ڪلاس ايمفيبيا (Amphibia)

ڪلاس ايمفيبيا (Amphibia)
ھي جانور پنھجي ابتدائي زندگي صرف پاڻيءَ ۾ گذارين ٿا ۽ جوان ٿيڻ بعد پاڻي توڙي خشڪي جي ھنڌ رھي سگھن ٿا. اھو ئي سبب آھي جو ھنن کي ايمفيبيا چيو ويو آھي. ايمفيبيا جو مطلب ٻٽيءَ زندگي وارا جانور آھي. ھي ڪرنگھي وارا جانور آھن جن جون ڄنگھون بغير چنبي (Clawless) آھن ابتدائ ۾ ڪلين وسيلي ۽ بالغ ٿيڻ بعد ڦڦڙن وسيلي ساھ کڻندا آھن. بالغ ايمفيبيا جي کل سنھي گھميل ۽ ملائم آھي. جنھنجي وسيلي پڻ گئسن جي مٽاسٽا ٿيندي آھي. ايمفيبيا گڏي رت وارا جانور آھن. ھن ڪلاس جا عام مثال ڏيڏر، ٽوئڊ ۽ سليمينڊر آھي.

ڪلاس ايمفيبيا (Amphibia) جون خاصيتون
(1)           ٻٽي زندگي گذاريندڙ آھن.
(2)           ھنن جي پير ۾ چنبو ڪونه ٿئي.
(3)           ابتدا ۾ڪلين سان بالغ ٿيڻ بعد ڦڦڙن سان ساھ کڻن ٿا.
(4)           ھنن جي کل ملائم سنھي ۽ گھميل ٿئي ٿي.
(5)           ٿڌي رت وارا جانور آھن.

ڏيڏر
ڏيڏر ايمفيبيا ڪلاس سان واسطو رکي ٿو. ڏيڏر جي کل سنھي گھميل ترڪڻي ۽ چمڪندڙ آھي. ڏيڏر پاڻيءَ ۾ آنا لاھي ٿو. آني مان ڦٽل ڏيڏر ٽيڊپول (Tadpole) چئبو آھي. جيڪو ڪيترن ئي مرحلن مان گذري ٿو. ڏيڏر سياري ۾ ڍنڍن ۽ تلائن جي تري  ۾ مٽيءَ ۾ لڪي وڃي ٿو جيڪو عمل ھائبرينشن سڏبو آھي. ھن عمل دوران ڏيڏر چمڙيءَ کي ساھ کڻڻ لاءِ استعمال ڪندو آھي. ڏيڏر ٽپ ڏيئي ھلي ٿو. خطري وقت ڏيڏر تڪڙو تڪڙو ۽ وڏا ٽپ ڏئي جان بچائي ٿو. ڏيڏر جيتن کي کائي ٿو. دنيا ۾ ننڍي ۾ ننڍو ڏيڏر برازيل ۾ ملي ٿو جيڪو ھڪ سينٽي ميٽر کان به ننڍو آھي جڏھن ته وڏي ۾ وڏو ڏيڏر آفريڪا ۾ آھي جيڪو 30 سينٽي ميٽر ٿيندو آھي. ڏيڏرن جا ڪجھ قسم وڻن تي به رھندا آھن.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت