سُر کاهوڙيءَ ۾ زندگي گذارڻ جا روحاني راز - رضيه شيخ

سُر کاهوڙيءَ ۾ زندگي گذارڻ جا روحاني راز
رضيه شيخ

هر ڪنهن ملڪ کي، ڪنهن اهم دؤر ۾ هڪ غئبي زبان عطا ڪئي ويندي آهي، جيئن جرمنيءَ ۾ ”گوئٽي“ جي حيثيت آهي. انگلينڊ ۾ شيڪسپيئر جي، هندستان ۾ امير خسرو جي، ته اهڙءَ طرح سنڌ لاءِ حضرت شاهـ عبداللطيف رحمة الله عليه آهي. شاهـ لطيف انهن عظيم شاعرن مان آهي جنهن زندگيءَ کي تمام  گهڻو ويجهو ڏٺو آهي. شاهـ لطيف رحه انساني فطرت جي جذباتن ۽ احساسن جي ترجماني ڪئي آهي ۽ انسان ذات جي ڀلائيءَ ۽ بهتريءَ جو پيغام ڏنو آهي. جنهن مان اهڙي ته روحاني دنيا جي تعمير جي خواهش ۽ حسرت ملي ٿي، جيڪا زندگي جي حقيقتن کي سمجهي معرفت الاهيءَ کي پنهنجو مطمع نظر بنايو ڇڏي.
شاهـ عبداللطيف رحه ڪنهن به تعارف جو محتاج نه آهي. کيس پوري دنيا ڄاڻي ٿي ۽ سندس رسالو اهڙن اهڃاڻن سان مال مال آهي جنهن ۾ فقط هڪ سنڌي فرد جي حيثيت سان نه! پر هن دنيا جي واسيءَ جي حيثيت سان مخاطب ٿيو آهي ته پنهنجو پاڻ سڃاڻڻ سان گڏوگڏ فطرت جو مشاهدو ماڻڻ ۽ ان تي غور ۽ فڪر ڪرڻ به ضروري آهي.
ڪلياڻ آڏواڻيءَ جو لکيل شاهـ جو رسالو، جنهن ۾ ڪُل 30 سُر آهن جيڪي ٻن حصن تي مشتمل آهن. هڪ سُر راڳنيون ۽ ٻيو سُر داستان، سُر داستان ۾ رامڪلي ۽ کاهوڙي، پورڀ وغيره آهن.
سُر کاهوڙي ۽ رامڪليءَ کي گڏي پڙهڻ گهرجي. ڇو جو انهن سُرن ۾ مستن، فقيرن ۽ درويشن، ڪاپڙين جوڳين، بيراگين ۽ سنياسين جو زڪر ملي ٿو. اهي سالڪ فقير جيڪي پنهنجي حقيقي محبوب جي چاهه ۾ تڪليفون سهي جسم کي ڳاري، خداوند ڪريم کي حاصل ڪن ٿا.
هن سُر ۾ ساهه صاحب هٺ ۽ وڏائيءَ، خودي ۽ خود غرضيءَ کي ماري نابود ڪرڻ لاءِ تلقين ڪري چوي ٿو ته پنهنجي جذبي کان اسير ٿي، مخلوق خدا جي خذمت کي عبادت سمجهن ٿا.
سُر کاهوڙي لفظ جي معنيٰ آهي ”جبل ۾ ڏٿِ ڏوريندڙ“ هن سُر ۾ انهن سنياسين جو ذڪر آهي جيڪي ڏيهه کان ڏور ڏونگرن ۾ آتک پيا ڏورين تن کي تسيا ڏيندا وتن.
شاهـ صاحب هڪ ڏينهن اوچتو ئي اوچتو، مائٽن جي موڪل بنا جهنگ منهن ڏيئي اٿي هليو. گهمندي ڦرندي هڪ سناسين جي تولي ملي ويس پوءِ گنجي ٽڪر ڏانهن رخ ڪيائون. ڪن جو خيال آهي وطن جي وستين ۾ مجاهدن کي ڇڏي پرديس وسائڻ جو هي ڪارڻ ٿي سگهي ٿو ته ڪوٽڙي جي مغل مرزا بيگ جي معصومه جو شاهـ صاحب جي دل ۾ عشق موجود هو انهيءَ حسين صورت سندس جان ۾ عجيب بيقراري ۽ بيتابي آندي ۽ انهيءَ مجازي معشوق جي عشق منجهس نئين قسم جي سجاڳي آندي ويتر سنڱ نه ملڻ ڪري مجازي محبت جي مهميز لڳس ته گهر گهاٽ تان دل ئي کڄي ويس، جنهن ڪري پنهنجي دل کي ريجهائڻ ۽ هن کي پرچائڻ لاءِ قدرت جي نظارن ڏسڻ ۽ الله وارن عارفن جي ديدار ڪرڻ لاءِ اُٿي سفر تي نڪتو، رستي ۾ ڪي سامي فقير مليا جن سان گڏجي پنهنجي محبوب جي وڇوڙي ۾ انهن جهڙي ڪفني پائي رُلندو رهيو جنهن جو ذڪر سُر کاهوڙيءَ ۾ هن ريت ڪيو اٿس.
اڄ ملنديس ماءِ، ڌاڄا ڪنديس ڪپڙا،
جيجا جوڳياڻي ٿيان، مون کي جَهل مَ پاءِ،
هوت ٻاروچي لاءِ، ڪنن ڪنر پانئيان.
سُر کاهوڙيءَ ۾ شاهـ صاحب گنجي ٽڪر جي واکاڻ ڪئي آهي گنجي ٽڪر تي پهچڻ کان اڳ فقيرن جي صحبت ۾ ڪيترائي ملڪ ڦريو جتان موٽندي جيسلمير ۽ ٿر جو به سير ڪيائين، ان کانپوءِ گنجي ٽڪر ۽ لسٻيلي جي سرحد وارن جبلن ۾ گشت ڪندي لاهوت لامڪان، هنگلاج ۽ سير سخيءَ جون زيارتيون ڪيائين.
سُر کاهوڙي ۾ گنجي ٽڪر تي ڏٺل روحاني اسرارن جو ذڪر ڪيو اٿس. هتي گنجي جي معنيٰ آهي روحاني راهه.
هن سُر ۾ روحاني سفر جو وستا آهي.
گنجو ٽڪر حيدرآباد سنڌ جي ڏکڻ طرف آهي ۽ ان جي دامن ۾ ڪالي جو مندر آهي جڏهن کاهوڙي فقيرن سان گڏ گنجي ٽڪر تي روحاني اسرار ڏٺائين ته پوءِ فرمايائين ته:
مون سي ڏِٺا ماءِ! جنين ڏٺو پرينءَ کي،
رهي اَچجي راتِڙي تن جنگنِ سنديءَ جاءِ،
تنين جي ساڃاءِ تُرهو ٿِئي تارِ ۾.
اي امڙ! مون اهي فقير ڏٺا جن سُپرين جو ديدار ڪيو ۽ ڪامل وٽ رات رهي اونهي راز جي خبر ورتي. اهو روحاني راز (رب پاڪ) سان ملاقات! جيئن حضرت موسيٰ عليه وسلم طور سينا جبل تي رب پاڪ سان ملاقات ڪندا هئا.
مُونا طور سينا سندا سناسِيُن
پُورَب کَنيو نه پاڻَ سني بُودُ بيراڳينِ
رِدا آهي رازَ جي اوڇڻ آديسيُنِ
قُربَ ڪاپَڙِيُنِ نَهن چوٽَيءَ سيئن ڍَڪيو.
شاهـ صاحب روحاني واٽ انهيءَ ڪري ٻڌائي جو اُن وقت اسان جي سنڌ، سماج جي حالت به جهالت ۽ اڻ ڄانائي سبب اهڙيءَ حالت ٿي وئي هئي جو ماڻهو توحيد جي آزاديءَ واري فلسفي کي ويساري ويٺا هئا ۽ قرآن شريف جي انقلابي سبق کي ويساري ڇڏيو هئائون. فقط ان مان دعائون، تعويذ ۽ نقش جو ڪم ايندو مطلب ته رب پاڪ کي ويساري ويٺا هئا ۽ تعويذن تي عقيدو رکندا هئا ان تي شاهـ صاحب فرمايو ته:
تون چو الله هيڪڙو، وائي ٻي وسارِ،
تنِ ۾ تنوارِ سدا، سپرئين جي.
وري اڳتي چيائين:
تون چو الله هيڪڙو وائي ٻي نه سِک
مطلب ته توهان به کاهوڙين (سالڪ انسان) وانگر رڻ جي راهه وٺو، فقيرن ۽ اوليائن کان نه گهرو، توهان جو مشڪل ڪشا رب پاڪ آهي ۽ پنهنجي رب کي ڳولهيو. اتي شاهـ صاحب فرمايو ته:
کاهوڙِيُن خَفَيءَ سين سوجهي لڌو سُبحانُ
عاشق اهڙي اکَرين، لَنگهيا لا مڪانُ
هُوءَ مِ گڏجي هُوءَ ٿيا بابُو جي بِريانُ
سڀوئي سُبحان آيو نَظر اُنن جي.
يعني رب پاڪ جو اهڙو ڳجهو لفظ چؤ جنهن سان رب پاڪ اوهان کي ملي وڃي. هن بيت جي نسبت سان چيائين ته:
ساري رات سُبحانُ، جاڳي جِنِ ياد ڪيو،
اُن جي عبداللطيف چئي، مِٽي لَڌو مانُ،
ڪوڙين  ڪَنِ سلام، اَچي آسڻ اُن جي.
يعني اهڙا فقير جيڪي دنيا کان پاسو ڪري الله کي ياد پيا ڪن ۽ سبحان جو اسم پيا چون اهڙا ته الاهي عشق جي نشي ۾ غرق ٿيو وڃن جو پنهنجي خبر نٿي پوين تنهن تي شاهـ صاحب فرمايو:
ياد گرو ڪن گودڙيا، ڀَر بازار بيٺا
پَڙهنِ سور سُبحانَ جي، پَين تنهن بيٺا
جيلانُ مُنهن مِيٺا تيلان نشا چاڙهيائون نيهن جا.
شاهـ سائين جي شاعري ۾ خيالات جي بلندي، فڪر جي خوبصورتي، عمده ۽ حسين احساسات جي زيادتي ۽ هڪ عام انساني زدنگي جي ترجماني سان گڏوگڏ مادي دنيا کان الڳ ٿي ڪري ۽ ان مان هڪ اهڙي روحاني زندگي ملي ٿي جنهن ۾ زندگي جي حقيقت کي سمجهڻ ۽ رب پاڪ سان پيار ڪرڻ جو مقصد ملي ٿو ۽ ڏتڙيل انسانن جي درد ۽ غم جي صحيح ترجماني ٿئي ٿي.
شاهـ صاحب اها به تلقين ڪئي آهي ته محبوب ڪڏهن به آساني سان نٿو ملي يعني سالڪ فقير پنهنجي رب کي ڳولڻ لاءِ پيا پڇائون ڪن ۽ رستا پيا ڳولين ان تي شاهـ صاحب فرمايو:
ويئُون پَٻِ پَـئِي، کيرُون کاھوڙِيُن جُون؛
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
يعني کاهوڙين جون ٽوليون پٻ جبل تي ويهي پانڌيئڙن کان پيا پنهنجي محبوب جو رستو پڇن ۽ اها به تلقين ڪيائين ته اي انسان تو پنهنجو وقت اجايو وڃائي ڇڏيو ۽ اهي فقير (زندگي) هليا ويا هن بيت ۾ اهو مقصد زندگي جو نڪري ٿو ۽ هاڻ تون پنهنجي ابدي زندگي جو رستو ڪٿان هٿ ڪندين بيت ۾ هن طرح چيائين ته:
تُون ھَڏِ ڪُڄاڙِيا، سَنجھي سَعيو نه ڪَرِين؟
سَوارا سَنڊَ کَـڻِي، کاھوڙِي وِيا؛
آڻِيندين ڪِيا، ڏُٿُ ڏوراڻي ڏيھهَ جا؟
شاهـ صاحب اهو به آسرو ڏنو ته اي انسان ته تون نا اميد نه ٿي ۽ پنهنجي روحاني زندگي ولڻ لاءِ ڪشالا ڪڍ، ڇو جو حياتي تي ڀروسو ناهي.
تَتِيءَ ٿڌِيءَ ڪاههِ، ڪانهي ويلَ وِيهَڻَ جي؛
مَتان ٿِئي اُونداه، پيرُ نه لَهِين پِرينءَ  جو.
سک هجي يا تڪليف، گرمي هجي يا سردي ماٺ ڪري نه ويهو ۽ سستي کان منع فرمائي اٿن. خدا کي حاصل ڪرڻ جو مفهوم اهو آهي ته رب پاڪ جيڪي احڪام ٻڌايا آهن انهن تي مڪمل عمل ڪري ته پنهنجي محبوب جو ديدار ڪندو.
شاهـ صاحب جو اهو مطلب آهي ته انسان جو نفس به ان مڇ وانگر آهي جيڪو دنيا جي شين جي موهه ۾ ڦاسجي، ڪاهل ۽ ڪريتو ٿيو وڃي. اهو انيه ڳالهه کان غافل رهي ٿو ته جن شين جي لوڀ ۽ لالچ ۾ ڦاٿل اهي اهي آخر فنا ٿيڻ واريون آهن ۽ انهي غفلت ۾ مون اچي سلامي ڀري.
سُر کاهوڙي ۾ فرمائي ٿو:
جي ڪو ڏُٿُ ڪَري، ته ڏُونگَـرَ ڏورَڻُ ڏاکِڙو؛
ڇَپَرُ  ڪِينَ  ڏِئي، سُوکِـڙِيُون سُتَنِ  کي!
جبل جهاڳڻ وڏو ڪشالو آهي هتي جبل مان مراد منهنجي خيال ۾ محبوب کي ڳولڻ آهي. غافل انسان کي ٻڌائي ٿو ته خدا جي احڪامن تي نه هلڻ سان سوکڙي (بهشت) نٿو ڏئي.
کاهوڙي فقيرن ۾ اها تمنا ڏٺائين ته جبل جهاڳڻ سان گڏ رب کي حاصل ڪرڻ لاءِ پنهنجي اکين مان نير ٿا وهائين ۽ افسوس ۾ ٿا رهن ته اسان اجايو وقت وڃائي ڇڏيو.
جيئن شاهـ صاحب سر سسئي ۾ سسئي جي معمولي غفلت کيس ڪهڙن بيابانن ۽ پهاڙن تي رلائي ٿي، بک ۽ اڃ ۾ بيقرار ۽ لاچار بڻجي پوي ٿي تڏهن به تلاش جاري اٿس.
سندس جانثاري، قرباني، صبر ۽ استقلال، ثابت قدمي ۽ بلندي منزلِ مقصود تي پهچائي ٿي.
ڪرڪو واڪو وَسُ، وِهُ مَ منت ڀنڀور ۾،
چڙهي ڏاڍين ڏونگرين، پير پنهو جو پَسُ،
ڏورڻ منجهان ڏس، پوندءِ هوت ٻنهو جو.
سسئي وانگر کاهوڙين سوير ئي سندرا ساڻ کڻي ٻڌا، جبلن ۾ ڏٿ ڏوريندي پاڻ کي خاڪ هڻي ڇڏيائون ۽ پنهنجي جيءُ کي ڏاکڙين ۾ وجيه پهارن جي آخري منزل لڌائون شاهـ صاحب فرمايو ته:
کاهوڙِيُنِ کَــڻِي، ساجُھرُ ٻَڌا سَندِرا؛
ڏورِيندي ۾ ڏُونگرين، ڪَيائُون پاڻُ پَـڻِي؛
ڏَکَنِ ڏِيلُ هَڻِي، ڇيههُ لَڌائُون ڇَپَرين.
هن بيت جي مناسبت سان سر ليلا چنيسر ۾ فرمائين ٿا ته:
لِيلا! حِيلا ڇَڏِ، جي تُون سوڀِي! سِکِـئين؛
پائي پاندُ ڳِچيءَ ۾، پاڻُ غَرِيـبيءَ گَڏِ؛
هَڏِ نه چَوَندُءِ لَڏِ، جي ڪارُون آڻِـئَين ڪانڌَ کي.
يعني: نياز نوڙت سان پنهنجي ڀتار وٽ ويندين ته ڪڏهن به توکي پاڻ کان نه ڌڪاريندو.
محبوب کي حاصل ڪرڻ جي اميد هوندي به سچا سالڪ ڏونگرن ۽ رڃن ۾ رات ڏينهن ڏت پيا ڏورين. اهو اهڙي دجرجا سنوريل آهن جو لڪن توڙي ولهن ۾ وتن ڇپر ڇلندا.
سندن اهڃاڻ اها آهي جو بت تي پوري طرح اڳڙي به ڪانهي سندن منهن به مرڪيا پيا آهن ۽ سارو وقت اکين مان جُر جاري اٿن. ظاهر ۾ ميرا آهن پر اندر ۾ نوراني آهن. هو اهي جنگ آهن جن جو قدم لامڪان ۾ آهي هو اها جوءِ جهاڳيو اچن جتي جيڪر روحاني رهبر به منجهيو پون.
جيڪر کاهوري ٿيڻ جي طاقت رکين ٿو ته سنساري لاڳاپا لاهي گنجي ۾ پير پروڙي کڻ ڇو جو گنجي ۾ (جبل) اهنج گهڻا آهن، پر لاهوتي فقير انهن تي پروي طرح اطمينان سان غالب پئجو وڃن.
پِيوجن پَرو، گَنجي ڏُونگَـرَ گامَ جو؛
ڇَڏي کيٽُ کَرو، لوچي لاهوتِي ٿِيا.

گنجو ڏونگر گام، پيهي جن پروڙيو،
ڪري تن تمام، لوچي لاهوتي ٿيا.
مطلب ته جن کي گنجي ٽڪر جي جوءِ جي خبر پئي. هتي جوءِ جو مطلب ته خدائي راهه حاصل ڪرڻ وارا.
ڪهڙي نموني سان دنيا جون سڀئي لذتون ۽ عيش آرام ڇڏجي ڪهڙي طريقي سان نفس کي مارجي تڏهن اهي فقيرن (انسان) لاهوتي (امر) بنجي وڃن ٿا.
سُونهَپَ ۾ سَپَ گھڻا، مُنجَھڻُ ماکِي هوءِ؛
پَرو تَنهِين پوءِ، جو اُجِھي پوءِ اُنِ تان.
حضور اڪرم ﷺ جو فرمان آيه ته خدا وٽ اهي انسان ڀلارا آهن جن خدا جي وحدانيت کي قبوليو ۽ قالو بلا ۾ وعدو ڪيو هو ته بيشڪ تون اسان جو رب آهين ۽ محمد ﷺ تنهن جو رسول آهي.
اَلَستُ بِرَبِّڪُم‘، جَڏهِن ڪَنِ پِيومِ؛
قَالُوا بَليٰ‘ قَلبَ سِيـن، تَڏَهِن تِتِّ چَيومِ؛
حضور اڪرم ﷺ جن فرمايو ته مسلمان پاڻ ۾ ڀائر آهن. عربي کي عجمي تي ۽ گوري کي ڪاري تي ڪابه فوقيت نصيب نه آهي.
هِن دنيا ۾ ابدي زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ رات ڏينهن هڪ خدا جي عبادت ڪجي جنهن سان رب پاڪ راضي ٿئي شاهـ صاحب فرمايو.
کَٽين جي هارائِئين، هنڌ تُنهنجو هِيُّ؛
پاڻان چوندُءِ پِيُّ، ڀري جام جَنَّت جو.
ساڳي بيت جي نسبت سان کاهوڙي ۾ فرمائين ٿا ته:
ڪارِي راتِ، اَڇو ڏِينهُن، اِيُّ صِفَتان نُور؛
جِتي پِرِينءَ حضُورُ، تِتي رَنگُ نه رُوپُ ڪو.
اڳتي فرمائين ٿا:
کاهوڙِي کَرا، سُوڌِي خَبَرَ پَکِيا؛
سوجھي جن ڪَيا مَٿي اَڱڻِ  آهِرا.
يعني سچا فقير (مؤمن) اهي آهن جن جي پوري پروڙ روحاني اڏام وارن کي آهي ۽ وڃي پنهنجو مقام حاصل ڪيو ۽ اتي پنهنجا آکيرا ٺاهيائون.
اهڙا سچا سالڪ جن کي ٻنهي جهانن جي پرواهه نه آهي فقط پنهنجي محبوب جي ملڻ يج ڳڻتي اٿن جنهن لاءِ جهنگلن کي ڏورين ٿا.
جهڙي طرح سسئي جهنگل جهاڳيا، ڪِشالا تڪليفون سٺيون پوءِ وڃي پنهنجي پنهل سان ملي. اهڙي طرح سچا سالڪ به ائين آهن. فرمايائين:
جَھنگَلِ هَلِيا، سي نه ڀُــلِيا، راهَ هَلِيا ڦُرِجَنِ؛
اَوَجَھڙِ سي نه پَوَنِ، ٻيئِي جنِين ڇَڏِيُون.
رام ڪليءَ ۾ فرمايائين ٿا ته:
ڪيهي ڪامَ ڪاپَڙِي، ٿا اَهڙِي رَوَشِ رَوَنِ؟
نڪا دِلِ دوزَخَ ڏي، نڪِي بِهِشتُ گُهرَنِ؛
نَڪو ڪَمُ ڪُفارَ سين، نَڪا مُسلمانِي مَنِ؛
اُڀا اِيئَن چَوَنِ، ته پِرين ڪَجو پانهِنجو.
شاهـ صاحب تصور ۾ چئن مرحلن يعني شريعت، طريقيت، معرف ۽ حقيقت کي هڪ سپني سالڪ فقير ۽ طالب جدا جدا مرحلن ناسوط، ملڪوط، جبروط ۽ هائوط جي حيثيت ۾ پيش ڪيو آهي. مرعفت حاصل ڪرڻ لاءِ اٽي لٽي ۽ اَجهي کي مقصد ۽ وسيلو نه بنايو.
نماڻي نوري به ته پٽ جي راني ٿي پاڻ کي پڏائڻ پسند نه ڪيو. سسئي ويچاري ڀنڀور جو عيش ۽ آرام ڇڏي هاڙهي پٻ ۽ هالار جي هوڏ ۾ هَٺَ سان منهن ڏنو هيو، اهڙي طرح لطيف رحه جي جوڳين فقيرن جي اڳيان مادي اسباب ۽ دنيائي لذتون ڪا حيثيت نٿا رکن هو ڪِبُر ۽ شاهي شان شوڪت کان بالاتر ٿي معرفت ماڻڻ ڏاڍي ڏونگر جي پر واري پنڌ کي پسند ڪري ٿو.
شاهـ صاحب جي نظر ۾ زندگي هڪ امانت آهي جنهن کي رب تعاليٰ مختصر وقت ڏنو آهي. انسان جي رهنمائي ۽ هدايت لاءِ، شاهـ صاحب سسئي جو هڪ ننڍو مثال ڏنو آهي ته سسئيءَ هڪ عظيم شيء آهي جنهن تان بادشاهي قربان ڪري سگهجي ٿي. ڇاڪاڻ ته سسئي سڄي جهان جا ڪپڙا سبي ڪروڙين انسانن جي اوگهڙ کي ڍڪي ٿي، جنهن تي سڄي دنيا جي شرافت، پاڪ دامني تي پردو وجهي ٿي مطلب ته انسان پاڻ کي تڪليفون ڏئي ٻئي کي سُک جي راهه ٻڌائي جيڪا راهه هي آهي ته عمل پيهم جو سبق يا نياز نوڙت جي نينڍ هجي، محبت جي مهم هجي، تصوف جي ترز هجي رندي رمز هجي، جيڪي چار گهڙيون انسان کي گهارڻ لاءِ مليون آهن تن ۾ کيس آڳانڍو به ڪرڻو آهي ۽ آرام کي به ترڪ ڪرڻو آهي ورنه وقت ويندو هليو ۽ چٻاتا چڙهي ويندا پوءِ افسوس ۾ هٿ مهٽڻ کان سواءِ چارو نه رهندو.
سُتا! اُٿِي جاڳُ، نِنڊَ نه ڪَجي ايتِرِي؛
سُلطانِي سُهاڳُ، نِنڊُنِ ڪندي نه ملي.
کاهوڙي ۾ فرمايائين ته:
ڏيهُه ڏيهائِي ناهِ، جِتي پـيرُ نه پَکِيان؛
تِتي کاهوڙِيان، وَرَ ڏيئِي وَڻَ چُونڊِيا.
هي ديس جهاني نه اهي جتي پکين جي پير جو نشان نطر نٿو اچي پر اتي سچن سالڪن تڪليفون ۽ بکون ڪاٽي ڳولي ڦولهي هن دنيا کي فاني ڇڏي وڃي محبوب جو رستو ڳولي لڌو.
شاهـ صاحب اهو به ظاهر ڪيو آهي ته انسان ڪو فطري گنهگار نه آهي بلڪه فطراً معصوم ۽ گناهه کان پاڪ آهي. مؤمن دنيا جي گندي ماحول ۾ اچي پنهنجي اصليت وساري ڇڏي ٿو. جنهن تي هن سُرَ ۾ فرمايائين ته:
آئُون تن ڏوٿِيُنِ جو، پُڇان پيرُ، پَھِي!
رُڃُنِ راتِ رَھِي، ڏُونگَر جَنِين ڏورِيا.
شاهـ صاحب اها نصيحت فرمائي ٿو ته انسان کي گهرجي ته هو هر حالت ۾ پنهنجي اصل حالت نه وساري، گندي ماحول کان پنهنجو دامن پاڪ رکندو اچي متان پنهنجي حقيقي معبود ۽ مالڪ جي اڳيان شرمندو نه ٿيڻو پوي ڇو جو هي دنيا فاني آهي تڏهن به بي معنيٰ نه آهي.
هي دنيا آخرت جي کيتي آهي پر اهو ڪي ڪجي جو جيڪي ايندڙ حياتي ۾ ڪم اچي.
آخر ۾ آءُ هن سُر جي نسبت سان اها ڳالهه واضح ڪندس ته شاهـ صاحب انسان جي روحاني زندگي حاصل ڪرڻ لاءِ ٻڌائي ٿو ته:
1.                  محنت جفاڪشي ڪرڻ کپي.
2.                  دنيا وارن کان پاسو ڪري.
3.                  هَٺَ وڏائي نه ڪري.
4.                  نياز ۽ نوڙت سان هلي.
5.                  الله مان آسرو نه لاهي.
6.                  شريعت جو پابند رهي.
7.                  ذات پات کي فوقيت نه ڏي.
8.                  پنهنجو اجايو وقت نه وڃائي.
9.                  کاهوڙين به جبل جهاڳيا. اڙهانگا رستا ورتا. نه بک جي اون نه پاڻ جو فڪر نه دنيا جو فڪر ۽ نفسا نفسي واري واٽ ۾ مشغول آهن. خدا جي اهڙن عاشقن جو بيان هن طرح ڏنو آهي.
نه ڪتينِ نه تنبين، نه ڪڍنِ ڪورين جي ڪاڻ،
جن جي  رب سان  رهاڻ، تن کي الڪو نه اوگهڙ جو.
اهڙي طرح بين سرن ۾ به اها وات ڏني آهي ته الله پاڪ ۾ هر اميد رکڻ گهرجي ته پنهنجي منزل مقصود تي پهچي وڃي.
الله جئن نالوءِ، تيئن مون وڏو آسرو،
خالق! تنهنجي کاند جو، پرو پاند نه ڪوهه،
نالو رب سندوءِ رهيو آهِمِ روح ۾.


Back to Index 


Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت