Advertise With Us – Grow Your Brand Today!

Advertise With Us – Grow Your Brand Today!
We present your brand's ...

غزل - وفا عنايت رستماڻي



هن سنڌ سموريءَ تي احسان قلندر جا،
تون مان نه رڳو ڪيئي مهمان قلندر جا.

هي وڻ به نچن پيا ٿا مستي ۾ لڏن پيا ٿا،
منظر به ڏسون ڪهڙا سڀ شان قلندر جا.

جي جان ڏئي پنهنجي بي جان بڻيا آهن،
سي جان قلندر جا بي جان قلندر جا.

نعرا به هڻا پيو ٿو پرچم به لڏايان ٿو،
پُختا ٿا ٿين شايد ايمان قلندر جا.


وفا عنايت  رستماڻي

Comments

WhatsApp

You May Like

You May Like

Archive

Show more