شاهه جي نطر ۾ انسان جو تصور

شاهه جي نطر ۾ انسان جو تصور
ماهنامي ”نئين زندگي“ تان ورتل
(جولاءِ 1961ع)
         
ڪائنات جا اسرار بي انتها آهن ۽ جيتري انهن جي ڦولهه ڪبي، اوتري قدر مونجهاري ۾ پئبو، جنهن ڪري ڀٽائي صاحب فرمايو آهي ته:
”اونهي تنهن عميق جي، واري ڇڏ وماس.
انهيءَ  ڪائنات کي صوفين پنهنجي اصطلاح ۾ ”عالم اڪبر“ ڪري سڏيو آهي؛ ۽ انان، جو ڪائنات جو جزو آهي، تنهن کي ”عالم اصغر“ ڪي چيو اٿن. جيڪي به ڪائنات ۾ موجود آهي، تنهن جو اختصار انسان ۾ موجود آهي. تنهن ڪري انسان سڀني ممڪنات (ممڪن يا ٿيندڙ شين) جو مجموعو ۽ مصدر آهي. انهيءَ حالات ۾ انسان جي وجود جا اسرار به لامتناهي ۽ غيرمحدود آهن، جيئن شاهه صاحب فرمايو آهي ته:
نڪا اِبتدا عبد جي، نڪا انتها
جن سڃاتو سپرين، سي وڃڻ کي ويا.
انهيءَ ڪري صوفين وٽ مشهور حديث آهي ته ”من عرف نفسه فقد عرف ربه“ (جنهن پاڻ کي سڃاتو، تنهن پنهنجي رب کي سڃاتو).
باوجود انهي رتبي جي انسان ٻن متضاد (مخالف) طاقتن جي وچ ۾ آهي. منجهس ملڪوتي طاقتون به اهن ته بهيمي (يعني مِرُن جون) طاقتون به. جيڪڏهن بهيمي طاقتون زور پئجي وين ته انسان پسونءَ جي درجي کان به هيٺ ڪري پوندو. پر جيڪڏهن ملائڪي قوتون قابض ٿيون ته مُلڪن جي درجي کان به مٿي چڙهي ويندو. جيئن فارسي واري چيو آهي ته:
آدمی زادہ چرفہ معجونیست
از فرشتہ سرشتہ و از حیوان
گر کند میل این شود بہ ازین
ور کند میل آن شود بہ ازان۔
تنهن ڪري انهن متضاد طاقتن جي وچ ۾ هميشه جنگ جاري آهي. جنهن پنهنجي نفس کي ماري مات ڪيو، تنهن گويا وجود جو ورق واريو، ۽ پاڻ کي اِلاهي حضور جي لائق ثابت ڪيو. اهڙو ماڻهو روحاني ترقي ڪدني ڪندي، آخر اهڙي حد کي پهچي ٿو، جتي ان کي ڪامل انسان چئجي. صوفين جي نظر ۾ ڪامل انسان فقط رسول الله صلعم ئي آهي، جو پنهنجي ڪمال ۽ قرب سبب اهڙي حد تي پهتل آهي، جو نڪي عاشق آهي نڪي معشوق، ۽ نڪي خالق نڪي مخلوق. انهي باري ۾ شاهه لطيف فرمائي ٿو:
عاشق چؤ مَ ان کي، مَ ڪي چؤ معشوق
خالق چؤ مَ خام تون، مَ ڪي چؤ مخلوق
سلج تنهن سلوڪ، جو ناقصيائي لڱيو.
اهڙي حبيبي حقيقت، جنهن کي صوفي ”حقيقت محمدي“ ڪري چوندا آهن، خواجه محمد زمان لنواري واري هن طرح بيان ڪئي آهي؛
عجب جهڙي آهي، حقيقت حبيب جي
نڪين چئبو سو ڌڻي، نڪين مخلوقا
شفق جي  ساڃاءِ،  جامع  ليل و نهار کي.
گرهوڙي صاحب وري ان جو وستار هن طرح ڪيو آهي:
وصف جنهن ورنهه جي، مٿو مور نه آهه،
سسئي سهڻي مون پرين، مارئي محبوبا
پاڙي مون پرينءَ جي، مجنون مشتاقا
حقيقت حبيب جي، عجب جهڙي آهه
جامع ليل و نهار کي، شفق جي ساڃاءِ
آگو چؤ مَ  ان کي، نڪين مخلوقا.
اهو سالڪ، جو انهيءَ منزل کي رسي ٿو، تنهن گويا توڙا ڪيو ۽ اهو آهي انسان جي ڪمال جو شان، جو بشري عارضن جي فنائيت بعد نصيب ٿئي ٿو. جيئن شاهه فرمائي ٿو:
نابوديءَ نيئي، عبد کي اعليٰ ڪيو
مورت ۾ مخفي ٿيا، صورت پڻ سيئي
ڪبي آتِ ڪيهي،  ڳالهه پريان جي ڳجهه جي.
اهڙي قسم جو قرب ۽ اتصال، عبد ۽ معبود جي وچ ۾ راءِ ڏياچ ۽ ٻيجل جي قصي ۾ نمايان آهي. ان ۾ هڪ وڏي تمثيل رکيل آهي، جنهن جي اپٽار انهن بزرگن ڪئي آهي، جي اسلامي تصّوف جي اسرارن کان واقف آهن. جيڪي طالب آهن، سي انهن جي روحاني وارثن وٽان يا سندن ڪتابن مان پروڙين. اها تمثيل شاهه جي هيٺين ٻن بيتن ۾ ايتري قدر عيان آهي، جو وڌيڪ بيان جي ضرورت نه اٿس. ڪي رند اهو راز پروڙين:
(1)
نرتي تند نياز سين، ٻرائي بيجل
راجا رتولن ۾، اونائي امل
راز ڪيائين راءِ سين، ڪنهن موچاريءَ مهل
انا احمد ”بلامبم“ چئي، سين هنئي سائل
ڪنهن ڪنهن پيئي ڪل، ته ه دوئي هيڪ ٿا.
(2)
ڪنهين ڪنهين ماڙهئين، پيئي ڪل ڪائي
”الانسان سري و اناسره“ ورتي ايءَ وائي
راجا راڳائي، هر دوئي هيڪ ٿيا.
اهڙي اعليٰ درجي حاصل ڪرڻ لاءِ دائمي جدوجهد جڳائي. تتيءَ ٿڌي ڪاهڻ گهرجي. جيڪڏهن ويسلائي ٿي ته مقصود هٿان هليو ويندو:
تتيءَ ٿڌيءَ ڪاه، ڪانهي ويل ويهڻ جي
متان ٿئي اونداه، پير نه لهين پِر جو.

واقف نه وڻڪار جي، اڳ نه ڏيهه ڏٺوم
ڏونگر ڏوراپن سين، ڪاتيءَ ري ڪٺوم،
جيلاه محب مُٺوم، تي ڇُلون ڪريان ڇپرين.

هتان کڻي هُتِ، جن رکيو سي رسيون
ساڄن سونهن سُرت، وِکائي ويجهو گهڻو.


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت