ايموبيا (Amoeba)

ايموبيا (Amoeba)

ايموبيا يوني سيلولر جاندا ر آھي جيڪو تلائن ۽ کڏن جي بيٺل پاڻيءَ ۾ ملي ٿو. اھو اک سان نظر نه ايندو آھي ھن جي ماپ اٽڪل 0.25 ملي ميٽر ٿيندي آھي. ھن جي ڪا مستقل شڪل نه ھوندي آھي ھن جي شڪل بدلجندي رھي ٿي. ھن جو سائٽو پلازم ۽ مرڪز جيوگھرڙي جي پڙدي سان ويڙھيل آھن سائٽو پلازم جو ٻاھريون شفاف حصو ايڪٽوپلازم (Ectoplasm) ۽ اندريون داڻيدار حصو اينڊوپلازم (Endoplasm) سڏبو آھي.

اينڊوپلازم ۾ ڪيترائي کاڌي وارا خال (food vacuoles)  موجود ھوندا آھن. ايموبيا جي حرڪت ڪرڻ سان نيوڪليس به پنھنجي جاءِ مٽائي ٿو. حرڪت ڪرڻ وقت ھن جي جسم مان آڱرين جھڙا عضوا پيدا ٿين ٿا جيڪي ڪوڙا پير (Pseudopodia)  سڏبا آھن. سيڊو پوڊيا سان کاڌي جي ذرڙن کي  پڪڙي به ٿو. ايموبيا ساھ کڻڻ لاءِ گئسن جي مٽاسٽا پنھنجي سطح تي ڪندو آھي.



Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت