Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

تو پُڄاڻان - بلوچ صحبت علي


 

تو پُڄاڻان،
هاڻي ته اذيتن ۾ به اضافو ٿي ويو آهي،
هاڻي لُپريون ڪير ٻڌندو،
هاڻي ڦٽن تي ڪير پها رکندو،
هاڻي ڪير توجيان زخمن جي ٽڪور ڪندو؟
هاڻي ڪير آهي جنهن کي منهنجو احساس ٿيندو،
هاڻي رئي جي ريڙ ڪير ڦاڙي،
منهنجو رت روڪيندو؟
هاڻي ڪير مون لاءِ اوجاڳا ڪندو؟


هاڻي ته اُها سگهه به ناهي رهي،
هاڻي ته اوکن پيچرن ۾ اٽڪي پيو هان،
هاڻي ته دڳن جا نشان به ڊهن ٿا،
هاڻي منزلن جو ڏس پتو ڪير ڏيندو؟
او جيجل !
ڏس ، توبن ڪيڏو اڌورو، اڻ پورو،
۽
اڏوهي کاڌل ٿي ويو هان.
--------------

(ڀاڱا ڀاڱا ڀونءِ کان ورتل )

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more