جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي
سان حال احوال
ساڍين ستين وڳي اسان مافوشي ٻيٽ تي پهچي چڪا آهيون.
اڳ ۾ ڪناري تي هن فيري لاءِ ڪيترائي ماڻهو انتظار ۾ بيٺل آهي. ڪافي ماڻهو هتان چڙهيا.
پنهنجو سامان به لوڊ ڪيائون. انگريز سياحن جو وڏو انگ آهي. پاسي ۾ جيڪا ٻيڙي بيٺي
آهي ان تي ملاح مڇي کپائي رهيا آهن. هتي بس ٻه منٽ مس بيٺي. سامان رکي، مسافر کڻي،
بغير ڪنهن جي انتظار جي، هڪڙو منٽ به نه بيٺي، وري اڳيون ماڳ گُلي آهي. ان پاسي
روانو ٿي ويئي. گُلي مافوشي کان 30 منٽن جي مسافري تي آهي. هاڻي اسان کان علاوه ڪافي
انگريز ۽ انگريزياڻيون به اچي ويٺيون.
هن ٻيڙي جي هڪڙي هيلپر جو نالو محمد آهي. هو بنگالي
آهي. هن جي پگهار ست هزار مالي روفيا آهي. هو انتهائي سادو ماڻهو آهي. ڊرائيور يا
پائليٽ جي پگهار سترنهن هزار مالديوين روفيا آهي. هن ٻڌايو ته هن کي هتي ٽي سال ٿيا
آهن. هو بنگلاديش نه ويو آهي. هر طرف سمونڊ، پاڻي ئي پاڻي پئي نظر آيو. پري پري ڪي
ٻيٽ نظر پئي آيا. ڪٿي ڪٿي سمونڊ جو نيرو پاڻي ته ڪٿي ڪارو پاڻي نظر پئي آيو. انڊين
سي جيتوڻيڪ مستي ۾ نه آهي. پر هن فيري ۾ ويٺل انگريز ۽ انگريزياڻيون ڏاڍيون مستي ۾
مست نظر اچي رهيون آهن. اهي پاڻ ۾ مشڪريون ڪري سفر کي خوب انجواءِ ڪري رهيون آهن.
کل ڀوڳ ڪري ماحول ۾ مزو پيدا ڪري رهيا آهن. اسان ته ايڏا خاموش جو پاڻ ۾ نه ٿا ڳالهايون.
مون محمد کي چيو ته،”تون اڳيان بيهي، اسان دوستن جي
هڪڙي يادگار تصوير ڪڍ“. پر هن انڪار ڪندي چيو ته،” سائين مون کي اجازت نه آهي مان
نه ٿو ڪري سگهان. ان کان علاوه انگريز مائينڊ به ڪندا آهن“.
هتي ليبر ۽
اسٽاپ گهڻو ڪري ٻاهريون آهي. ڪو بنگالي ته ڪو انڊين ته ڪو نيپالي ماڻهو. هنن ملڪن
جا ماڻهو گهڻو نظرآيا، بنسبت ٻين ملڪن جي. ماڻهو روزگار سانگي پنهنجو ملڪ، پنهنجو
وطن ڇڏي، اچي ٻي ملڪ ۾ دربدر ٿين ٿا ۽ پنهنجي ٻچڙن لاءِ روزي ڪمائين ٿا. زندگي هتي
ڪيڏي ڏکي آهي. پر پوءِ به مجبور ماڻهو ان تي قطئي ٺاهه نه ٿو ڪري.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment