ٻارن کي پڙھڻ ڏيو

ٻارن کي پڙھڻ ڏيو
سنڌيڪار: محمد عثمان عباسي

ھڪ چينيءَ جو چوڻ آھي ته:
توھان جو منصوبو سال جو ھجي ته فصل پوکيو، ڏھن سالن جو ھجي ته وڻ پوکيو ۽ سو سالن جو ھجي ته ٻارن جي تعليم ۽ تربيت ڪريو.
دنيا جي تاريخ شاھد  آھي ته پئسا عاليشان عمارتون، شان شوڪت واريون محلاتون ۽ پڪا رستا ڪنھن قوم کي زمين تي قرار، پختگي ۽ ھميشگي نٿا ڏئي سگھن.
جيڪڏھن ائين ھجي ھا ته ھزارين سال اڳ چلھي ۾ صندل جو ڪاٺ ساڙڻ، سون جا ٿانو استعمال ڪرڻ، وڏن وڏن ڇانو وارن رستن تي سفر ڪرڻ ۽ ھڪ عظيم الشان ڊيم جي ذريعي سڄي ملڪ ۾ شاخن (نھرن) جو ڄار وڇائي يمن جي سر زمين کي گل گلزار ڪرڻ واري قوم سبا تباھي ۽ برباديءَ جي سامھون نه ٿئي ھا.
مادي وسيلا الله تعاليٰ جون عظيم نعمتون آھن پر ڪنھن قوم جو اصل سرمايو ان جا گلن جھڙا ٻار آھن جن کي ڪائنات جو رب فطرت سليم تي پيدا ڪندو آھي. ھڪ پيٽ کانسواءِ، ھٿ پير، زبان، ڪنن ۽ اکين جي قوت عطا ڪندو آھي.
جديد تحقيق ھيءَ آھي ته:
ڪنھن قوم جا اصل وسيلا انجا ماڻھو آھن. ٻار جو ذھن ھڪ سادي ۽ صاف سليٽ وانگر ھوندو آھي. والدين، خاندان، معاشرو ۽ ملڪ ان سادي سليٽ تي جيڪو لکڻ چاھين لکي سگھن ٿا.
ذھانت الله تعاليٰ جي عطا ڪيل بي بھا قيمتي دولت آھي جنھن کي زمين تي موڪلڻ وقت محلات ۽ جھوپڙين ۾ فرق نٿو ڪيو وڃي.
ھڪ آمريڪي صدر جو چوڻ آھي ته:
مون وڏن وڏن ماڻھن کي جھوپڙين مان نڪرندي ڏٺو آھي.
قومي ذھانت جي ڳولا ڪري ان جي حفاظت ڪري ۽ ان کي عمل ڏانھن مائل ڪري اسان دنيا ۾ عزت جو مقام حاصل ڪري سگھون ٿا.
قديم دور جي حڪومت ھجي يا جديد دور جي، حڪومت جو پھريون فرض قوم جي ٻارن کي پڙھائي ڪري مھذب ۽ فائديمند شھري ٺاھڻ ھوندو آھي. جيڪا حڪومت ھن فرض کان غفلت ڪندي اھا پنھنجي قوم کي امن، سلامتي ۽ ترقيءَ جي شاھراھ تي ھلائي نه سگھندي.
اڄ جيڪي قومون پنھنجي آڌار تي ۽ خوشحالي جي رستي تي تيزيءَ سان ھلندڙ آھن، انھن پاڻ وٽ تعليم کي پھرين اھميت قرار ڏني آھي.
پرائيويٽ سيڪٽر جي (واپاري تعليمي گاڏي) ظاھري تيز روشني اثر ڪندڙ مشھوري ڪرڻ واري مھم، رٽو سسٽم ۽ ڳرين فين جي چين تيز رفتار ڦيٿن تي مٿو ٽڪرائي ڊڪي رھي آھي ۽ ان قوم جي وچولي ۽ غريب طبقي جي ٻارن کي رولو ڪري ڇڏيو آھي ۽ تعليم حاصل ڪرڻ انھن جي لاءِ ناممڪن ڪري ڇڏيو آھي.
اسڪول ۽ استاد شاگرد ٻه بنيادي ضرورتون آھن. اسڪول ھڪ خاص عمارت جو نالو آھي. جيڪو ٻار جي خوابن جو گھر ٺھي پوندو آھي. ھڪ اھڙي جاءِ جتي کليل ھوادار ڪمرا ڊگھا ورانڊا، وڏو ميدان سرسبز باغيچا وڏا وڻ، علم ۽ ادب جو مرڪز لائبريري ۽ مسجد جا وڏا منارا  … سڀ ڪجھ ٻار جي تعليم جو ذريعو ۽ ان جي معصوم ذھن کي روشني عطا ڪرڻ وارا عنصر آھن.
گھٽين، محلن ۽ چوراھن تي نمائشي جھنڊا ڦڙڪائڻ ۽ ماڻھو جي قد جيڏا مشھوري وارا بورڊ ٽنگڻ وارا گھڻا پرائيويٽ اسڪول شاگردن جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ کان مجبور نظر ايندا آھن. تعليم جي شرح کي وڌائي چڙھائي بيان ڪيو پيو وڃي.
حقيقت ھيءَ آھي ته جيئن جيئن پرائيويٽ سيڪٽر رونق وٺي رھيو آھي. تعليم جي شرح ۾ کوٽ ٿي رھي آھي. سرمائيداري نظام ۾ آخرڪار ماڻھن جي قوت خريد ختم ٿي رھي آھي. تعليم واپار ٿي وڃي ته چشما به خشڪ ٿي سُڪي ويندا آھن.
علم، تعليم، تعليم جي ذريعي ۽ طريقي جو تصور ڌنڌلائجي رھجي ويا آھن. علم ڪائنات جي ٺوس حقيقتن جي سمجھڻ جو نالو آھي.
دنيا جي تاريخ شاھد آھي ته ڪنھن مسلمان حڪومت شاگردن کان تعليم جي قيمت وصول نه ڪئي حتانڪ غير مسلمن کي به معاوضي کانسواءِ ھيءَ سھولت ڏني.
ھڪ مغربي دانشور بوگلڊ (Bogold) جو چوڻ آھي.
غرناطه ۽ قرطبه جي يونيورسٽين ۾ سوين يھودي ۽ عيسائي شاگرد اعليٰ تعليم حاصل ڪندا رھيا. انھن کان ڪابه في نه ورتي ويندي ھئي ۽ انھن جي رھائش ۽ طعام جا خرچ به اسلامي حڪومت برداشت ڪندي ھئي.
پاڪستان سڄي دنيا ۾ شايد اڪيلو ملڪ آھي جنھن ۾ نرالو ۽ عجيب روزگار تعليم جي طريقي سان اختيار ڪيو پيو وڃي.
ٻار جو ھوش سنڀالڻ کان اڳ ئي ٻار ڪنھن رھائشي گھر جي (ميڪ اپ ٿيل) اسڪول ۾ داخل ڪرايو ويندو آھي.
ٻار کان کيڏڻ جو حق کسيو ويو آھي ۽ کيڏندي کيڏندي سکڻ جي نعمت کان محروم ڪيو ويو آھي.
انوکو تماشو ھي آھي ته معصوم ٻارن جي ڪمزور ۽ ضعيف چيلھ تي الاھي سارو ڳرو وزن کڻايو ويندو آھي.
جنھن قوم جا اسڪول انھن جي گھرن کان بھتر ۽ خوبصورت نه ھجن، اھا قوم ڪڏھن به ترقي ۽ ڀلائي جي سفر تي تيز رفتار نٿي ٿي سگھي.
ھيروشيما ۽ ناگاساڪي جي کنڊرات تي خوبصورت اسڪول تعمير ڪرڻ واري قوم اڌ صديءَ جي اندر ئي ٻيھر پنھنجي پيرن تي بيھي رھي. جپان وارا ھر سال سڄي ايشيا مان ذھين ٻارن کي پندرھن ڏينھن جي لاءِ پاڻ وٽ گھرائيندا آھن.
اسلام آباد کان جپان وڃڻ واري ھڪ ٻارڙي شيزه جو چوڻ آھي ته:
جپان وارن جا اسڪول انھن جي گھرن کان خوبصورت آھن. صبح جو ساڍي ستين کان چئين وڳي تائين جپانين جا سڀئي ٻار اسڪول ۾ ھوندا آھن. ڪنھن گھر دڪان يا ھوٽل تي ڪوبه ٻار ڏسڻ ۾ نٿو اچي. اسڪول ۾ ٻار جي سرگرميءَ جي شروعات راند سان ٿئي ٿي. ڪتابن جي پڙھائيءَ سان گڏوگڏ عملي زندگي ۽ روزمرھ جي ڪمن جي پريڪٽس به ڪرائي وڃي ٿي. منجھند جي ماني ھر ٻار جي ڊيسڪ تي جدا ٽري ۾ ڏني وڃي ٿي.
ڄڻ ته انھن وٽ ھرھڪ شاگرد خاص مھمان ھوندو آھي. ٿيلھو اسڪول ۾ ئي پيو ھوندو آھي، گھرو ڪم (Homework) نه ھئڻ جي برابر آھي. ڪتابن جو وزن اسان جي ڀيٽ ۾ ڏھين پتي جو ڏھون حصو آھي، راند جا ميدان، سرسبز باغيچا، روشن لائبريري ۽ وڏي ليبارٽري ھر اسڪول جو ضروري حصو آھن. شام تائين اسڪول مان واپس اچڻ لاءِ دل ئي نه چاھيندي آھي. حيرت جھڙي ڳالھ ھيءَ آھي ته ڪنھن به ٻار کان ڪا في نه ورتي ويندي آھي. سڀ ڪجھ حڪومت جي ذميواري آھي.
تعليم جي ماھرن جو خيال آھي ته:
ميٽرڪ تائين ڇھ ست ڪلاڪ پڙھڻ شاگرد جي لاءِ ڪافي آھي، اڄ ڪي پرائيويٽ تعليمي ادارا خاص ڪري ننڍن شھرن ۽ ڳوٺن ۾ رات تائين شاگردن کي ويھاريو ويٺا ھوندا آھن. سڄو سال امتحان جي تياريءَ جو عمل جاري رھندو آھي. امتحان ۾ ڪاميابيءَ جو تناسب وڌائڻ جي لاءِ رٽو سسٽم جو سھارو ورتو پيو وڃي. مشاھدو ھي آھي ته انھن ادارن جا اھي ٻار جيڪي سڄي ضلعي ۾ پھرين پوزيشن حاصل ڪندا آھن. فرسٽ ايئر ۾ اچي فيل ٿي پوندا آھن جڏھن ته گورنمينٽ اسڪولن جا گھٽ مارڪن وارا ٻار ڪاليج ۾ بھتر ڪارڪردگيءَ جو مظاھرو ڪندا آھن.
جھڙي طرح ساھ کڻڻ ھر ٻار جو بنيادي حق آھي، اھڙي طرح تعليم حاصل ڪرڻ به ان جو بنيادي حق آھي.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت