احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
اسلام
روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
-------
اسلام روزي جي سختين ۽ تڪليفن کي جنهن حد تائين گهٽ ڪيو ۽ ان ۾ جيڪي
سهولتون ۽ آسانيون پيدا ڪيون انهن مان چند کي ذڪر ڪجي ٿو.
(1) اسلام کان اڳ جيڪي به آسماني ۽ غير الهامي مذهب هئا انهن مان اڪثر
مذهبن ۾ روزا صرف خاص جماعت ۽
خاص ماڻهن جي مٿان فرض هئا. مثال جي طور تي هندن ۾
برهمڻ کان علاوه بين تي روزا ضروري نه هئا ۽ يونانين ۾ روزا صرف عورتن تي لازم
هئا. ليڪن سوال هي آهي ته اگر روزو چڱي شئي آهي ته پوءِ سمورن مذهبن جي پيروڪارن
جي لاءِ برابر ضروري آهي.
اسلام ۾ اڳواڻن ۽ غير اڳواڻن، عورت ، مرد جي ڪا تخصيص نه آهي، ان
پنهنجي تمام پيروڪارن کي عام حڪم ڏنو آهي ته اهي انهيءَ فرض کي پابنديءَ سان ادا
ڪن.
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
فَمَن شَهِدَ مِنكُمُ الشَّهْرَ فَلْيَصُمْهُ (سورۃ البقرۃ رقم
الآیۃ185)
”ان مهيني ۾ جيڪو به موجود هجي (يعني معذور ۽ مجبور نه هجي) ته اهو
پورو مهينو روزا رکي.“
(2) اسلام کان علاوه ٻين مذهبن ۾ عام طور تي شمسي سال معتبر آهي، شمسي
سال ۾ روزن جون جيڪي تاريخون جن موسمن ۾ مقرر ۽ متعين هونديون انهن ۾ تبديلي
ناممڪن آهي. انهيءَ بُنياد تي مختلف ملڪن ۾ يا ته روزا هميشه جي لاءِ تڪليف ڏيندڙ
هوندا يا هميشه آرام ده هوندا ڇو جو گرم علائقن ۾ روزا گرمين جي موسم ۾ پريشان
ڪندڙ ثابت ٿيندا ۽ سرد ۽ ٿڌي موسم ۾ روزا آرامده ثابت ٿيندا. ليڪن اسلام جي روزن
جون تاريخون قمري ۽ چنڊ جي حساب سان آهن جيڪي موسم ۽ ننڍن، وڏن ڏينهن جي حساب سان
تبديل ٿينديون رهنديون آهن، انهيءَ ڪري اسلامي روزن جو مهينو هر ملڪ ۾ هر موسم ۾
ايندو آهي تنهن ڪري ان جي نرمي ۽ سختي تبديل ٿيندي رهندي آهي.
(3) الهامي ڪتابن ۾ روزن جي متعلق ڪنهن جي لاءِ تخصيص ۽ استثناء نه آهي،
تورات ۾ ته ايتري قدر به لکيل ته اگر ڪنهن وجه جي ڪري روزو نه رکي ته اهو ڪٽجي
ويندو يا قتل ٿي ويندو، بلڪه انهيءَ مسافر
۽ پرديسيءَ تي به روزو فرض آهي جيڪو اگرچه يهودي نه آهي ليڪن يهودين وٽ اچي
رهيو هجي (احبار:16-29)
ليڪن قرآن ڪريم نهايت فطرت
شناسيءَ سان هر قسم جي معذور ۽ مجبور ماڻهن کي ان حڪم کان مستثنيٰ قرار ڏنو، ان
حڪم کان ننڍاڙا ٻار ۽ عورتون ايامِ حمل ۽ ايام حيض ۽ ايام رضاعت جي دوران روزن کان
مستثنيٰ آهن ۽ اهڙيءَ طرح مسافرن ۽ بيمارن کي به ان حڪم کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو
آهي. ۽ بيمار، مسافر ۽ عارضي معذور، بيماري جي حالت، سفر، عذر جي ختم ٿيڻ کان پوءِ
اوترن ڏينهن جي قضا ڪندا ۽ جيڪي دائمي معذور آهن اهي روزن جي بجاءِ هڪ مسڪين کي
کاڌو کارائين.
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
فَمَن كَانَ مِنكُم مَّرِيضًا أَوْ عَلَى سَفَرٍ فَعِدَّةٌ مِّنْ
أَيَّامٍ أُخَرَ
(سورۃ البقرۃ رقم الآیۃ184)
”اگر توهان مان ڪوئي بيمار هجي يا مسافر هجي ته اهو رمضان کان پوءِ
ٻين ڏينهن ۾ اوترا ڏينهن روزا رکي.“
(4) ٻين مذهبن ۾ روزن جا ڏينهن غير معتدل هئا، يا ته چاليهن چاليهن ڏنهن
جو فاقو هيو، يا روزن جي ڏينهن ۾ اناج ۽ گوشت کان علاوه فروٽ تائين کائڻ جي اجازت
هئي، اسلام انهيءَ ۾ به درميانو رستو اختيار ڪيو يعني روزي جي وقت ۽ ٽائيم ۾ اگرچه
هر قسم جي کائڻ ۽ پيئڻ کان منع ڪيو مگر ان جي مدت هڪ مهيني تائين صرف صبح صادق کان
سج لهڻ تائين چند ڪلاڪ مقرر ڪئي.
(5) يهودين وٽ روزو هي هيو جو روزي کولڻ جي وقت هڪ ڀيرو جيڪو ڪجهه کائيندا
هئا، پوءِ نه کائي سگهندا هئا، يعني انهيءَ وقت ٻيو روزو شروع ٿي ويندو هيو، عربن
۾ اهو رواج هيو ته سمهڻ کان پهريون جيڪو کائي سگهندا هئا اهو کائيندا هئا، سمهڻ
کان پوءِ کائڻ ناجائز هيو، اسلام جي شروعاتي زماني ۾ به اهو ئي قاعدو ۽ قانون هيو،
هڪ ڀيري هڪ صحابي سڳوري جي گهر ۾ شام جو کاڌو تيار نه هُيو ان جي گهر واري کاڌو
تيار ڪري رهي هئي اهو صحابي سڳورو انتظار ڪندي ڪندي سمهي پيو جڏهن کاڌو تيار ٿي
ويو ته ان جي گهر واري کاڌو کڻي آئي ته ننڊ ۾ هيو تنهن ڪري کاڌو نه کائي سگهيو،
ٻئي ڏينهن وري روزي جو ڏينهن هيو ان تي غشي طاري ٿي وئي ۽ اهو بيهوش ٿي ويو تنهن
تي هئي آيت نازل ٿئي.
ارشاد باري تعاليٰ آ:
وَكُلُواْ وَاشْرَبُواْ حَتَّى يَتَبَيَّنَ لَكُمُ الْخَيْطُ
الأَبْيَضُ مِنَ الْخَيْطِ الأَسْوَدِ مِنَ الْفَجْرِ
(سورۃ البقرۃ رقم الآیۃ187)
”۽ ان وقت تائين کائو ۽ پيئو جيستائين رات جي اونداهي صبح جي اڇاڻ ۽
روشنيءَ کان ممتاز نه ٿي وڃي.“
(6) دورِ جاهليت ۾ اهو دستور رهيو هو ته روزن جي ڏينهن ۾ رات جي وقت به
زال، مڙس علحده ۽ جدا رهندا هئا يعني صحبت ۽ همبستري ڪرڻ ممنوع هيو ۽ اڪثر ماڻهو
مجبور ٿي ڪري نفساني خيانت جا مرتڪب ٿيندا هئا، تنهن ڪري اسلام صرف روزي جي حالت ۾
ان کان منع فرمايو ۽ رات جي وقت صحبت ڪرڻ جي اجازت عنايت فرمائي ۽ اهو حڪم فطرت جي
بلڪل مطابق ۽ موافق آهي.
ارشاد باري تعاليٰ آهي:
أُحِلَّ لَكُمْ لَيْلَةَ الصِّيَامِ الرَّفَثُ إِلَى نِسَآئِكُمْ
هُنَّ لِبَاسٌ لَّكُمْ وَأَنتُمْ لِبَاسٌ لَّهُنَّ
(سورۃ البقرۃ رقم الآیۃ187)
”توهان جي لاءِ روزن جي راتين ۾ پنهنجي گهروارين جي ويجهو وڃڻ (يعني
همبستري ڪرڻ) کي حلال قرار ڏنو ويو آهي، اهي عورتون توهان جو لباس ۽ پوشاڪ آهن ۽
توهان انهن جي پوشاڪ آهيو.“
(7) ڀل ۽ غلطي ۽ نسيان اسلام ۾ معاف آهي انهيءَ ڪري اگر ڪوئي شخص ڀل ۾
روزي جي حالت ۾ ڪجهه کاڌو يا پيتو جيڪو روزي جي خلاف آهي ته ان جو روزو نه ڀڄندو.
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ مَنۡ اَکَلَ اَوۡ شَرِبَ نَاسِیاً
فَلاَیَفۡطِرۡ فَاِنَّمَا ھُوَ رِزۡقُ اللھ۔ (ترمذی شریف)
”حضرت ابو هريره کان روايت آهي ته جيڪو شخص ڀل ۾ کائي يا پيئي ته ان
سان روزو نه ڀڄندو اهو کائڻ پيئڻ خدا جي طرفان رزق آهي.“
(8) روزو ٻين عبادتن جي مقابلي ۾ ڪجهه نه ڪجهه تڪليف ۽ مشقت واري شئي
آهي، تنهنڪري ضرورت هئي ته عام ماڻهونءَ کي ان ۾ غلبو ۽ حد کان تجاوز ڪرڻ کان
روڪيو وڃي. خود پاڻ ڪريم ﷺ جن اڪثر و بيشتر مهيني جا ڪجهه ڏينهن روزن جي لاءِ مقرر
ڪيا هئا، هفتي ۾ به ڪجهه ڏينهن مقرر هئا، ان کان علاوه پاڻ ڪريم ﷺ جن صوم و صال
(يعني مسلسل ڏينهن رات جو روزو) به رکيا ليڪن صحابه ڪرام کي ان کان منع فرمايو ۽
ڪجهه صحابه ڪرام ان جو سبب معلوم ڪرڻ چاهيو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته:
اَیُّکُمۡ مِثۡلِیۡ اِنِّیۡ اَبِیۡتُ یُطۡعِمُنِیۡ رَبِّیۡ
وَیُسۡقِیۡنِیۡ۔
”توهان مان مون جهڙو ڪير آهي؟ مون کي ته منهنجو رب کارائيندو ۽
پياريندو آهي. (يعني مون کي روحاني غذا ملندي آهي جنهن جي ڪري آءُ مسلسل روزا رکي
سگهان ٿو ليڪن توهان ۾ ان جي طاقت نه آهي.“
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment