سماجي خرابيون ۽ اسلامي زندگي

سماجي خرابيون ۽ اسلامي زندگي
منير اي ھاليپوٽو
mnr_hpt@yahoo.com

ٻارن جي ڄمڻ جو موقعو ھجي، يا شادي جو مسئلو. ڳالھ عقيقي جي ھجي يا رسمِ بسم الله ۽ آمين جھڙيون ذاتي گڏجاڻيون، ٻارن کي اسڪول ۾ داخل ڪرائڻو ھجي، يا انھن جي تربيت ۽ پرورش جو ڪو معاملو. ٻارن جي روزي کولرائڻ جي ڪا دعوت ھجي، يا ڪنھن ڪاميابي ۽ خوشي جو ڪو موقعو. پوشاڪ ۽ کاڌي خوراڪ جي شين جي خريداري جو معاملو ھجي يا پاڻ ۾ ڏيتي ليتي ۽ ميل جول جو قصو.
معاملو مٽئي جو ھجي يا شادي مرادي جي موقعن تي محفلن جو. معاشري ۾ ڪيترائي اھڙا مسئلا آھن، جيڪي بنا ڪنھن پريشاني۽ بغير ڪنھن بار ڀري جي نھايت آساني سان سلجھائي سگھجن ٿا.
پر اسان انھن کي منجھائي ڇڏيو آھي. اسان جي سوچ اھا آھي ته انھن موقعن تي خرچ ڪرڻ گھرجي. ڏسڻ ۽ ملڻ وارن لاءِ ھڪ اھڙو مثال قائم ٿئي جو سالن جا سال ان کي ماڻھون ڳائيندا رھن. پوءِ ڀلي ان لاءِ ڳاٽي ڀڳا قرض ڇونه کڻڻا پون.
اھا سوچ حقيقت ۾ نفس پرستي جو پڙاڏو آھي. اسان رياء ۽ ڏيکاء جي ور ته نه پيا چڙھون، يا اسان کي ان ڊپ ڊاھي وڌو آھي ته متان مٽن مائٽن، دوستن يارن ۽ ڄاڻ سڃاڻ وارن جي اڳيان بيعزتي ٿي وڃي.
نڪاح جھڙي سنت کي پورو ڪرڻ لاءِ ڪنھن کي سادگيءَ جو چئو ته ھمراھ کان ڇرڪ نڪري ويندو، ۽ توھان کي عجيب نظرن سان گھورڻ لڳندو. انھيءَ ڪم کي سنت مطابق آسان رکيو ۽ سمجھيو وڃي ھا ته اڄ اسان جي نياڻين جا وار گھر ۾ ويٺي چاندي نه ٿين ھا.
رب جي راضپي ۽ خوشيءَ کان وڌيڪ فڪر ھنن کي دنيا جي واھ واھ جي طعنن کان بچڻ جو آھي. پوءِ ان خرچ جي پھچ نه ھوندي به پنھنجو مان مٿانھون ڪرڻ لاءِ، پنھنجي ڪوڙي وڏ ماڻھپي کي قائم رکڻ ۽ معاشري ۾ ڳاٽ اونچو ڪرڻ لاءِ چيلھ چٻي ڪندڙ قرض کڻندا ۽ ان فضول خرچ جي پوراءُ لاءِ وسعت کان وڌيڪ محنت ڪندا.
ايئن ڪرڻ سان پنھنجن گھرن ۽ ٻارن کي ٽائيم نه ڏيڻ جي ڪري نفسياتي مسئلا پيدا ٿي پوندا آھن ۽ گھڻي محنت سان صحت تي به خراب اثر پوندا آھن.
سوال ھي آھي ته آخر اسان ايئن ڇو ڪندا آھيون؟
اھڙيون ڪھڙيون مجبوريون آھن؟ جن جي اڳيان اسان پنهنجو مٿو ٽيڪي ڇڏيندا آھيون.
گھڻائي اھڙا مسئلا آھن جن جي فضول خرچي کان اسان پنھنجو پلاند بچائي سگھون ٿا. گھڻائي ماڻھو ان ۾ ڪامياب نٿا ٿين ۽ معاشري جي مجبورين جو سھارو وٺي ڏيکاءُ ۽ رياڪاريءَ جي ور چڙھيو وڃن.
ڪيترين ئي جاين تي اسان ٿورڙي محنت سان ان برائي کان بچي سگھون ٿا، ۽ ڪن جاين تي ته اسان کي محنت ڪرڻ جي به ضرورت نٿي پوي، رڳو  دل کي سمجھائڻو پوي ٿو. پر سمجھائڻ بدران اسان ان جي پيروي ڪندا آھيون. اھو دل يا ضمير نه پر اسان جو نفس ھوندو آھي.
ڪيترائي اھڙا ماڻھو آھن جيڪي نفس جي خواھشن جي پٺيان ھلي تباھ ٿي ويا. ھي نفس اماره آھي. جنھن جي پٺيان ھلي، افسوس سڄي زندگي ڀوڳڻو پوي ٿو.
(ڪشف المحجوب) جي ليکڪ، حضرت عثمان بن علي ھجويري رح ھڪ جاءِ تي لکيو آھي ته:
(ھر انسان جو شيطان ان جي خواھش يعني نفس اماره آھي).
جيڪو وجھ وٺي غلط گَسن کي سنواري سينگاري من موھيندڙ بنائي بھڪائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو. ان مھل ڏاھو اھوئي آھي، جيڪو نفس جي مڪر کي سمجھندي، رب جي راضپي کي اڳيان رکي.
زندگي ۽ موت وانگر نفس اماره به ھڪ چٽي حقيقت آھي، جيئن اسان بجليءَ جي تارن تي پلاسٽڪ ويڙھي. ان جي نقصانن کان محفوظ رھڻ جي ۽ فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا آھيون. ساڳئي طرح اسان نفس اماره جو مقابلو ڪري سگھون ٿا، ايئن اسان پنھنجي رب کي راضي ڪري سگھون ٿا. ايئن ئي زندگيءَ جي بيشمار مونجھارن ۽ مسئلن کان پاسيرا به ٿي سگھون ٿا.
نفس اماره بابت حضرت يوسف عليه السلام فرمايو ھو.
ترجمو:– (۽ آئون پنھنجي نفس کي پاڪ نٿو ڪريان بيشڪ نفس برائي جو حڪم ڏيئي ٿو (ان جي شر کان) اھوئي بچي سگھي ٿو، جنھن تي الله تعاليٰ رحم ڪري، بيشڪ منھنجو رب بخشڻ وارو ۽ رحم ڪرڻ وارو آھي)
ڪشف المحجوب ۾ حضرت عثمان بن علي ھجويري رح ھڪ روايت نقل ڪئي آھي ته، حضور اڪرمؐ جو ارشاد مبارڪ آھي.
(تنھنجو نفس، تنھنجو سڀ کان وڏو دشمن آھي، جيڪو تنھجي ڪَڇ ۾ آھي)
حضرت جنيد بغدادي رح فرمائي ٿو:
(ڪفر جو بنياد ماڻھوءَ جو نفس جي مراد پوري ڪرڻ آھي)
حضرت شيخ عبدالقادر جيلاني رح فرمائي ٿو.
(نفس سراسر اونڌاھ آھي ۽ جنھن شخص کي پنھنجي نفس جي ڪا ڳالھ وڻي ٿي ته اھو پنھنجي نفس جو عيب نٿو ڏسي سگھي، نفس جو عيب ته اھو ڏسي سگھي ٿو جيڪو ھرحال ۾ پنھنجي نفس تي نظر رکي)
رياڪاري سٺي شيءِ ھجي ھا ته اسان جي مذھب ۾ شامل ڪئي وڃي ھا. پر ھن جي منع نھايت چٽن لفظن ۾ آيل آھي. ته جنھن ڏيکاءُ لاءِ ڪا عبادت ڪئي ته حرام وارو ڪم ڪيو. سڀ ڪجھ تباھ ٿي ويو.
ٿورو غور ڪريو جيڪڏهن عبادتن ۾ ريا حرام آھي ته ھڪ مسلمان يعني الله ۽ حضور اڪرمؐ جي ھدايت کي مڃڻ واري جي زندگيءَ جي ٻين معاملن ۾ ايئن ڪيئن ٿو ٿي سگھي؟
بھرحال سڀ ئي سارھون الله جي لاءِ آھن، جيڪو ڪل ڪائنات جو ڪارساز ۽ مالڪ آھي ۽ ڌرتي ۽ آسمان ۾ ڪابه اھڙي شيءِ ناھي جيڪا الله جي قدرت جي ضبط ۾ نه ھجي.
بس توھان اھوئي ڪم ڪريو جنھن سان الله راضي ٿئي. اڄ اسان جا گھڻي قدر مسئلا ۽ مونجھارا، اسان جي وڌنڌڙ خواھشن يعني نفس اماره جا پيدا ڪيل آھن.
اسان چاھيون ته اھي مسئلا ختم ڪري سگھون ٿا ۽ ٻين لاءِ معاشري ۾ سولايون مھيا ڪري سگھون ٿا. ھي ڪم نه ٿيڻ جھڙو ناھي، جيڪڏھن اسان پنھنجن خواھشن کي ٿورو ضابطي ۾ رکون ۽ ھن شيطاني (ڏيکاءَ واري) ڏس کان پاسيرا ٿيون ۽ اسان پياري پيغمبر حضرت محمد مصطفيٰؐ  جي ٻڌايل واٽ وٺون ته اسان ھنن ڀٽڪيل دڳن جي نقصانن کان بچي سگھون ٿا، ۽ اسان جي زندگيءَ جا ننڍڙا مسئلا جن ۾ اڄڪلھ نفس پرستي، ڏيکاءَ رياڪاري سبب وڏا مونجھارا ٿي پيا آھن، آساني سان حل ٿي ويندا. اسان جي معاشري ۾ ھڪ پرسڪون ۽ ھمدردي وارو ماحول پيدا ٿي سگھي ٿو.
پنھنجي غير ضروري خرچن کي گھٽائي اسان پنھنجي لاءِ ته آساني پيدا ڪنداسين پر خلق خدا جي لاءِ به ھڪ سادگيءَ جو مثال قائم ڪري آساني پيدا ڪري سگھون ٿا. سٺا ماڻھو اھي آھن جيڪي ٻين لاءِ به فائدو سوچين.

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت