مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
ٿوري دير
کان پوءِ رولاڪيون ڪندا مافوشي بيچ تي آياسين. جتي ڪرسين تي ڪيترائي انگريز ليٽيل
۽ سن باٿنگ وٺندي سمونڊ جي ڪناري نظر آيا. جڏهن ته ڪيترائي انگريز سمونڊ جي ڪناري
وهنجڻ سان ويڙهه ڪري رهيا هيا. اسان به ٿڪ ڀڃڻ لاءِ اتي ئي آياسين. ٿوري دير لاءِ
انهن ڊگهين، ڪرسين تي ليٽي پياسين. هي بيچ جو حصو به ڪنهن پرائيوٽ هوٽل جو مخصوص ٿيل
هو. جنهن تي فقط ان هوٽل جا ماڻهو ئي اچي سگهن پيا. ٻين ماڻهن کي شايد اجازت نه
هئي. ٿوري دير کان پوءِ ڪنهن هوٽل جو بيرو آيو ۽ التجا واري انداز ۾ چيائين
ته، “سائين هي ڪرسيون بڪ ٿيل آهن”. اسان هن کان معذرت ڪندي اتان نڪري سامهون واري
هوٽل تي وياسين. جتي چونرا ٺهيل هيا. ڪاٺ جون ڪرسيون ۽ ٽيبلون پيل هيون. پر هاڻي ڏينهن
تپي رهيو هيو. لڳي پيو ته سج هيٺ لهي رهيو آهي. جيتوڻيڪ ڪو اهڙو گهڻو ٽائيم به نه ٿيو
هو. تنهن جي باوجود اهو صحيح هيو ته مالديپ گرم آهي.
سج ڄڻ ته نيزي تي چڙهي آيو هو. ان جو ڪري جو مالديپ
جون جولاءِ ۾ گهڻو گرم هوندو آهي. سو اتان نڪرندي، سوڙهي گهٽيءَ کان ٿيندا، سمونڊ
جي ڪناري تي آياسين. پرگرمي وڌي ويئي هئي. هون به هي ٽائيم سمونڊ تي پسار ڪرڻ جو
نه هيو. يا ته توهان سج اڀرڻ کان اڳ ۾ هتي اچو ۽ سج اڀرڻ جو منظر سمونڊ کان بيهي ڪيو،
يا ته وري جڏهن ڏينهن ٺري، يعني سج لهڻ مهل هتي اچو. سمونڊ گهمڻ جا اهي ئي اصل ۾ ٽائيم
آهن. اسان جي گهمڻ جي ٽائيمنگ غلط هئي. پر هون به اسان خالي سمونڊ گهمڻ نه آيا
هياسين. ان سان گڏ مافوشي ٻيٽ کي به ايڪسپلور ڪرڻو هيو. سو سمونڊ سان ڪجهه تصويرون
ڪڍرائي ٻاهر نڪتاسين. سمونڊ تي رولاڪيون ڪرڻ جو اڪثر وقت سج لٿي مهل هوندو آهي.
منجهند جو ته سمونڊ جي واري به ڏاڍو تپي ٿي.
اهڙي طرح، گهمندا ڦرندا، هڪڙي گهٽيءَ ۾ آياسين. هڪڙي
ٽن ڦيٿن واري سائيڪل، جيڪا ٽريڪٽر جيڏي هئي. ان تي چڙهي تصويرون جو مزو ورتوسين.
هي سائيڪل نه هئي ڄڻ ته توهان ڪنهن ٽن ڦيٿن واري ٽريڪٽر تي چڙهيا هجو. روڊ تمام وڏو
هيو. پاسي ۾ سمونڊ جو ڪنارو. سامهون کان رهائشي علائقو. جتي فليٽن جا وڏا اپارٽمينٽ
هيا. روڊ جي ڪناري سان کجين ۽ ناريلن جا وڏا وڻ قطار سان هن سامونڊي ڪناري جي
ماحول ۾ سونهن پيدا ڪري رهيا هيا. هاڻي اڃ اچي اسان جو پاسو ورتو هو ۽ چپن به چرپر
ڪئي هئي. گلي ۾ خشڪي جو سرڪڻ سوڙهو ٿيندو پئي ويو. سو ان گهٽيءَ ۾ وڏي هوٽل جي
سامهون ئي ننڍڙو دڪان نظرآيو. جنهن جي ٻاهران پڪل ناريل پيل هيا. دوستن جو خيال
هيو ته مالديپ ۾ هجي ۽ ماڻهو ناريل جو پاڻي نه پئي ته پوءِ مزو ڪهڙو“. سو سڀني هڪڙو
هڪڙو ناريل جو آرڊر ڏنو. تازي ناريل جي مٺي پاڻي ۽ ان کان پوءِ ان جي ڏونگهي/ملائي
ويتررولاڪين جا سڀ ٿڪ لاهي فريش ڪري ڇڏيو هو.
اُتي ئي ترن جا بوڻينڊا به پيا هيا. ان ٿيلهي ۾ 6
بوڻينڊا هيا. هڪ هڪ بوڻينڊو سڀني جي حصي ۾ آيو. ڏاڍا لذيذ بوڻينڊا هيا. ان کان
پوءِ عياشي کي دنگ ڪرڻ لاءِ مون نوجوان دڪاندار کان سگريٽ گهريو. هن مون کي ڪيمل
سگريٽ ڏنو. هتي ڪيمل سگريٽ مهانگي ۾ مهانگو سگريٽ هو، ڄڻ ته پاڪستاني بينسن. هي هڪڙو
سگريٽ ست ماليوين روفين جو هيو. جيڪو تقريبن127پاڪستاني روپين جو ٿئي پيو. ان سان
گڏ مون ننڍي پاڻي جي بوتل به هن کان ورتي.
دڪان هڪڙو نوجوان ڇوڪرو دڪان هلائي رهيو هو. مون هن
کان حال احوال وٺڻ شروع ڪيا. هن ٻڌايو ته هي دڪان هن جي ڀاءُ صيفل جو آهي. هن کي
هتي ايندي ٽي مهينا ٿيا آهن. هو بنگلاديش جو آهي. هن جو ڀاءُ هي دڪان ڪافي عرصي
کان هتي هلائي رهيو آهي. نوجوان ڏاڍو خوش اخلاق هيو. اسان هن دڪان جي ڪائونٽر جي اڳيان
روڊ تي بيٺا هياسين. هي مين روڊ نه هيو. بلڪ سمنڊ ڏانهن ويندڙ هڪڙي گهٽي هئي. دوستن
هن کان پاڻيءَ گهريو. هن ڊسپينسر مان شيشي جو وڏو گلاس ڀري سڀني دوستن کي پاڻي
پيارو. سڀني دوست پاڻي پي پنهنجي اڃ اجهائي، ٻين شين جا هن پئسا ورتا، پر هن پاڻيءَ
جا پئسا نه ورتا.
انهيءَ دوران زوردار مينهن وسڻ شروع ٿي ويو. دڪان
ايترو سوڙهو هيو، جو ان ۾ ڪائونٽر کان اندر ٻن ٽن ماڻهن جي گنجائش هئي. اسان ڀڄڻ
کان بچڻ لاءِ دڪان جي ڪن ۾ شٽر جي هيٺان ٿي بيٺاسين ته هڪ ٻه دوست اندر گهڙي ويا.
برسات ٿوري دير جو ٽهڪو هيو، پر ڏاڍي تيز برسات هئي. روڊ سڄو آلو ٿي ويو هو. اهڙي
موسم ۾ چاهه سان گڏ چانهه نه هجي ته مزو ئي نه اچي. سو دوستن جي خواهش هئي ته هتي
ئي بيٺي بيٺي برسات ۾ ڀڄندي چانهه جو مزو ٿا وٺون.
ان کان پوءِ اسان هن کان
چانهه به ٺهرائي. پر اها چانهه ٽي بيگ واري هئي. ڊسپوزل گلاسن ۾ هن چانهه وجهي ڏني.
جيتوڻيڪ ٽي بيگ اسان واري دود پتي جي چانهه جي ٻاڙ نه ٿي ماري پر پوءِ به ٺيڪ هئي.
گذارو ٿي ويو. اهڙي ريت اتي ڪچهري ڪندي ڪافي وقت گذري ويو. هاڻي برسات جي ڪري موسم
ملهار ٿي ويئي هئي. مون کي مرشد لطيف سائين جو سُر سارنگ ياد اچي ويو. جنهن ۾ هو
فرمائي ٿو ته؛
ڪڪر منجهه ڪپار، جهڙ نيڻئون نه لهي
جهڙا منهنجا سپرين، تهڙا ميگهه ملهار
کڻ اکيون، کل يار، وڃن سور سنڌا ڪريو.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment