اعتڪاف جو بيان


احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
اعتڪاف جو بيان
-------
رمضان المبارڪ ۽ خاص طور تي ان جي آخري ڏهاڪي جي اعمالن مان هڪ اهم ترين عمل اعتڪاف ڪرڻ به آهي. اعتڪاف جي حقيقت هي آهي ته هر طرف کان يڪسوئي ۽ سڀني کان الڳ ٿي ڪري صرف الله پاڪ سان دل جو تعلق لڳائجي ۽ ان جي دروازي تي انسان ڪري پوي. ۽ سڀني کان الڳ ۽ جدا اڪيلائي ۾ ان جي عبادت ۽ ان جي ذڪر و فڪر ۾ مشغول رهي، ۽ ان جي عبادت جي لاءِ بهترين وقت رمضان المبارڪ ۽ خاص طور تي ان جو آخري عشرو ئي ٿي سگهي پيو تنهنڪري ان کي اعتڪاف جي لاءِ منتخب ڪيو ويو آهي.


روح جي تربيت ۽ ترقيءَ ۽ نفساني قوتن تي ان کي غالب ڪرڻ جي لاءِ پورو مهينو رمضان المبارڪ جا روزا ته پوري امت جي ماڻهن تي فرض ڪيا ويا آهن گوياڪه پنهنجي باطن ۾ ملڪوتيت کي غالب ۽ حيوانيت کي مغلوب ڪرڻ جي لاءِ ايترو مجاهدو ۽ نفساني خواهشات جي ايتري قرباني ته هر مسلمان تي لازم ڪئي وئي ته اهو هن پوري مبارڪ ۽ مقدس مهيني ۾ الله پاڪ جي حڪم جي تعميل ڪندي روزي جي حالت ۾ رهي ۽ ان سان گڏ هر قسم جي گناهن بلڪه فضول ۽ بيڪار ڳالهين کان پرهيز ڪري ۽ هي پورو مبارڪ مهينو انهن پابندين سان گذاري، ۽ ان کان اڳتي تعلق بالله ۾ ترقي ۽ ملا اعليٰ سان خصوصي مناسبت پيدا ڪرڻ جي لاءِ اعتڪاف کي مقرر ڪيو ويو آهي.
اعتڪاف جي دوران ٻانهو سڀني کان جدا ۽ الڳ ٿي ڪري پنهنجي مالڪ ۽ مولاٰ جي آستاني تي ۽ ڄڻ تي ان جي پيرن ۾ ڪِري پوندو آهي ۽ ان کي ياد ڪندو آهي ۽ ان جي تسبيح ۽ تحميد ڪندو آهي ۽ ان جي درٻار ۾ توبه و استغفار ڪندو آهي ۽ ان رحيم ۽ ڪريم ذات کان رحمت ۽ مغفرت گهرندو  آهي، انهيءَ حال ۾ ان جا ڏينهن ۽ راتيون گذرنديون آهن، پاڻ ڪريم ﷺ جن وڏي اهتمام سان هر سال رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف ڪندا هئا، بلڪه هڪ سال ڪنهن سبب جي ڪري اعتڪاف رهجي ويو ته ٻئي سال پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻن ڏهاڪن جو اعتڪاف فرمايو هيو.

(1)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ رضہ قَالَتۡ اِنَّ النَّبِیَّ صلى الله عليه وسلم   کَانَ یَعۡتَکِفُ الۡعَشۡرَ الۡاَوَاخِرَ مِنۡ رَمَضَانَ حَتّٰی تَوَفَّاہُ اللہُ ثُمَّ اِعۡتَکَفَ اَزۡوَاجُہٗ مِنۡ بَعۡدِہٖ۔ (مسلم شریف کتاب الاعتکاف باب الاعتکاف فی العشر الاواخر من رمضان ج 1 سنن ابن ماجۃ ابواب الاعتکاف باب الاعتکاف فی العشر۔)
”حضرت عائشه صديقه ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي آخري ڏهاڪي ۾ اعتڪاف ڪندا هئا، ۽ وفات تائين پاڻ ڪريم ﷺ جن جو اهو ئي معمول رهيو، پاڻ ڪريم ﷺ جن کان پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون گهر واريون اهتمام سان اعتڪاف ڪنديون هيون.
ازواج مطهرات پنهنجن حجرن ۾ اعتڪاف ڪنديون هيون ۽ عورتن جي لاءِ اعتڪاف ڪرڻ جي جڳهه انهن جي گهرن جي اها ئي جڳهه آهي جيڪا انهن نماز ادا ڪرڻ جي لاءِ مقرر ڪئي هجي. اگر گهر ۾ نماز جي لاءِ ڪا خاص جڳهه مقرر نه هجي ته پوءِ اعتڪاف ڪرڻ وارين عورتن کي ڪا اهڙي جڳهه مقرر ڪرڻ گهرجي.
       
(2)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ أَنَسِ رضہ قَالَ  قَالَ كَانَ النَّبِيُّ صلى الله عليه وسلم يَعْتَكِفُ فِي الْعَشْرِ الأَوَاخِرِ مِنْ رَمَضَانَ فَلَمْ يَعْتَكِفْ عَامًا فَلَمَّا كَانَ فِي الْعَامِ الْمُقْبِلِ اعْتَكَفَ عِشْرِينَ  ۔ (ترمذی شریف کتاب الاعتکاف باب ماجاء فی الاعتکاف اذا خرج منہ ج 1 ص 99)
”حضرت انس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ اعتڪاف فرمائيندا هئا، هڪ سال پاڻ ڪريم ﷺ جن اعتڪاف نه ڪري سهگيا ته ٻئي سال ويهن ڏينهن جو اعتڪاف فرمايائون.
هن حديث شريف ۾ اها ڳالهه مذڪور نه آهي ته هڪ سال جي اعتڪاف نه ٿي سگهڻ جي ڇا وجه پيش آئي هئي. ليڪن سنن ابو داؤد شريف ۽ سنن نسائي شريف ۾ حضرت ابي بن ڪعب ؓ  جي روايت ڪيل حديث ۾ تصريح آهي ته هڪ سال رمضان المبارڪ جي آخري عشري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن کي سفر ڪرڻو پئجي ويو هيو. ان جي ڪري اعتڪاف نه ٿي سگهيو هيو، تنهن ڪري پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻئي سال ويهن ڏينهن جو اعتڪاف فرمايو هيو. ۽ حضرت ابو هريرة ؓ  کان روايت آهي ته جنهن سال پاڻ ڪريم ﷺ جن جو وصال ٿيو هيو ان سال جي رمضان المبارڪ ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن ويهن ڏينهن جو اعتڪاف فرمايو هيو.

(3)   ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنِ عَبَّاسٍ رضہ أَنَّ رَسُولَ اللَّهِ  صلى الله عليه وسلم  قَالَ فِي الْمُعْتَكِفِ ‏‏ هُوَ يَعْكِفُ الذُّنُوبَ وَيُجْرَى لَهُ مِنَ الْحَسَنَاتِ كَعَامِلِ الْحَسَنَاتِ كُلِّهَا  ۔ (سنن ابن ماجۃ ابواب العتکاف باب فی ثواب الاعتکاف)
”حضرت عبدالله بن عباس ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن اعتڪاف ڪرڻ واري شخص جي باري ۾ فرمايو ته اهو (اعتڪاف ڪرڻ جي ڪري ۽ مسجد ۾ مقيد هجڻ جي ڪري) گناهن کان بچندو آهي ۽ ان جي نيڪين جو حساب سمورن نيڪين ڪرڻ وارن ٻانهن وانگر جاري رهندو آهي ۽ (ان جو ثواب) اعمال نامي ۾ لکيو ويندو آهي...
جڏهن انسان اعتڪاف جي نيت سان پنهنجو پاڻ کي مسجد شريف ۾ مقيد ۽ بند ڪندو آهي ته اگرچه اهو عبادت ۽ ذڪر و تلاوت جي ذريعي پنهنجين نيڪين ۾ خوب اضافو ڪندو آهي ليڪن ڪجهه وڏين نيڪين ڪرڻ کان اهو مجبور به ٿيندو آهي مثال جي طور تي اهو بيمارن جي عيادت نه ڪري سگهندو آهي جيڪو وڏي ثواب جو ڪم آهي اهڙيءَ طرح اهو جنازي نماز ۾ شرڪت نٿو ڪري سگهي، ۽ ميت سان گڏ قبرستان ۾ نٿو وڃي سگهي جنهن جي هڪ هڪ قدم تي گناهه معاف ٿيندا آهن ۽ نيڪيون لکيون وينديون آهن. ليڪن هن حديث شريف ۾ اعتڪاف ڪرڻ واري شخص کي خوشخبري ٻڌائي وئي آهي ته ان جي اعمال نامي ۾ الله پاڪ جي حڪم سان اهي سموريون نيڪيون به لکيون وينديون آهن جنهن جي ڪرڻ کان اهو شخص اعتڪاف جي ڪري مجبور هوندو آهي.

رمضان جي آخري ڏهاڪي جو اعتڪاف سنت مؤڪده آهي
مسئله:
رمضان شريف جي آخري عشري جو اعتڪاف ڪرڻ سنت مؤڪده ڪفايه آهي ۽ ان جي اعتڪاف جي لاءِ روزو شرط آهي يعني روزي کان بغير اعتڪاف ادا نه ٿيندو، ۽ اگر اهو اعتڪاف فاسد ٿي وڃي ۽ ڀڄي پوي يا ٽوڙيو وڃي ته حضرت امام اعظم ابو حنيفه رحه ۽ حضرت امام محمد رحه جن جي نزديڪ صرف ان ڏينهن جي قضا ڪري جنهن ڏينهن اعتڪاف ڀڳو آهي ۽ حضرت امام ابو يوسف رحه جي نزديڪ پورن ڏهن ڏينهن جي يا ڪم از ڪم باقي رهيل ڏينهن جي قضا واجب آهي ۽ حضرت امام ابو يوسف رحه جي قول تي عمل ڪرڻ ۾ زياده احتياط آهي.
(الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 156۔ 157۔ 180 )
       
اعتڪاف ۾ ويهين تاريخ جي سج لهڻ کان پهريون ويهڻ گهرجي
مسئله:
رمضان شريف جي آخري عشري جي اعتڪاف ڪرڻ جي لاءِ سنت طريقو هي آهي ته ويهين تاريخ جي شام جو سج لهڻ کان پهريون پهريون مسجد ۾ داخل ٿيڻ گهرجي ڇو جو پاڻ ڪريم ﷺ جن آخري عشري جو اعتڪاف فرمايو هيو ۽ ڏهن ڏينهن جو اعتڪاف تڏهن ئي پورو ٿيندو جڏهن ويهين تاريخ جي شام کان اعتڪاف ڪيو وڃي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 177۔ مرقات المفاتیح شرح مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 570)

جنهن مسجد ۾ پنج وقت جماعت نه ٿيندي هجي ان ۾ اعتڪاف ڪرڻ
مسئله:
اگر ڪنهن ڳوٺ ۾ اهڙي مسجد هجي جتي پنج وقت نماز باجماعت نه ٿيندي هجي ته اهڙي مسجد ۾ اعتڪاف ٿي ويندو. جيڪڏهن اعتڪاف وارن ڏينهن ۾ نماز باجماعت ادا ٿيندي هجي ته تڏهن به ڪافي آهي اگرچه ٻين ڏينهن ۾ روزانو پنج وقت نماز باجماعت ادا نه ٿيندي هجي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 176۔ فتاویٰ عاملگیریۃ کتاب الصوم  الباب سابع فی الاعتکاف ج 1 ص 211 )

ڪهڙي مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ بهتر ۽ افضل آهي
مسئله:
سڀ کان وڌيڪ اجر ۽ ثواب مسجد حرام ۾ اعتڪاف ڪرڻ جو آهي ۽ ان کان پوءِ مسجد نبوي ﷺ ۾ اعتڪاف ڪرڻ جو ثواب آهي ۽ ان کان پوءِ جامع مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ جو ثواب آهي ۽ ان کان پوءِ محلي جي مسجد ۾ اعتڪاف ڪرڻ جو ثواب آهي. ( فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السابع فی الاعتکاف ج 1 ص 211۔ فتاویٰ خانیۃ کتاب الصوم فصل فی الاعتکاف ج 1 ص 221 )

اعتڪاف ڪرڻ واري شخص جو غسلِ جنابت جي لاءِ ٻاهر نڪرڻ
مسئله:
اعتڪاف ڪرڻ واري شخص کي اگر غسلِ جنابت جي ضرورت محسوس ٿئي ته پوءِ اهو شخص مسجد کان ٻاهر نڪري ڪري غسل ڪري ۽ اگر گرمي محسوس ٿئي ته پوءِ مسجد ۾ ڪوئي وڏو ٿاؤن رکي ڪري ان ۾ ويهي ڪري وهنجي ۽ غسل ڪري ليڪن مسجد شريف جي خراب ٿيڻ جو خيال ڪيو وڃي. ۽ اگر نفلي اعتڪاف هجي ته پوءِ عام غسل جي لاءِ ٻاهر نڪري سگهي ٿو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 180۔ 181)
       
عورت گهر ۾ اعتڪاف ڪري
مسئله:
عورت پنهنجي گهر ۾ جنهن جڳهه تي پنج وقتي نماز ادا ڪندي هجي ان جڳهه تي اعتڪاف ڪري ۽ اگر ڪا جڳهه مقرر نه هجي ته پوءِ ڪا جڳهه مقرر ڪرڻ گهرجي ۽ ان جڳهه تي اعتڪاف ڪيو وڃي ته اعتڪاف درست ٿي ويندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 180)

اعتڪاف ڪرڻ وارو شخص اگر جنازي نماز جي لاءِ ٻاهر نڪري
مسئله:
اعتڪاف ڪرڻ واري شخص جي لاءِ جائز نه آهي ته اهو جنازي نماز جي ادا ڪرڻ جي لاءِ مسجد کان ٻاهر نڪري البته اگر ڪجهه ماڻهون مسجد ۾ هجن (يعني جنازي جي نماز سان گڏ شريڪ هجن) ته پوءِ اعتڪاف وارو شخص انهن سان گڏجي جنازي جي نماز ادا ڪري سگهي ٿو. ( مراقی الفلاح مع الطحطاوی کتاب الصوم باب الاعتکاف ص 409)
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ قَالَتۡ اَلِسُّنَّۃُ عَلیٰ الۡمُعۡتَکِفِ اَنۡ لاَیَعُوۡدَ مَرِیۡضًا وَلاَ یَشۡھَدَ جَنَازَۃَ وَلاَ یَمَسّ الۡمَرۡأَۃَ وَلاَ یُبَا شِرَھَا وَلاَ یَخۡرُجَ لِحَاجَۃٍ اِلاَّ لِمَا لاَبُدَّمِنۡہُ وَلاَ اعِتۡکَافَ اِلاَّ فِی  مَسۡجِدِ جَامِعٍ۔ (ابو داؤد شریف کتاب الصوم)
”حضرت عائشه صديقه ؓ  کان روايت آهي ته اها فرمائي ٿي ته اعتڪاف ڪرڻ واري شخص جي لاءِ شرعي دستور ۽ ضابطو هي آهي ته اهو نه ڪنهن بيمار جي عيادت ڪرڻ جي لاءِ وڃي ۽ نه جنازي جي نماز ۾ شرڪت جي لاءِ ٻاهر نڪري ۽ نه عورت سان صحبت ڪري ۽ نه وري چميون ڏئي ۽ پنهنجي ضرورتن جي لاءِ به مسجد کان ٻاهر نه نڪري سواءِ انهن حاجتن جي جيڪي بالڪل ضروري هجن ۽ جنهن کان سواءِ ڪوئي چارو نه هجي (مثلن پيشاب ۽ پائخاني جي لاءِ ٻاهر نڪرڻ) ۽ اعتڪاف (روزي جي حالت ۾ هجڻ گهرجي) بغير روزي جي (جائز) نه آهي ۽ اعتڪاف جامع مسجد ۾ هجڻ گهرجي ان کان سواءِ نه.
       
مسجد ۾ اعتڪاف جي لاءِ خيمو يا چادر لڳائڻ
مسئله:
اعتڪاف وارن جو مسجد جي ڪنڊ ۾ خيمو يا چادرن وغيره جي ذريعي حجرا بڻائڻ مستحب آهي ۽ ان ۾ سَتَر وغيره جي حفاظت آهي ان کان علاوه ٻيون به مصلحتون آهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي لاءِ تڏي جو حجرو ٺاهڻ  ثابت آهي البته ان ڳالهه جو خيال رکڻ گهرجي ته مسجد ۾ زياده جڳه نه روڪي وڃي جو نمازين کي تڪليف پهچي، ۽ صفن کي سڌي ڪرڻ ۾ خلل واقع نه ٿئي. (مرقاۃ المضاتیح شرح مشکواۃ المصابیح کتاب الصوم باب الاعتکاف الفصل الثانی ج 4 ص 329۔ سنن ابن ماجۃ ابواب الاعتکاف باب الاعتکاف فی خیمۃ المسجد )

اگر اعتڪاف واري کي ريح خارج ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي
مسئله:
اگر اعتڪاف ڪرڻ واري شخص کي ريح يعني (پيٽ مان هوا ڪڍڻ) خارج ڪرڻ جي ضرورت پيش اچي ته اهو مسجد ۾ به ريح خارج ڪري سگهي ٿو مگر زياده صحيح ڳالهه هي آهي ته اهو شخص مسجد شريف کان ٻاهر نڪري ڪري ريح خارج ڪري. ( فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 1 ص 215 )

مسجد جي حجري ۾ اعتڪاف ڪرڻ
مسئله:
مسجد جو حجرو عام طور تي مسجد جي چار ديواريءَ ۾ ته داخل هوندو آهي ليڪن مسجد جو حصو نه هوندو آهي ۽ اعتڪاف جي لاءِ مسجد جي حجري ۾ اعتڪاف ڪرڻ جائز نه آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 1 )

اگر اعتڪاف جي دوران عورت کي حيض اچي
مسئله:
اگر عورت اعتڪاف ۾ ويٺل هجي ۽ ان کي دورانِ اعتڪاف حيض اچي وڃي ته ان جو اعتڪاف ڀڄي پوندو ۽ پاڪ ٿيڻ کان پوءِ ڪم از ڪم هڪ ڏينهن جي (جنهن ڏينهن حيض آيو آهي) روزي سان گڏ قضا ڪري، ۽ اگر همٿ هجي ته پوءِ پوري ڏهن ڏينهن يا باقي رهيل ڏينهن جي اعتڪاف کي روزن سان گڏ قضا ڪري. ( بداءع الصنائع فی ترتیب الشراءع کتاب الاعتکاف ج 2 ص116 )

اعتڪاف واري ماڻهونءَ کي اعتڪاف جي دوران هنن آدابن جو لحاظ رکڻ گهرجي
مسئله:
اعتڪاف ڪرڻ وارو ماڻهون اعتڪاف جي دوران خاموش رهي يا وري ڪا سٺي ۽ ڀلائي جي ڳالهه هجي ته اها ڪري ۽ قرآن ڪريم جي تلاوت کي هميشه جاري رکي ۽ اهڙيءَ  طرح حديث شريف ۽ ٻين ديني علمن جي پڙهڻ ۾ پنهنجي وقت کي صرف ۽ خرچ ڪري ۽ اهڙيءَ طرح سيرت النبي ﷺ ۽ انبياء ڪرام ۽ اولياء ڪرام جي سيرت جو مطالعو ڪري، ۽ اگر جائز ۽ مباح گفتگو ڪري ته ان ۾ به ڪوئي حرج ۽ گناهه نه آهي. ( فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب السابع فی الاعتکاف ج 1 ص 212۔ الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم باب الاعتکاف ج 2 ص 182 )


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت