نئين دور جا نوان سبق (سبق ستون) - ادل سومرو


سبق ستون
ٽ ـــ ٽوپي

ٽوپي جنس موءنث آهي ۽ ٽوپ يا ٽوپلو مذڪر آهي. ٽوپين جا ڪيترائي قسم آهن. قوال. تجليدار صدري ۽ ڳوٿريءَ نما ٽوپي پائيندا آهن. اُن کي قوالڪي ٽوپي چئبو آهي. هڪ قسم جي ٽوپي محمد علي جناح صاحب به پائيندو هو، اُن کي جناح ڪيپ (ٽوپي) چوندا آهن. ترڪيءَ جا ماڻهو جيڪا ٽوپي پائيندا آهن، ان کي ترڪي ٽوپي چئبو آهي. اِها ٻي ڳالهه آهي ته ڳاڙهي رنگ ۽ ڪاري پُڇ واري اِها ٽوپي هتان جا جهونا ماڻهو به پائيندا آهن. ڪي وري سرڪاري ٽوپيون هونديون آهن. سنڌي ٽوپي خانگي ٽوپي آهي.

حضرت سليمان جي جادوئي ٽوپيءَ کي سليماني ٽوپي چئبو آهي. چون ٿا ته اِها ٽوپي جنن وٽ آهي. انهيءَ ٽوپي پائڻ سان ماڻهو گُم ٿي ويندو آهي. هُو سڀني کي ڏسي سگهندو آهي پر هن کي ڪوئي ڏسي نه سگهندو آهي. اهو سليماني ٽوپيءَ جي جادوءَ جو اثر آهي. هڪڙي وري سليماني چانهه ٿيندي آهي. سليماني چانهه جي تاريخ جي پوري ريت خبر نه پئجي سگهي آهي. کوجنا ڪندڙ ڪن ماهرن جي جاچ پڙتال مان خبر پئي آهي ته سکر ۾ سليمان نالي ڪنجوس وٽ هڪ ٻڪري هوندي هئي. هُو اُنهيءَ ٻڪريءَ جو کير چانهه ۾ وجهندو هو. جڏهن هن جي ٻڪري مري وئي ته هو بنا کير جي چانهه پيئڻ لڳو، جنهن کي سڀني سليماني چانهه چوڻ شروع ڪيو.

سليمان شاهه پيرن ۾ ڇير ٻڌي، ٽي ويءَ تي گيت چوندي ناچ ڪندو آهي، اُن کي سليماني ناچ چئبو آهي. سليماني ناچ ٻارن کي ڏاڍو وڻندو آهي. تنهن ڪري ٻار سليماني چانهه پيئندي سليماني ناچُ ڏسندا آهن ۽ تاڙيون وڄائيندا آهن.

ڪي ماڻهو هروڀرون ٽوپي پائيندا آهن. ڪي پنهنجي ٽڪڻ جي تجلي لڪائڻ لاءِ ٽوپي پائيندا آهن. ڪي هيرو ڪٽ نوجوان وري ٽوپي پائڻ ۾ عيب محسوس ڪندا آهن. نماز پڙهڻ مهل سڀني کي ٽوپي پائڻي پوندي آهي. ڪي ماڻهو مسيت ۾ مٿي اگهاڙا ايندا آهن ۽ مسيتي ٽوپي استعمال ڪندا آهن. مسيتي ٽوپي کجيءَ جي ڦرهن جي ٺهيل هوندي آهي، اُن ڪري اُها ماڻهو صرف الله جي گهر ۾ پائيندا آهن. مسيتي ٽوپي مسيت کان ٻاهر پائڻ ۾ ماڻهو پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آهن. گهٽتائي محسوس ڪرڻ جا ڪيترائي نمونا آهن.

·            موٽرن ڪارن تي هريل ماڻهو پنڌ گهمڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪندا آهن.

·           وڏا وڏا ليکڪ ٻارن لاءِ لکڻ ۾ پنهنجي گهٽتائي محسوس ڪندا آهن.

·           دولت جا ديوتا ڪنهن ڪنگلي جي در تي وڃڻ ۾ گهٽتائي محسوس ڪندا آهن.

عام چوڻي آهي ته:
ٽوپي ڪري ٽانءِ، ته به پڳ برابر نانهه.

انهيءَ چوڻيءَ جي اثر ڪري، ڪجهه ماڻهو ڄاڻي واڻي پڳ پائيندا آهن. پڳ جو نمونو معاشي حالتن تي مدار رکي ٿو. معاشي طرح چچريل ماڻهن جون پڳون، ميريون ۽ ليڙون ليڙون  هونديون آهن.

پڳ يا ٽوپي وغيره ماڻهوءَ جي عزت هوندي آهي. محنت ماڻهو ڪاميابيون حاصل ڪري معاشري  ۾ عزت ۽ مان حاصل ڪندا آهن پر سُست، دوکيباز ۽ بُرن لڇڻن وارا ماڻهو پنهنجي ٽوپي لاهرائي پاڻ کي خوار ڪندا آهن.

شال توهان پنهنجي پڳ ۽ ٽوپيءَ جو ڀرم رکو ۽ سماج ۾ محنت ڪري عزت ڀريو مقام ماڻيو.

مشق
سوال نمبر 1:       توهان کي سليماني ٽوپي هٿ اچي وڃي ته ڇا ڪندوء؟
سوال نمبر 2:       سنڌي ٽوپي سرڪاري ٽوپي ڇونه ٿي سگهي آهي؟
سوال نمبر 3:       ٻارن کي ڪهڙو ناچ وڌيڪ پسند آهي؟

نوان لفظ
قوال   
:
جنهن جي نِڙي ويٺل هجي
ڪنجوس  
:
ڪن + جُوس
ڪن   
:
ڪن
جُوس  
:
رسُ
ڪنجوس 
:
ڪن جي رَسُ يعني گندگي يا مَيرُ
رسالو   
:
ايڊيٽر جي خُدائي




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت