فائيلم اڪائينوڊرميٽا

فائيلم اڪائينوڊرميٽا (Phylum Echinodermata)
اڪائينوڊرميٽا جانورن جي کل کھري ۽ ڪنڊن واري آھي. اھي صرف سمنڊ ۾ ملن ٿا. ھنن جو جسم پنج جزوي (Pentamerous) ھوندو آھي ۽ سندن آبي مشڪن جو سرشتو (Watermuscular system)  لاثاني ھوندو آھي. جيڪو ٻاھرين پاڻيءَ کي سڄي جسم ۾ پمپ (Pump) ڪندو رھي ٿو. ھي سرشتو ھڪ  نرم ٽيوب جھڙي شڪل جي پير (Tube feet) جي ڪري عمل ۾ ايندو آھي جيڪوپاڻيءَ ۾ پھڻن يا پٿرن مٿان چڙھڻ لاءِ رھنمائي ڪري ٿو. ھنن کي نه اکيون آھن نه مٿو ۽ نه ئي دماغ آھي.
ھن جا مثال اسٽارفش (Star fish) سئنڊالر (Sand dollar)، سامونڊي کيرو (Sea cucumber)، سامونڊي ارچن (Sea urchin) وغيرھ آھن. اسٽارفش ڇٽي ۽ پنج ٻانھن واري آھي جڏھن ته سامونڊي ارچن بال وانگر گول آھي جنھن کي ٻانھون ڪونھن.
  
مفت خور  (Parasite)
اھڙا جاندار يا جيڪي ٻين جاندارن مان کاڌو حاصل ڪن ٿا تن کي مفت خور يا پئراسائيٽ (Parasite) چئبو آھي. مفت خور پنھنجي ميزبان کي ڪڏھن ڪڏھن نقصان به پھچائي ٿو.

پنج مفت خور ۽ سندن فائيلم
مفت خور  (Parasite)
فائيلم (Phyllum)
1.   ائسڪيرس
1.   نيماٽوڊا
2.   لورفلوڪ
2.   پليٽي ھيلمنٿس
3.   ٽيپ ورم
3.   پليٽي ھيلمنٿس
4.   ايموبا
4.   پروٽوزوئا
5.   پئراميشيم
5.   پروٽوزوئا



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت