ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
-------
 (1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ ابْنَ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ حِينَ صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ إِنَّهُ يَوْمٌ تُعَظِّمُهُ الْيَهُودُ وَالنَّصَارَى فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم لَءِنۡ بَقِیۡتُ اِلیٰ قَابِلٍ لَاَصُوۡمَنَّ الۡمَنَابِعَ۔
(مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم یوم عاشوراء ج 1 ص 367)

”حضرت ابن عباس ؓ  فرمائي ٿو ته جنهن وقت پاڻ ڪريم ﷺ جن عاشوري (يعني ڏهين محرم الحرام) جو روزو رکيو ۽ 


صحابه ڪرام عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ هي ته اهو ڏهاڙو آهي جيڪو يهود ۽ نصاريٰ وٽ وڏو عظيم ڏينهن آهي (۽ چونڪه يهود و نصاريٰ جي مخالفت اسان جو شيوو آهي لهذا اسين روزو رکي ڪري ان ڏهاڙي جي عظمت ڪرڻ ۾ يهودين ۽ عيسائين جي موافقت ڪيئن ڪريون) پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته اگر آءُ آئنده سال زنده رهيس ته محرم الحرام جي نائين تاريخ جو به ضرور روزو رکندس.

(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ عَبۡدِ اللہِ بْنَ عَبَّاسٍ رضہ قَالَ حِينَ صَامَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَوْمَ عَاشُورَاءَ وَأَمَرَ بِصِيَامِهِ قَالُوا يَا رَسُولَ اللَّهِ إِنَّهُ يَوْمٌ یُعَظِّمُهُ الْيَهُودُ وَالنَّصَارَى فَقَالَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم  فَإِذَا كَانَ الْعَامُ الْمُقْبِلُ   إِنْ شَاءَ اللَّهُ   صُمْنَا الْيَوْمَ التَّاسِعَ قَالَ فَلَمْ يَأْتِ الْعَامُ الْمُقْبِلُ حَتَّى تُوُفِّيَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم ۔ 
(مسلم شریف کتاب الصوم باب صوم یوم عاشوراء ج 1 ص 367)

”حصرت عبدالله بن عباس ؓ  کان روايت آهي ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن عاشوري جي ڏينهن جي روزي رکڻ جو معمول بڻائي ڇڏيو ۽ مسلمانن کي به ان جو حڪم ڏنو ته بعض صحابه ڪرام عرض ڪيو ته اي الله جا رسول ﷺ ان ڏهاڙي کي ته يهودي ۽ عيسائي وڏي ڏينهن جي حيثيت سان ملهائيندا آهن (ان ڏهاڙي جو روزو ته انهن سان مشابهت ۽ اشتراک آهي لهذا ان ۾ ڪا اهڙي تبديلي آڻيو جنهن کان پوءِ اها مشابهت واري ڳالهه باقي نه رهي) ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ارشاد فرمايو ته انشاء الله جڏهن آئنده سال ايندو ته اسين نائين تاريخ جو به روزو رکنداسين. عبدالله بن عباس ؓ  فرمائي ٿو ليڪن ايندڙ سال جي محرم الحرام جي مهيني اچڻ کان پهريائين پاڻ ڪريم ﷺ هن دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويا.

هن حديث شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته آئنده سال محرم الحرام جي نائين تاريخ جو روزو رکنداسون. ان جو هڪ مطلب ته هي آهي ته آئنده اسين صرف نائين تاريخ جو روزو رکنداسون ۽ ٻيو مطلب هي آهي ته آئنده کان اسين ڏهين تاريخ سان گڏ نائين تاريخ جو روزو به رکنداسون ۽ انهيءَ طريقي سان اسان ۽ يهود و نصاريٰ جي طرز عمل ۾ فرق اچي ويندو ۽ اڪثر اهلِ علم حضرات ٻئي مطلب کي ئي ترجيح ڏني آهي، ۽ فرمايو آهي ته ڏهين تاريخ سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو رکڻ گهرجي ۽ اگر ڪنهن سبب جي ڪري نائين تاريخ جو روزو نه رکيو ويو هجي ته پوءِ يارهين تاريخ جو روزو رکڻ گهرجي ته جيئن اها مشابهت ختم ٿي وڃي ۽ اهي روزا رکڻ مستحب آهن.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت