Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

قلندر - اسلم منصور دائود پوٽو



سنڌ سان پيار چاهيون ٿا قلندر!
وطن جو وقار چاهيون ٿا قلندر

محبت ۽ امن گهرون ٿا اسين،
ايڪي جو اظهار چاهيون ٿا قلندر!

اسان شاهه ڀٽائي جي دعا سان،
سنڌ ۾ سڪار چاهيون ٿا قلندر!

سنڌ مان غربت جي خاتمي لاءِ.
اسين روزگار چاهيون ٿا قلندر!

ويرانين ۽ اجڙيل بهارن ۾ اسين،
گل و گلزار چاهيون ٿا قلندر!

هوائن جي هٻڪارن سان اسين،
موسمِ بهار چاهيون ٿا قلندر!

سنڌين جو ڪوس بند ڪرڻ لاءِ،
هوشوءَ جي للڪار چاهيون ٿا قلندر!

امن جي پيغام ڏيڻ جي لاءِ،
پڙهڻ اشعار چاهيون ٿا قلندر!

ماڻهپي ۽ محبتن جي لاءِ اسلم،
شفقتون سهڪار چاهيون ٿا قلندر!


اسلم منصور دائود پوٽو

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more