کاڌي کي محفوظ رکڻ جا طريقا

کاڌي کي محفوظ رکڻ جا طريقا
کاڌي کي گھڻي وقت تائين ساڳئي حالت ۾ محفوظ رکڻ لاءِ ھيٺ ذڪر ڪيل طريقا استعمال ڪيا ويندا آھن.
(1)                       پاسچرائيزيشن  (Pasteurization)
(2)                       ريفريجريشن (Refrigeration)
(3)                       خشڪ ڪرڻ  (Dehydration)
(4)                       دٻن ۾ بند ڪرڻ (Canning)

(1)           پاسچرائيزيشن  (Pasteurization)
ھي طريقو لوئس پاسچر (Louis Pasteur) ايجاد ڪيو ھو. کير کي ڦٽڻ يا کٽو ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ اٻاري ان مان بئڪٽيريا يا جيوڙا ختم ڪيا وڃن ٿا جنھن ڪري ڪجھ وقت تائين کير خراب نٿو ٿئي .

(2)           ريفريجريشن (Refrigeration)
ھن طريقي ۾ کاڌي کي ريفريجريٽر ۾ رکي کاڌي کي ڪاٽو 3 يا ڪاٽو 4 ڊگرين تائين  ٿڌو ڪري بئڪيٽريا ياجيوڙا ختم ڪيا وڃن ٿا. ھاڻي ته اڌ ڪلاڪ ۾ کاڌو ڪاٽو 81 ڊگري سينٽي گريڊ تائين فريز به ڪري سگھجي ٿو. ھن طريقي ۾ کاڌي جي توانائي ۽ ذائقو برقرار رھن ٿا.

(3)           خشڪ ڪرڻ  (Dehydration)
ھن طريقي ۾ کاڌي مان پاڻي ختم ڪري کاڌو خشڪ  حالت ۾ محفوظ ڪجي ٿو. ھن طريقي ۾ کاڌو وزن  ۾ ھلڪو ٿئي ٿو ۽ ذائقو به ڪجھ تبديل ٿئي ٿو.

(4)           دٻن ۾ بند ڪرڻ (Canning)
ھن طريقي ۾ کاڌي کي چٽيءَ ريت پچائڻ بعد جيوڙن وغيرھ  کان پاڪ لوھ، پتل يا ٽامي جي اھڙن ٿانون ۾ بند ڪيو وڃي ٿو جنھن ۾ ھوا سميت ڪابه ٻاھرين شيءِ داخل ٿي نه سگھي اھڙي طرح کاڌو محفوظ رھي ٿو.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت