهه تڪليف پهچي ته ان کي شوق ۽ خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي ۽
بي صبريءَ کان پرهيز ڪرڻ گهرجي. ۽ اگر رات جي وقت تراويحن ۾ دقت ۽ تڪليف محسوس ٿئي
ته ان کي به وڏي خوشيءَ سان برداشت ڪرڻ گهرجي ان کي مصيبت نه سمجهڻ گهرجي.
۽ ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته هيءُ غمخواريءَ جو مهينو آهي
يعني هن مهيني ۾ خاص طور تي غريب ۽ مسڪين ماڻهن سان همدرديءَ جي برتاؤ ڪرڻ گهرجي.
اگر پنهنجي لاءِ سحري ۽ افطاريءَ ۾ پنج شيون تيار ڪيون ويون هجن ته انهن مان هڪ ٻه
شيون انهن کي به ڏيڻ گهرجن.
ان کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي فضيلت بيان ڪندي فرمايو
ته هن مهيني جو پهريون عشرو يعني پهريان ڏهه ڏينهن رحمت آهي يعني الله پاڪ جو
انعام متوجه ٿيندو آهي ۽ اها رحمت سمورن مسلمانن جي لاءِ هوندي آهي ۽ جيڪي ماڻهون
ان جو شڪريو ادا ڪندا آهن ته انهن جي لاءِ ان رحمت ۾ اضافو ڪيو ويندو آهي. ۽ هن
مهيني جو درمياني حصو مغفرت جو آهي ان ڪري جو روزن جو ڪجهه حصو گذري چڪو آهي ان جو
معاوضو ۽ بدلو مغفرت سان گڏ شروع ٿيندو آهي ۽ ان مهيني جو آخري حصو بالڪل جهنم جي
باهه کان خلاصي ۽ آزاديءَ جو عشرو آهي.
الله پاڪ رمضان المبارڪ جي مبارڪ ڏينهن کي ٽن حصن ۾ تقسيم فرمايو ان
ڪري جو هن مبارڪ مهيني جي برڪتن مان مستفيد ٿيڻ وارا ماڻهون به ٽن قسمن جا ٿي سگهن
ٿا. هڪ اهي ماڻهو جيڪي هميشه گناهن ۽ نافرمانين کان بچڻ جو اهتمام ڪندا آهن جڏهن
به انهن کان ڪا غلطي ٿي ويندي آهي ته انهيءَ وقت توبه ۽ استغفار سان ان جي معافي ۽
تلافي ڪندا آهن، ته اهڙن ٻانهن تي ته شروع مهيني کان وٺي بلڪه رمضان المبارڪ جي
پهرين رات کان ئي الله پاڪ جي رحمتن جي بارش انهن تي وسڻ شروع ٿيندي آهي.
ٻيو طبقو انهن ماڻهن جو آهي جيڪي اهڙي قسم جا متقي ۽ پرهيزگار ته نه
هوندا آهن ليڪن بلڪل به وَيَل نه آهن، ته اهڙا ماڻهون جڏهن رمضان المبارڪ جي
ابتدائي حصي ۾ روزن ۽ ٻين نيڪ ڪمن ۽ توبه و استغفار جي ذريعي پنهنجي حال کي بهتر ۽
پنهنجو پاڻ کي رحمت ۽ مغفرت جي لائق بڻائيندا آهن ته درمياني حصي ۾ انهن ماڻهن جي
به مغفرت ۽ معافيءَ جو اعلان ۽ فيصلو ڪيو ويندو آهي. ٽيان اهي ماڻهو جيڪي گهڻا
گناهگار آهن اهي به جڏهن رمضان المبارڪ جي پهرئين ۽ ٻئي حصي ۾ عام مسلمانن سان گڏ
روزا رکي ۽ توبه و استغفار ڪري پنهنجي گناهن جي ڪجهه معافي ۽ تلافي ڪندا آهن ته
رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ الله پاڪ دوزخ مان انهن جي نجات ۽ رهائي جو اعلان ۽
فيصلو فرمائيندو آهي.
هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن آقا ۽ مالڪ کي ترغيب ڏياري آهي ته اهو
پنهنجي ملازمن تي هن مهيني ۾ ڪجهه نرمي ڪري ۽ انهن کان ڪم گهٽ وٺي ان ڪري جو اهي
ملازم ۽ نوڪر به روزيدار آهن، ڪم جي گهڻائي جي ڪري انهن کي روزي رکڻ ۾ تڪليف
ٿيندي. ۽ انهن سان انتهائي رحمت ۽ شفقت جي معاملو ڪيو وڃي.
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment