محمد بن موسيٰ انخوارزمي
مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون
سنڌيڪار: جوھر بروھي
محمد بن موسيٰ انخوارزمي
محمد بن موسيٰ 780ع
۾ خوارزم ۾ پيدا ٿيو ننڍپڻ ۾ سندس گھراڻو لڏي بغداد جي آس پاس رھڻ لڳو. ھن جي
ابتدائي زندگي جو احوال گھٽ ملي ٿو. البت 847ع ۾ وفات ڪري ويو.
علم رياضي جي
سلسلي ۾ ھن وڏا ڪارناما ڪيا ۽ دنيا جو عظيم رياضي دان بڻيو سندس ڪتاب (الجبر
والمقابله) جو ٻارھين صدي ۾ ترجمو ٿيو ۽ سورھين صدي تائين يورپ جي يونيورسٽين جي
حسابن جي نصاب ۾ رھيو. ھي اھو ڪتاب آھي. جنھن يورپ وارن کي آلجبرا کان واقف
ڪيو ۽ خوارزمي جي ڪوشش يورپ کي اعشاريه
(ڏھائي سرشتي) جي ڄاڻ ڏني.
خوارزمي جو سڀ کان
وڏو ڪارنامو ٻڙي (صفر Zero)
جي ايجاد آھي ھي پھريون شخص آھي جنھن
انگن ۾ ٻڙي جو استعمال ڪيو. جنھن ڪري حساب ڪتاب سولو ٿي ويو. حساب ڪتاب بابت سندس
ڪتاب (ڪتاب الجمع وَالتفريق) جي نالي سان مشھور آھي. ان جا ڪافي ترجما ٿيا. اطالوي
زبان ۾ ھن ڪتاب جا ترجما اڄ سوڌو موجود آھن.
خوارزمي به علم
مثلث Trigonometry
۾
وڏي محنت ڪئي. ھن علم ۾ سندس وڏي خدمت، ان جو جوڙيل اھو شيڊول آھي. جنھن ۾ ھن (زاويه
جيب) (ٻن ليڪن جي ملڻ سان جڙندڙ ڪُنڊ) ۽ (مُماسُ (ھڪ ليڪ کي ٻي ڇُھي گذرندڙ لڪير)
جي جوڙ جڪ ڪئي. 1966ع ۾ سندس ڪتاب جو لاطيني ۾ ترجمو ٿيو.
خوارزمي علم
فلڪيات جو ماھر ھو. درياھھ فرات جي اُتر ۾ سج جي زوال جي ماپ ڪئي، ان وقت ماھرن ھڪ
اھڙو طريقو اختيار ڪيو جيڪو يونانين جي طريقي کان ڀلو ھو. ان منجھان مقصد ڌرتي جي
ماپ ڪرڻ ھو. ماھرن جي ان ٽيم جو سربراھ خوارزمي ھو. خوارزمي فلڪيات بابت ھڪ مختصر
ڪتاب جوڙيو ۽ زج جي نالي سان پنھنجو ھڪ شيڊول به ٺاھيو ھو. جنھن جو ٻن سو سالن کان
پوءِ اسپين ۾ 1132ع ۾ لاطيني ۾ ترجمو ٿيو. ان کان پوءِ مشرق يا مغرب ۾ جيڪا به فلڪيات
بابت تحقيق ٿي. انھن سڀني ۾ ھن شيڊول کي بنيادي اھميت رھي. خوارزمي (اصطرلاب) نالي
ھڪ اوزار (جنھن سان ستارن جي بلندي، ماڳ ۽ رفتار جي ڄاڻ ملي ٿي) به ايجاد ڪيو ھو.
ان مضمون ۾ ھن ٻه ڪتاب به لکيا. ھڪ ۾ ان اوزار جوڙڻ ۽ ٻئي ڪتاب ۾ ان اوزار جي
استعمال جو طريقو لکيو. ھن (اُس گھڙي) واچ بابت ڪتاب لکيو. جيڪو ناياب آھي.
خوارزمي جاگرافي
بابت (صوت الارض) نالي ڪتاب به لکيو. جنھن ۾ جاگرافي جا نقشا به ڏنا ويا. اھو ڪتاب
اڄ به جرمني ۾ محفوظ آھي. سي اي نيليسو لاطيني ۾ ھن ڪتاب جو ترجمو ڪيو.ھي اعتراف به
ڪيو ته ھي ڪتاب اھڙو ڪارنامو آھي جو ڪابه يورپي قوم پنھنجي سائنسي ترقي جي آغاز ۾
پيش نه ٿي ڪري سگھي.
Comments
Post a Comment