ايڊينو سائن ٽراءِ فاسفيٽ (ATP) جو ٺھڻ

ايڊينو سائن ٽراءِ فاسفيٽ (ATP) جو ٺھڻ
ATP کي توانائيءَ جو سڪو چئبو آھي ڇو ته جسم جا گھرڙا توانائيءَ جو استعمال ATP جي صورت ۾ ڪن ٿا. جيو گھرڙن جي اندر مائٽوڪونڊريا ۾ اھو توانائيءَ جو سڪو ڪيميائي عمل ذريعي ٺھي ٿي اي ٽي پي ڪيميائي طور ٽن مادن جو مجموعو آھي. ايڊينائن (Adenine) جيڪا رائبوسوم (5 ڪاربان واري کنڊ) سان ملي ڪري ايڊينو سائن (Adenosine) ٺاھين ٿا ان سان گڏ غير نامياتي فاسفيٽ جا ٽي ماليڪيول ملي ATP ٺاھين ٿا.
ڪيميائي طور تي ATP کي ھڪ انزائيم اي ٽي پئز (AT Pase) جي مدد سان فاسفيٽ ماليڪيول نيڪال ڪرڻ سان 30.6 ڪلو جول (7.3 kcal) توانائي حاصل ٿئي ٿي.
توانائي نيڪال ٿيڻ کان پوءِ رھيل خالي کوکو اي ڊي پي (ADP) توانائي رکي ٿو، ان مان آڪسيجن جي استعمال سان آڪسيجڻ (Oxidation) وسيلي اٽڪل 1100 ڪلو جول (263 kcal) گھرڙن کي ملي ٿي باقي بچيل گرميءَ جي صورت ۾ نيڪال ٿي وڃي ٿي.

گھرڙن ۾ ساھ کڻڻ جي عمل
 گھرڙن ۾ آڪسيجڻ (Oxidation) جي ڪري توانائي نيڪال ٿئي ٿي ان کي گھرڙن ۾ ساھ کڻڻ چئبو آھي. ھن عمل کي تاندورن ۾ ساھ کڻڻ جو عمل به چئبو آھي. دراصل اھو توانائي ٺھڻ جو عمل آھي.

ھن عمل جا ٻه قسم آھن
1)   ايروبڪ ساھ کڻڻ (Aerobic respiration)
اھڙو ساھ کڻڻ جو عمل جنھن ۾ آڪسيجن جي ضرورت ھوندي آھي ان کي ايروبڪ ساھ کڻڻ يا آڪسيجن سان ساھ کڻڻ چئبو آھي. عام طور تي جانورن ۽ ٻوٽن ۾ ھي طريقو ٿيندو آھي جيڪو ھوا ۾ آزاد حالت ۾ آڪسيجن جي موجودگيءَ ۾ ٿيندو آھي. ھن طريقي ۾ گھڻي کان گھڻي توانائي کاڌي کي ڳاري حاصل ڪجي ٿي جنھن سان گلوڪوز جي ھڪ مول مان 2827 ڪلو جول توانائي ملي ٿي ھن عمل ۾ ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ۽ پاڻي بيڪار مادن جي صورت ۾ ٺھن ٿا ۽ ڪوبه زھريلو مادو نٿو ٺھي.

2)   ائن ايروبڪ ساھ کڻڻ (Anaerobic respiration)
اھڙو ساھ کڻڻ جو عمل جنھن ۾ آڪسيجن جي ضرورت نه ھوندي آھي ائن ايروبڪ ساھ کڻڻ يا بنا آڪسيجن ساھ کڻڻ چئبو آھي. عام طور ھي طريقو ڪجھ جيوڙن ۽ مُفت خورن ۾ ٿيندو آھي ھن عمل کي خميرجڻ (Fermentation) به چئبو آھي. جيئن ته ھن عمر ۾ آڪسيجن جو استعمال نٿو ٿئي جنھن جي نتيجي ۾ کاڌي مان توانائي گھٽ حاصل ٿي سگھندي. ايروبڪ جي مقابلي ۾ اين ايروبڪ طريقي ۾ صرف 5 سيڪڙو توانائي ملي ٿي. بئڪٽيريا ۽ فنجائي ۾ ھن قسم جي ساھ کڻڻ واري عمل سان ھڪ ته ڪاربان ڊاءِ آڪسائيڊ ٺھندي آھي ٻيو وري الڪوحل جو ھڪ قسم ايٿانول به ٺھندو آھي جڏھن ته جانورن ۾ وري ليڪٽڪ ائسڊ جي صورت ۾ توانائي پيدا ٿيندي آھي. ايٿانول ۽ ليڪٽڪ ائسڊ ٻئي مادا ڪافي زھريلا آھن جيڪي جاندارن لاءِ نقصانڪار ھوندا آھن.


Back to Index


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت