عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
-------
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ رضہ اَنَّ رَسُوۡلَ اللہِ صلی اللہ علیہ وسلم نَھیٰ عَنۡ صَوۡمِ یَوۡمِ عَرَفَۃَ بِعَرَفَۃَ۔ 
(سنن ابہ داؤد شریف کتاب الصوم باب فی صوم عرفۃ بعرفۃ ج 1 ص 331۔ مسند احمد بن حنبل ج 1 ص 217۔ و ج 2 ص 47۔ و ج 4 ص 152۔ و ج 6 ص 338)
”حضرت ابو هريره ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن عرفات ۾ نائين ذي الحج جي ڏينهن جي روزي رکڻ کان منع فرمايو آهي.

حاجي سڳورا اگر نائين ذي الحج جي ڏينهن روزو رکي ته ٿي سگهي ٿو ته ان ڪري ڪمزوري لاحق ٿي وڃي جنهن جي ڪري عرفات جي ميدان ۾ ٻين افعالن ۽ ارڪانن ۽ اعمالن جي ادا ڪرڻ ۾ نقصان ۽ خلل واقع ٿئي تنهن ڪري اهڙي ماڻهونءَ جي لاءِ نائين ذي الحج جي روزي رکڻ جي ممانعت فرمائي وئي آهي ليڪن اها ممانعت نهي تحريميءَ جي طور تي نه بلڪه نهي تنزيهيءَ جي طور تي آهي. 
(فتاويٰ عالمگيرية ڪتاب الصوم الباب الثالث ج 1 ش 201 ــ 202)




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت