سُر ڪوهياري - داستان ڇهون
سُر
ڪوهياري
داستان
ڇهون
1
ڪَنهِن
پَر رُئان
پِرِينءَ کي؟
اَندَرِ ناهِ
اُساٽ؛
لوهُوڪا
لَڪَنِ ۾،
ويرِي مَٿي
واٽَ؛
ڇَپَر
۾ ڇُونڇاٽَ،
ڏِٺَمِ ڏُکويُنِ
جا.
2
ڪَنهِن
پَر رُئان
پِرِينءَ کي؟
پَچَڻَ ناهِ
پَچارَ؛
اَندَرِ
ٿِي آهُون
ڪَرِيان، کاڻِي
مَنجِھ خُمارَ؛
گِريي
جِي گُفتارَ،
ٻِيءَ ڀَتِ
ٻاروچَنِ ۾.
3
سُڃَ
وَسَندِي تن
کي، جوشَ
جَلايا جي؛
طالِبَ
جي تحَقَيقَ
جا، نِينهُن
تنِين وَٽِ
ني؛
ٽيڏِي
پَسي ٽي،
هُو تان
آهي هيڪِڙو.
4
ٻِيُون
ڏيئِي ٻَنِ
کي، هَلِجِ
پاسي هيڪَ؛
وَرُ
نه سَهي
ويڪَ، تُون،
ٽيڏِي! ٽِئايُون
ڪَرِين.
5
اَڃا
تُون اَواٽَ،
واٽان پاسي
ويسِرِي؛
سُونهِين
ٿِي سُواٽَ،
ته مَنجھان
دِلِ دَڳُ
لَهِين.
6
پانهِين،
پسِي پَٻُ؛
مَتان ڪا،
مُنڌَ! ڏِئين؛
اَڳيان
ڪَؤ مَ
ڪَٻُ، اِيُ
قالِي آڏو
ڪيچَ کي.
Shah Abdul Latif Bhittai
Back to INDEX
سُر يمن ڪلياڻ
سُر سريراڳ
سُر سامونڊي
سُر سهڻي
سُر سسئي آبري
سُر ڪوهياري
سُر حسيني
سُر سورٺ
سُر ڪيڏارو
سُر سارنگ
سُر آسا
سُر رپ
سُر کاهوڙي
سُر بروو سنڌي
سُر رامڪلي
Comments
Post a Comment