علائقي جي ڪائونسلر کي محلي جي صفائي جو درست انتظام ڪرڻ لاءِ درخواست


بخدمت جناب ڪائونسلر صاحب
الف  ـ ت يونين ڪائونسل،
خيرپور.


جناب اعليٰ!

گذارش آھي ته اسان جي محلي ۾ ڪيترن ئي ڏينھن کان صفائي ڪرڻ وارو عملو ڪونه ٿو اچي ان ڪري ھر جاءِ تي ڪچري جا انبار لڳي ويا آھن ۽ گٽرن جو پاڻي روڊن تي بيٺو آھي. جنھن ڪري پوري علائقي ۾ بدبوءِ ۽ بيماريون پکڙجي رھيون آھن.

مھرباني فرمائي اوھان ذاتي دلچسپي وٺي اسان جي محلي جي صفائيءَ جو انتظام بھتر ۽ درست ڪرائيندا ته اسان اوھان جا احسان مند رھنداسون.


تاريخ
15 جون 2019ع
فقط
اوھان جا مخلص
ت  ـ ل  ـ ن ۽ ٻيا
علائقي جا رھواسي





Back to Index

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت