Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...

 

ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...

 

انگريزي چوڻي آهي ته A friend in need is a friend indeed پر اهو ثابت ڪرڻ هر ڪنهن جي وس جي ڳالهه نه آهي. دوستي خالي لفظن جو ڍانچو نه آهي پر ان ۾ ڏک، سک، تڪليفون، خوشيون، غم، ٽهڪڙا ۽ ساٿ شامل هوندو آهي. اسان جي هن سفر ۾ جن دوستن اسان سان پروگرام طئي ڪيا ته اهي هن سفر ۾ اسان جي رونقن کي دوبالا ڪندا پر اهي ائين نه ڪري سگهيا. ڪنهن به ڪم جي نه ڪرڻ جا ڪي به بهانا ٿي سگهن ٿا، جيڪي واري جي ڀت جيان ڪمزور هوندا آهن، پر ڪنهن به ڪم کي ڪرڻ جي لاءِ جيڪڏهن ارادا مضبوط آهن ته هر ڏکيو ڪم به سولو ٿي سگهي ٿو. دوستن ”ها“ ڪري وري ”نه“ ڪئي. جنهن جي ڪري ڏک ٿيو، جيڪو نه ڪرڻ کپندو هو. پر ڇا ڪيون، سادا آهيون، پرمتڙيا آهيون، ڀوڪ آهيون، ڌوپار آهيون ۽ هر ڪنهن تي جلدي اعتبار ڪري وٺندا آهيون، ان ڪري دل آزاري به ٿيندي رهندي آهي.

 سو هن سفر ۾ به ڪجهه دوستن اوچتو آخري ٻن ٽن ڏينهن ۾ کتو جواب ڏيئي سفر جي ساٿي بڻجڻ کان انڪاري ٿي ويهي رهيا. هر ڪنهن دوست جون پنهنجون مجبوريون. پر جڏهن ويزا لڳي ويئي هجي، ٽڪيٽون به ڪنفرم ٿي ويون هجن. مالديپ ۾ به هوٽل بڪ ٿي ويئي هجي ته پوءِ ماڻهو جي حت الامڪان اها ڪوشش هجي ها ته دوستن جو ساٿ ڏجي ها. دوستن سان گڏ بيهجي ها. دوستن کي رڻ ۾ نه رولجي ها. پر جڏهن انهن دوستن طئي شده پروگرام کي ٽوڙي مروڙي، ختم ڪري ڇڏيو ته پوءِ سوال اهو پيو پيدا ٿئي ته 19 جون 2024ع تي پوءِ منهنجي آفيس ۾ شام جو گڏ ٿي، سڀني دوستن حتمي راءِ ڏيندي مٿيان ٻه ملڪ جهڙو مالديپ ۽ سري لنڪا فائينل ڪري ڇڏيو هو ۽ اهي دوست ان گڏجاڻي ۾ پاڻ به موجود هيا. انهن نه فقط ان گڏجاڻي ۾ پنهنجو فيصلو پاڻ ڪيو پر انهن وڌ کان وڌ دلچسپي ڏيکاري پروگرام کي اوڪي ڪيو. پر بعد ۾ هر ڪنهن سان وڏا مسئلا ٿيا. جن انهن دوستن جي راهه ۾ رڪاوٽون وجهي، انهن کي اسان سان گڏ هلڻ جو ارادو ملتوي ڪرائي ڇڏيو. جيڪو ٿيو سو خوب ٿيو...

بقول شاهه ڀٽائي رح جي ته:

ڪڻي منجهه ڪڻا، هوا هيڪاندا سنگ ۾،

ڳاهي ڳاهه فراق جي ڪيا ڌارئون ڌار،

نه ڄاڻاڻ ٻيهار ڪير ملي ڪنهن سين.

شاهه رح

 

 



 

 Index



Digital Sindh, Smart People


Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more