ڪلين (Gills) جي بناوت ۽ ڪم يا آبي جانورن ۾ ساھ کڻڻ

ڪلين (Gills) جي بناوت ۽ ڪم يا آبي جانورن ۾ ساھ کڻڻ
ڪليون (Gills) پاڻيءَ ۾ رھندڙ جانورن ۾ ساھ کڻڻ جا عضوا آھن جن جي مدد سان اھي سڌو سنئون پاڻيءَ سان رابطي ۾ اچن ٿا. پاڻيءَ وارا جانور ته ڪيترن ئي قسمن جا ٿين ٿا پر بنيادي عضوا سڀني ۾ اٽڪل ساڳيا ٿين ٿا. ھرڪليءَ ۾ ڪيترائي تَھَ ٿين ٿا جن کي ليميلا (Lamelae) چئبو آھي. ھنن تهن ۾ وار جھڙيون سنھيون رت جون ناليون (Blood capillaries) ٿين ٿيون، جن ۾ گئسن جي مٽاسٽا وارو عمل ٿئي ٿو. ماحول ۾ موجود آڪسيجن پاڻيءَ مان رت ۾ نفوذ ٿئي ٿي ۽ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ سڌو سنئون ٻاھر نيڪال ٿئي ٿي. ھن سڄي عمل ۾ گئسن جي مٽاسٽا ۽ گئسن جي چُرپُر ۾ ساھ کڻڻ واريون رطوبتن جي مدد ضروري ھوندي آھي.

ساھ وارين نالين (Tracheal tubes) جي بناوت ۽ ڪم يا جيتن ۾ ساھ کڻڻ
ساھ جون نليون خشڪيءَ تي رھندڙ جيتن ۾ ٿين ٿيون، جيڪي اڳتي ھلي سڄي جسم ۾ نالين جو ڄار وڇائي ساھ کڻڻ جو سرشتو ٺاھين ٿيون. ھن طريقي سان آڪسيجن تيزي سان گھرڙن تائين پھچي ٿي ۽ نتيجي طور ساھ کڻڻ ۽ توانائي ٺھڻ جا عمل به تيز ٿين ٿا. 

جيتن ۾ ڌڙ ۽ پيٽ جي مختلف پاسن تي جوڙن جي صورت ۾ ڪيئي سوراخ اسپائيراڪلس (Spiracles) ٿين ٿا جيڪي شاخن وارين ساھ جي نالين (Trachea) ڏانھن ھوا کي گذارين ٿيون. ھر ناليءَ جي اندران ھڪ بچاءُ جي نالي ڪيوٽيڪل (Cuticle) ٿئي ٿي جيڪا ٽريڪيا (Trachea) کي سُسي وڃڻ کان بچائي ٿي. ھر حصي ۾ ٽريڪيا ڪيترن ئي ننڍڙين نالين ٽريڪيولس (Tracheoles) ۾ ورھائجي وڃي ٿي جيڪي سڄي جسم جي تاندورن ڏانھن پکڙجي وڃن ٿيون. ھنن نالين ۾ بچاءُ واري نالي ڪيوٽيڪل ڪونه ٿئي، آرام جي صورت ۾ ھي ننڍيون ناليون پاڻياٺ ڳار سان ڀريل ٿين ٿيون، جنھن جي مدد سان حل ٿيل گئسن جي مٽاسٽا ٿئي ٿي.


Back to Index



Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت