شيخ عبداللطيف جو احوال

شيخ عبداللطيف جو احوال (1)
ماهنامي ”نئين زندگي“ تان ورتل
(ڊسمبر 1958ع)
شيخ  (2) عبداللطيف، سيد عبدالڪريم بلڙيءَ واري جو پوٽو  (3) هو، جتي هو مٽارين کان لڏي آيو هو. هو تمام پرهيزگار ۽ متدين انسان هو، ۽ هال واري مخدوم نوح جو دادلو مريد هو. سنديس نماڻائي ۽ نهٺائي تمام جهجهي هئي ۽ ان سان گڏ پرهيز ۽ تقويٰ سبب کيس بلڙيءَ ۾ وڏي عزت ڏني ويندي هئي. خدا جي برڪت سان کيس ٽي پٽ هئا. (4) جن جا نالا هئا: 1. عبدالوارث 2. عبدالواسع ۽ 3. شاهه حبيب. شاهه حبيب جڏهن وڏو ٿيو، تڏهن پنهنجو اٻانو ڳوٺ ڇڏي، هالا تعلقي ۾ وسّن (سونءُ) جي ڀرسان اچي گهر اڏي ويٺو، جنهن کي سندس نالي پٺيان سڏبو آهي، پر جا هينئر ويرانيءَ جو ڍير آهي. هتي ان کي (1102 هه ــ 1690ع هڪ فرزند ڄائو. (هن حڪايت جو سورمو) يعني بزرگ ميان شاهه عبداللطيف، جو سنڌين جي چوڻ موجب ”ڄايندي ڄام“ هو ۽ ولادت کان وٺي فوق الفطرة طاقتن جي ڏات مليل هيس. هن پنهنجي زندگيءَ جي عرصي ۾ ڪيتريون ئي ڪرامتون ڪيون، جي هن احوال ۾ ڄاڻايون وينديون. منجهس اهي وڏيون طاقتون هن ڪري پيدا ٿيون، جو هن کي سڀني مخلوق شين لاءِ گهاٽو عشق هو. انهيءَ عميق پيار ئي هن جي طبيعت کي روحاني شين جي طلب ڏانهن مائل ڪيو. انهيءَ مخلوق ۽ روحاني اسرارن جي گڏيل نيهن هن کي ڪامل ترين ۽ ديندار انسان بنايو.
گهڻين ئي مقدس شخصن هن ڳالهه تي قرار ڏنو آهي ته خالق سان محبت رکڻ جو پهريون قدم آهي ان جي مخلوق سان محبت، ۽ اهو ئي پنهنجي من جي مرادن حاصل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيندو، جو انهيءَ راهه تي راسخ رهندو، ۽ جنهن جي پهرين وک اهو مخلوق جو نينهن آهي. پر اهي جن کي انهيءَ پيچري تي هلڻ جي همت ناهي، سي واٽ وڃائي وهندا. اهي جن کي الله تعاليٰ جو سچو عشق آهي، سي خدائي صنعتن کي فقط ظاهر مورتن وانگر نٿا ڏسن، بلڪه انهن مان سندن صانح جي قدرت جو سبق سکن ٿا. اهي جيڪڏهن اتفاق سان دنيائي (يعني مجازي) عشق جي گپ ۾ عارضي طور آڙجندا، ته به خدا تعاليٰ جي لطف سان ستنئي سواءِ ڪنهن آسيب جي ٻاهر نڪري ايندا.
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شاهه عبداللطيف (جواني ۾) مرزا بيگ (مغل) جي حسين نياڻيءَ جي عشق ۾ ڦاٿو، جو ڪلهوڙن کان اڳ حڪومت ڪندو هو. سنديس نينگر هالا ۾ سانڱڙي واهه جو ڪپ تي هرندي هئي. شاهه جو عشق ڏينهون ڏينهن تڪڙو وڌندو ويو ۽ آخرڪار سندس ذهن ۾ آيو ته اها ڳالهه ٺيڪ ٿيندي جو مرزا بيگ کيس پنهنجي نياڻي جو سڱ بخشي. سنديس الفت جي مرزا بيگ جي ماڻهن کي ڪڻڪ پئجي ويئي. پر اهي مرتبي ۽ مال جي آڪڙ تي ٽانءِ ۾ ڀرجي ويا، ۽ اهيءَ قصي کي ڪن لاٽار ڪري ڇڏيائيون. سمجهيائون ته ساهه صاحب هڪ سڃو فقير آهي، سو جيڪڏهن ڪا تڪليف ڏنائين ته کيس سولائي سان اُڪلائي سگهبو. شاهه کي جڏهن سندن انهي رويي جي خبر پيئي، تڏهن پاڻ پتوڙڻ ۽ ڪرامتون ڏيکارڻ لڳو. هو بار بار اهي جايون ۽ ڳليون گهمندو هو، جتي سندس معشوقه رهندي هئي. جڏهن مغلن کي اها سڌ پيئي، تڏهن سندس اچڻ وڃڻ جون واهون بند ڪري ڇڏيائون. تنهن تي شاهه پنهنجي محبوبه کي ملڻ ۽ سندس منوهر جي منهن پسڻ لاءِ پاڻ کي بعضي ڀؤنر جي شڪل ۾، بعضي ڪبوتر ۽ ڪاريهر جي صورت ۾ بدلائي، مخفي طور سندس خاص حجري ۾ لنگهي ويندو هو. آخر مغلن کي انهي مام جي ڄاڻ پئجي وئي ته شاهه ڪيئن نه پنهنجو ويس مٽائي، پنهنجي من موهن وٽ ڳجهي طرح اچي ٿو. سو گهر جا سڀيئي چارا بند ڪري ڇڏيائون. جڏهن شاهه جا سڀئي سعيا صاب نه پيا، تڏهن لاچار ٿي مرزا بيگ جي نياڻيءَ جي ماڙيءَ جي سامهون هڪ واريءَ جي دڙي تي وڃي ويهي رهيو. ڪيترائي ڏينهن اهڙي انتر ڌيان ۾ محو رهيو، جو مٿي کان سواءِ ساري ڌڙ مٿان واري ور ويس.
ڪنهن کي به انهيءَ اسرار جي ڪل ڪانه رهي. سواءِ هڪ ”ڄام“ نالي ٻڪرار جي، جنهن اتان لنگهندي فقط شاهه جو سٿو ڏٺو، مگر سڄو ڌڙ واريءَ ۾ پورجي ويو هوس. هن سندس مٿي کي هٿ لاٿو ۽ ڏٺائين ته جئونئن سان ڀريو پيو آهي. دانهن ڪري چيائين ته ”او شاهه! تنهنجو مٿو جونئن سان جهنجهيو پيو آهي.“ جنهن تي شاهه هيٺيون بيت ڏنو:
ڏهلا موون ڏينهن ٿيا، پيم ڄام ڄيون
ڪندي پنڌ پهاڙ ۾، ٿيڙم روح ريون
لڇيو ٿيان، لطيف چي، ڪارڻ دوست ديون
ڀانيان لوڪ ليون، جي سور پريان جا ساڻ مون. (5)
اهي لفظ ٻڌي ٻڪرار کي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ وري جڏهن ٻن ٽن ڏينهن بعد اتان لنگهيو، تڏهن ڇا ڏسي ته شاهه جو مٿيو به واريءَ ۾ پورجي ويو آهي. تنهن ڪري يڪدم شاهه حبيب ڏي ڀڄندو ويو، ۽ ساري روبڪار جو ڃي احوال ڏنائين. شاهه صاحب اها ڏک جهڙي ڳالهه ٻڌي يڪدم انهيءَ هنڌ وڃي پهتو، ۽ شاهه کي مئل سمجهي غم مان هيءَ سٽ چيائين:
لڳي لڳي واءُ؛ ويا انگڙا لٽجي. (6)
شاهه واريءَ هيٺان وراڻيو:
پئي کڻي پساهه، پسڻ ڪارڻ پر جي. (7)
ڪٿان بر پرو ڪونه پيس. ڪن ماڻهن صلاح ڏني ته فلاڻي سوٽهر کان جو اوهان جي فرزند سان گهرو آهي، تنهن کان پڇو، اهو اوهان کي ڪونه ڪو ڏس پتو ڏيندو. تنهن تي شاهه حبيب واڍي کان پڇيو ته وس آهر سندس نشان ڏينم. واڍي پهريائين ته انڪار ڪيو، چي ”مون کي شاهه منع ڪئي آهي.“ پر پوءِ گهڻي منٿ ۽ معذت بعد ۽ اڪيچار آپسن جي انجم تي هن اهو ڳجهه ظاهر ڪيو. ليڪن اهو به چتايائينس ته انهيءَ راز فاش ڪرڻ ڪري پاڻ ڪوڙهيو ٿي پوندو. تنهن تي شاهه حبيب دلاري ڏيئي چيس ته تون خوف نه ڪر، مان تنهنجي حق ۾ دعا گهرندس (۽ تون نوبنو ٿي پويندين.)
واڍو شاهه حبيب کي انهيءَ هنڌ وٺي ويو، جتي سندس فرزند لڪو ويٺو هو. ۽ وڻ جو ٿڙ کوليائين، جتي شاهه لطيف جيئرو جاڳندو تفڪر ۾ مستغرق ڏسڻ ۾ آيو. واڪو ڪري چيائين ته ”اي ڪوڙهيا! مون توکي نه چيو هو ته انت ڪنهن سان نه اورجانءِ؟ تو ائين ڇو ڪيو؟“. واڍو هڪدم ڪوڙهيو ٿي پيو. پر شاهه حبيب سندس سارو بدن پنهنجي زبان سان چٽيو، ۽ هو مرض کان آزاد ٿيو، مگر ڪوڙهه جو هڪ ننڍڙو چُٽو منهن تي رهجي ويس، جو ميٽجي نه سگهيو. شاهه لطيف چيس ته اهو ٽڪو مرڻ گهڙيءَ تائين نه لهندءِ. انهيءَ تي شاهه حبيب کي ڏاڍو غصو آيو، ۽ شاهه لطيف پيءُ کي اتيئي ڇڏي وڃي رمتو، سامي فقيرن جي بهير سان شامل ٿيو، جي لکپت (8) ۾ پنهنجي نانيءَ جي جاٽا لاءِ اتان پنڌ ڪندا ويا.
هن واقعي کان ٿورائي ڏينهن پوءِ دلّي ڳوٺ جي دلّن جو هڪ ڊلو، جي مخدوم نوح (جي درگاهه) جا مريد هئا، سي واٽ ويندي مخدوم صاحب جي مقبري جي زيارت خاطر اچي ڪوٽڙي کان نڪتا. اتفاق سان انهن جو شهر جي هڪ واڻئي سان تڪرار ٿي پيو. جڏهن اهو اطلاع بيگ کي مليو، تڏهن هو انهيءَ جاءِ تي ويو. ٻنيه ڌرين جي وچ ۾ چٽاڀيٽي لڳي، جنهن ۾ هو مارجي ويو. اهڙي طرح شاهه جي پيشن گوئي پوري ٿي. دل پنهنجي جان بچائي وٺي ڀڳا.
شاهه جون ڪرامتون گهڻو توجهه ڇڪائڻ لڳيون. سندس پيءُ (شاهه حبيب) وٽ آيو، ۽ بيگ جي قضيي جو ٻڌي پٽ کي گهڻو ڇينڀيائين، جنهن تي شاهه کي ڏاڍي بُڇان لڳي، سو ڪوٽڙي ڇڏي، وٺي جهنگ منهن ڪيائين. پڻس پٺيان ويو ۽ موٽڻ جي منٿ ڪيائين، پر شاهه نه  مڙيو، تنهن تي شاهه حبيب چيو:
ڪنهن جنهن نينهن ننڌا، جو مون واجهيندي نه ورو؟
جيڪي مُئي ڪندا، سو  جانب ڪريو جيئري.
شاهه وراڻيو:
متان ٿئين ملسور، ڪين اڳانهون آهيان
ڏسڻ ۾ ڪر ڏور، حد ٻنهين جي هيڪڙي.
شاهه پوءِ پنهنجو رستو وٺي رسندو رهيو، ۽ شاهه حبيب (غمگين ٿي) گهر موٽي ويو.
خدا جي حڪم سان مغل سڀ جلد ئي مري ويا، ۽ سندن سردار پڻ دنيا کي الوداع ڪري ويا. شاهه ”ڪوه نور“ ڏي هليو ويو، جو مڪران ۾ لاهوت لامڪان جي ڀرسان آهي، اُتي سارو وقت روزن ۽ رياضت ۾ گذارڻ لڳو. سندس والد کي ڏاڍو فڪر ٿيو، سو هر روز مخدوم نوح جي درگاهه تي پنهنجي پٽ جي مراجعت لاءِ دعا گهرڻ ويندو هو. آخر هڪري ڏينهن مقبري مان آواز آيس ته ”او شاهه حبيب! توکي پنهنجو پٽ ملندو، پر ضرور پنهنجو مريد ڪنجانس.“ ٿورن ڏينهن کان پوءِ شاهه موٽي آيو ۽ شاهه حبيب کيس ”الله“ جي نالي وري وري چوڻ بعد نهنجو مريد ڪيو. هاڻي مغلن سرديارن مان فقط هڪ ڇوڪر ”گولي“ نالي وڃي بچيو هو، جنهن کي شاهه جي معشوقه دعا لاءِ وٺي آئي، ڇاڪاڻ ته هو مغلن جو آخري پونير هو ۽ ٻيا سڀ شاهه جي پِٽَ سببان مري چڪا هئا. شاهه چيو ته ڀل گولو به مري وڃي جيئن اڳتي ڪو اهنج نه رسي (”مُئو گولو لٿو ڀولو“). ٿورن ئي ڏينهن ۾ گولي جا پساهه پورا ٿيا، ۽ شاهه انهيءَ حسين مغل نينگريءَ سان شادي ڪئي.
شاهه جي ڳوٺ ڀرسان (مخدوم) نوح هالائي جو مقبرو هو (جنهن جي جاءِ نشين) ڳجهيءَ طرح ڪوشش پئي ڪئي ته شاهه کي ڪنهن طرح پنهنجي نزديڪي ۾ رهڻ کان روڪي. شاهه لاچار ٿي ملتان ڏي هليو ويو، جتي پنهنجو احوال غوث بهاول شاهه (9) سان وڃي ڪيائين. انهيءَ فرمايس ته سنڌ ملڪ ڏي موٽ ۽ وڃي سيّد معصوم شاهه سان اڏيري لعل جي نزديڪ سندس ”ديري“ تي مل. شاهه ائين ڪيو، ۽ سيّد معصوم شاهه حڪم ڏنس تي وڃي هڪ وڏي ڀٽ والار، جنهن جي هيٺان پاڻيءَ جي ڍنڍ آهي، ۽ جنهن جي تري ۾ لڌڙن جي لڏ پيل آهي. انهيءَ هنڌ کي هينئر ”شاهه جي ڀٽ“ سڏبو آهي.
شاهه جڏهن اتي پهتو تڏهن ساڻس فقط ٿورا فقير هئا، ڇاڪاڻ ته هن فقط اتي هڪ رات جي ڊاٻي جو ارادو ڪيو هو. پنهنجا ٻار ۽ مائٽ ڀر واري وسڻ جي ڳوٺ ۾ ڇڏي آيو هو. ٻئي ڏينهن فجر جو سوير هو جاڳيا ته ڇا ڏسن ته هڪ نانگ پڇڙي وات ۾ وجيهو، سندن گردو ڪيو ويٺو آهي. شاهه اهو عجيب نظارو ڏسي گوڏن ڀر ڪري پيو، ۽ سيّد معصوم شاهه کي هن طرح سڏڻ لڳو: ”او سيّد! مون تنهنجي حڪم موجب هتي سڪونت ڪرڻ جو ارادو ڪيو هو، پوءِ ڇو هن بلا کي موڪل ڏني اٿئي، ته اسان کي گهيرو ڪري؟“. جواب ۾ هڪ آواز آيو: ”توکي جو هيڏيون ڪرامتون آهن ۽ پنهنجي ڪٽنب کي هت رهائڻ ٿو چاهين، ڇا توکي ايتري طاقت ناهي و هڪ ننڍڙي نانگ جي سنڀال ڪرين؟ جي ڳيڪو ويس پائي نانگ کي بگري ۾ وجهي ڇڏي.“ شاهه ائين ڪيو. ماڻهن جو اعتقاد آهي ته اهو ڪو سچو پچو نانگ ڪونه هو، پر مخدوم نوح (جي گادي نشين جو خاص خليفو) سيّد حسن شاهه هو، جنهن لاچار ٿي نانگ جي صورت ورتي هئي ته شاهه کي مخدوم نوح جي پسگردائي ۾ رهڻ کان روڪي. مخدوم محمد زمان جو مخدوم نوح جي درگاهه جو پنجون منسد نشين هو، تنهن جڏهن نانگ جي پڪڙجڻ جي خبر ٻڌي، تڏهن شاهه کي عرض ڪيائين ته سيد حسن شاهه جا بند خلاص ڪري، ۽ جيڪو ملڪ سانڱڙي واهه جي پريان پيو آهي، سو بيشڪ پنهنجي قبضي ۾ آڻي.
شاهه نانگ کي آزاد ڪيو، ۽ پنهنجو قبيلو لڏائي اچي ڀٽ تي جاءِ اڏائي ويٺو. هاڻ شاهه کي مريدن جي وڏي جماعت هئي، جن مان مکيه مريد ”تمر فقير“ ٿي گذريو آهي، جو شاهه جي وفات تائين سندس خذمت ڪندو رهيو. هو شاهه جو ڪاتب پڻ هو، ۽ پنهنجي سائينءَ جو ڪلام قلمبند ڪندو ايندو هو. اهڙي طرح هڪ وڏو پستڪ ٺهي پيو، جنهن کي ”شاهه جو رسالو“ ڪري سڏيندا آهن. هو پنهنجي مريد جي باري ۾ چوندو هو ته ”جنهن تمر کي ڏٺو تنهن گويا دنيا ۽ عقبيٰ حاصل ڪئي“. کيس ٻيو به هڪ مريد سيّد بلال نالي هو، جنهن کي هو پنهنجو پٽيلو ڪري سمجهندو هو. هو ڀٽ کان ٻه ميل پري سانڱڙي واه جي ڪپ تي رهندو هو.
هڪ دفعي جيئن شاهه صاحب بلال جي ملاقات ڪري موٽيو ٿي ته واٽ تي جاني فقير جي گهر وٽ وڃي وسرام ورتائين. جاني فقير جي پٽ (عفات) جي شاهه سان الفت ٿي ويئي، ۽ پوءِ ڪيترائي سال سدنس ڪنجڪ ۾ هيو. پڻس نياپو ڏياري موڪليس، پر هن ورڻ جي نه ڪئي. انهيءَ تي جاني فقير ڪاوڙجي شاهه عبداللطيف کي پاراتو ڏنو ته ”پٽ ڪونه ٿيندءِ“ شاهه مشڪي جواب ڏنو ته کيس پٽ جي ضرورت ناهي، سندس مريد سندس ٻالڪائي آهن.
شاهه سچ پچ ته لا ولد وفات ڪئي. سندس مسند نشين سيد جمال شاهه جي نسل مان ٿيا، جو شاهه حبيب جو ڀائيٽيو هو. جڏهن شاهه جي جماعت مقيم ٿي ويٺي، تڏهن فقير راڳ ڳائڻ ۽ تنبورن ستارن وغيره ٻين سازن وڄائڻ ۾ دل پوري ڪرڻ لڳا. اها ڳالهه ٺٽي ننگر جي مخدوم ٺاري  (10) جي ڪنن تي پيئي، جو هڪدم اچي ڀٽ تي سهڙيو ته شاهه کي اهڙي منڊل ۽ ڪلول کي درس ڏيڻ کان منع ڪري. شاهه اڳيئي پاڪ دين جو مرم ڪري فقيرن کانس ڀئي ساز وٺي هڪ ڪوٺيءَ ۾ تالو ڏيئي بند ڪري ڇڏيا هئا. جڏهن مخدوم ٺارو اتي آيو، تڏهن ان ڪوٺيءَ مان سازن جو اواز نڪرندو ٻڌائين. پڇيائين ته سازيندڙ ڪير آهن. شاهه فرمايو ته واڍوڙيل ۽ ڪٺل پاڻ ۾ گڏجي وايون ڪندا آهن، تڏهن ڪاٺ ڪوڪندو آهي ”يا ڪريم، يا ڪريم“ ۽ تندون تنوارينديون آهن ”تون هي تون.“ اهي دانهون ڪندا آهن جو گهڻي وڇوڙي بعد پاڻ ۾ مليا آهن. وڍيل آهن الله جا سچا عاشق، جي شڪايت ڪن ٿا. مگر جنهن درد سان سندين دل ڀريل آهي، تنهن کي اظهار نٿا ڪن. ”اها ٻاڦ به ٻاهر نٿا ڪڍن، رڳو سڪ ۽ سوز سان پنهنجي مقصود جي طلب ۾ مشغول آهن“ (11) . انهن لفظن مخدوم ٺاري (جي دل) تي هڪ عجيب اثر پيدا ڪيو ۽ هو هڪدم شاهه جو مريد ٿي پيو. جڏهن شاهه جوان هو(12) ، تڏهن سڀ ڪنهن ڏينهن ٺٽي وڃي مخدوم جو وعظ ٻڌندو هو. هڪ ڏينهن ڪنهن قضاني هو حاضر ٿي نه سگهيو ۽ مخدوم جي وعظ ٻڌندڙن جي دلين تي ڪوبه اثر ڪونه ڪيو. جڏهن کانئس انهيءَ ڳالهه جو سبب پڇيائون، تڏهن چيائين ته ”اهو شخص جو دل ۽ جان سان وعظ ٻڌندو هو، سو غائب آهي“. ٻئي ڏينهن شاهه اچي مجلس ۾ شامل ٿيو. وعظ تمام زور وارو هو ۽ هر ڪنهن ٻڌندڙ تي وڏو اثر ڪيائين. وعظ جي آخر ۾ مخدوم سڀني سامعن کي سڏي شاهه ڏي اشارو ڪيو، جو هڪ سامي فقير جي ويس ۾ ويٺو هو. ڇا ڏسن ته شاهه جي پوشاڪ سڄي رت جي ٽڪن سان ڀري پئي آهي . شاهه ٽيهٺ ورهين جي ڄمار ۾ وفات ڪئي. هن کي ڪابه بيماري ڪانه ٿي، پر مراقبي ۾ پران ڏنائين (سن 1165 هه ــ1751ع). کيس ڀٽ تي دفنايائون، انهيءَ گنبذ واري مسجد جي لڳ، جا پنهنجي هٿن سان جوڙي هئائين. سکر جي مشهور رازي عيدن غلام شاهه ڪلهوڙي جي حڪم سان سندس مقبرو (1167هه 1753ع) ۾ اڏيو. ٻيون قبرون پڻ ٺاهيون ويون، جن ۾ سندس ڪٽنب وارن ۽ فقيرن جا جنازا رکيل آهن. مير مير محمد خان ستنئي شاهه جي مقبري کي هڪ صندل جو دروازو چانديءَ جي پٽن سان وجهايو. خيرپور جي لونگ فقير، جو هڪ شاهه جي مريد هو، تنهن مقبري جي ڏاکڻي طرف (ڪراڙ) ڍنڍ جي ڪپ تي هڪ کوهه ٻن پؤڙين سان کڻايو، ۽ پڻ ٻه وڏا گهر ۽ ڳچ ڪٽهڙا کڙا ڪيائين. ٻيون جايون زيارتين ۽ فقيرن جي رهائش لاءِ پوءِ ڀرو شاهه صاحب جي سجاده نشينن ٺهرايون. موجوده (1870ع) جو سيّد مسند ڏڻي آهي، سو شاهه عبداللطيف جو ستون قائم مقام آهي.
شاهه جي پونين کي گذران ۽ معاش لاءِ پنهنجا مستقل ذريعا آهن، ۽ آرام سان رهن ٿا. مير ۽ ٻيا رئيس سندن مريد آهن، جي ڪشاده دليءَ سان شاهه جي مقبري تي ڀيٽائون ڏيندا آهن.
-----------------------------------------

1.                   اصل ۾ هي احوال ڪنهن سرڪاري ملازم جو سنڌيءَ ۾ لکيل هو، جو سنڌ سرڪار جي ترجمان ڊبليو، سائو دي (Southey) نالي، سر بارٽل فريئر لاءِ 7 نومبر 1870ع ڌاري انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو، ۽ وڏن فولسڪيپ پنن تي ڇپيل آهي. سائوديءَ جي انگريزي ترجمي جو هڪ پراڻي ۽ زبون نسو مون کي جناب محترم نواب عبدالحميد خان ولد مرحوم نواب خدادا خان مؤلف ”تاريخ لب لباب سنڌ“ پراڻي سکر واري جي هٿان مليو، جنهن لاءِ مان سندس نهايت شڪر گذار آيان. منهنجي نظر ۾ هيءُ آڳاٽي ۾ آڳاٽو شاهه لطيف رحه جي زندگيءَ جو احوال آهي. هي به ٻن اولياء الله جي تذڪر وانگر ڪرامتن، ڪرشمن ۽ ڏندڪٿائن سان ڀريل آهي، جي سندين حياتيءَ جو حصو آهن، ۽ ڪنهن به طرح جدا ڪري نٿيون سگهن (ع. /)
2.                     خبرناهي ته سوانح نگار سيّد عبداللطيف کي ڇو شيخ عبداللطيف ڪري لکيو آهي. مرشد کي به شيخ چئبو آهي.
3.                     درحقيقت: تڙپوٽو ــ سيد عبداللطيف بن سيد حبيب بن سيد عبدالقدوس بن سيد جمال بن سيد عبدالڪريم.
4.                     هي سارو بيان حقيقت جي برخلاف آهي. شاهه ڪريم کي چار پٽ هئا: (1) سيد دين محمد (2) سيد لعل محمد (3) سيد حسين ۽ (4) سيد جمال.
5.                  انگريزيءَ ۾ مطلب ٻيءَ طرح ڏنل آهي. شايد اهو ٻئي ڪنهن بيت جو ترجمو آهي، جو رسالي ۾ موجود ناهي: اي ڄام، مون کي جونئن هلاڪ ڪيو آهي، ڇاڪاڻ ته هي ڏينهن مون لاءِ ڏکيا گذريا آهن. هنئين جي هنجن سان مون تڪليفن جو مقابلو ڪيو اهي، اهي مشڪلاتون اوائل ۾ وڏيون نظر نٿي آيون. پر جلد ئي اهي مون کي ڏکوئڻ لڳيون، ڄڻڪ ڪنڊا آهن.
6.                  انگريزي جو اکري ترجمو: واريءَ هن کي ٻوساٽي ڍڪي ڇڏيو، تان جو هو مري ويو.
7.                  انگريزيءَ جو لفظي ترجمو: جيستائين هن کي ساهه آهي، تيستائين هو پنهنجي محبوب جي پسڻ جي ڪوشش کان نه رهندو.
8.                  حقيقت ۾ نانيءَ جو مڪان لس ٻيلي جي نزديڪ هڪ ٽڪر تي آهي ۽ نه لکپت ۾، جتي رستو فقير زيارت لاءِ ويندا آهن. ناني اصل ۾ هڪ متقڻ عورت جو نالو هو، جا انهيءَ هنڌ پوريل اهي. کيس حضرت علي ڪرم الله وجهه دعا ڪئي هئي، جنهن ڪري وڃي ولايت جي درجي کي پهتي. سندس مقبري جي آس پاس پٽ آهي جنهن کي “علي جو ميدان” چوندا آهن.
9.                  هي بيان نسورو غلط ٿو ڏسجي، ڇاڪاڻ تي غوث بهاء الحق، ڪيتريون صديون شاهه جي زماني کان اڳي ٿي گذريو آهي. شايد شاهه پنهنجي همعصر، غوث بهاءُ الدين جي ڪنهن معاصر مسند نشين وٽ ويو هجي. پر ڪاڏي وئي شاهه جي ڪاني ڪرامت، جو پاڻ جهڙي يا پاڻ کان گهٽ پير وٽ مدد لاءِ وڃي؟ ۽ ان کان سواءِ ”ڀٽائي ۽ هالن جي مخدومن جي تعلقات“ تي حضرت مخدوم نوح رحه جي موجوده سجاده نشين حضرت مخدوم محمد زمان صاحب طالب الموليٰ هڪ ڪتاب لکيو آهي، جو ان ڳالهه تي وڏيڪ روشني وجهي ٿو ۽ انهن سمورن ڪوڙين روايتن جي ترديد ٿئي ٿي.
10.              مخدوم معين الدين، جنهن کي ماڻهو عام طرح ”مخدوم ٺارو“ سڏيندا هئا.
11.              هيءَ شاهه جي هيٺئين بيت جو شرح ٿو ڏسجي:
وڍيل ٿي وايون ڪري، ڪٺل ڪوڪاري
هن پن پنهنجا ساريا، هوءَ هنجون هڏن لءِ هاري.
جو خود مولانا روميءَ جو مثنويءَ جي پهرين بيت جو اقتباس آهي.
بشنواز ني چون شڪايت ميکند ــ از جدائيها حکايت ميکند.
12.              مخدوم ٺارو ۽ شاهه صاحب لڳ ڀڳ هم عمر هئا.


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت