شاهه عبداللطيف جو سماجي شعور (سر مارئيءَ جي حوالي سان) ڊاڪٽر فهميده حسين
ڪنهن به ملڪ ۾ ڪا به تبديلي آڻڻ کان اڳ،
ذهني تبديلي آڻڻ ضروري سمجهيو ويندو آهي. سماجي ارتقا لاءِ تبديلي زنده قومن لاءِ
تمام ضروري هوندي آهي ۽ ان عمل لاءِ قوم جا ڏاها، مفڪر، شاعر هميشه سندن سونهان ۽
رهبر بنجي، کين سنئين دڳ لڳائڻ جي ڪوشش ڪندا آهن.
شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ جي دؤر جو
سنڌي سماج، طبقاتي ننڍ وڏائي
وارو سماج هو، ان ۾ صدين جي غلاميءَ جي نتيجي ۾ پيدا ٿيل ڪئين خرابيون هيون، جيڪي
ريتن رسمن ۽ روايتن جي نالي ۾، وڻ ويڙهيءَ وانگر هن کي کوکلو ۽ پورو ڪري چڪيون
هيون، ۽ انهن کي ختم ڪرڻ يا بدلائڻ يا انهن جي خلاف آواز اٿارڻ جو ساهه ڪنهن ۾ به ڪونه
هو.
اهڙي دؤر۾ شاهه جهڙي هڪ اعليٰ سماجي
شعور رکندڙ قومي شاعر ۽ سماجي دانشور جي سخت ضرورت هئي، جيڪو ماڻهن جي شعور تي اثر
انداز ٿئي ۽ شاهه، اها ضرورت پوري ڪئي. شاهه جو شعر سندس دؤرجو قومي شعور اڀارڻ جو
ذريعو بنجي ويو. ڌارين جي غلاميءَ جا ٻه سو سال گذارڻ کان پوءِ پنهنجن سنڌي حاڪمن ڪلهوڙن
جي اچڻ سان ماڻهن آزاديءَ جو احساس ته ماڻيو هو ۽ محمد ابراهيم جويي جي چواڻي، ”هو
هڪ نئين اجتماعي شعور مان واقف ٿي رهيا هئا، پنهنجي اهميت جي شعور جو احساس اُڀري
رهيو هو، جيئن سانوڻ ۾ ڀريل ڪڪر اتر کان اوڀر کان ئي ايندا آهن ۽ وڌندا، سڄي وايو
منڊل تي ڇانئجي ويندا آهن. شاهه جو شعر اسان وٽ اان جي ان اڀريل قومي شعور جي
احساس جو اظهار ۽ اسان جي سماجي وجود جي اهميت جو ۽ ان جي قسمت جي بنيادي سوال جي
حل جو نشان آهي. شاهه جي حساس ذهن ۾ سنڌ ۽ سنڌي سماج جي غلامتيءَ جي جهنم جي خلاف ڪنهن
پر بهار ۽ روح پرور مسرت جو خواب جلوه گر ٿيو هو“ (1).
ان قومي آزاديءَ جون اصل نعمتون معاشي
آزادي ۽ سماجي انصاف وري به ماڻهن کي ملڻ مشڪل هئا. ڇاڪاڻ جو اهو زرعي سماج وارو
دؤرهو. ۽ ان وقت هلندڙ اخلاقي قدر ساڳيا زرعي جاگيرداري سماج وارا هئا. جيڪي سنڌ ۾
صدين کان رائج هئا (2).
ان ڪري عوام انهن جو شڪار هو، انهن کي
منهن ڏيڻ لاءِ. انهن کان بغاوت ڪرڻ لاءِ قومي اتحاد جي ضرورت هئي، جيڪو ان وقت جي
سنڌي عوام ۾ ڊگهي غلامي ۽ اندروني سازشن
سبب ناپيد هو. شاهه صاحب انهيءَ صورتحال مان واقف هو. جهوڪ واري شاهه عنايت جو واقعو پڻ اهڙين حالتن جو عڪاس
سندس اڳيان ٿي گذريو هو. (جڏهن 1718 ۾ پاڻ 28 سالن جو هو) هن کي قومي ٻڌيءَ جي
ضرورت جو نه صرف احساس هو بلڪه ان لاءِ کيس ڪنهن آواز، ڪنهن سڌ ڏيڻ واري جي ضرورت
محسوس ٿي تڏهن هن ”مارئيءَ“ جي ڪردار ۾ ڄڻ ته اهو ڪردار هٿ ڪيو. ان ذريعي پاڻ جيڪو
پيغام ڏيڻ ٿي چاهيائين سو به ڏيئي ٿي سگهيو ۽ ماڻهن ۾ قومي شعور ۽ سماجي معاشي
آزاديءَ لاءِ اتساهه ڏياريندڙ طور مارئيءَ کي به علامت طور پيش ڪيائين، جيڪا ڌرتيءَ
جي غريب اٻوجهه ماڻهن جي علامت، ”مارن“، جو ئي هڏ چم هئي، انهن منجهان ئي هڪ ڪمزور
فرد هئي جنهن کي حالتن ايڏو مضبوط ڪي ڇڏيو جو هوءَ ڳچيءَ ڳانا لوهه جا پائڻ کان به
ڪانه ڊني، نه ئي ڪي ڪوٽ ڪڙا کيس لوڏي ٿي سگهيا، نوڪو وري ڪا رعايتن مراعتن جي لالچ
هن کي پنهنجي عزم تان ڦيرائي ٿي سگهي. مارئيءَ جي ڪردار ۽ ان سان گڏيل سموري
واردات جي انفرادي مثال مان، هن اجتماعي فائدو حاصل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.” مارئيءَ جو ڪردار
مقصد ۾ حائل رڪاوٽن کي استقامت سان پري هٽائڻ جو ڪردار آهي، مارئي جو ڪردار ڪانئرپ
جي مذمت جو ڪردار آهي. مارئيءَ جو ڪردار سنڌ جي لوئيءَ جي لڄ جو ڪردار آهي،
مارئيءَ جو ڪردار سنڌ جي تاريخ جو ماضي، حال ۽ مستقبل آهي (3).
مائيءَ جي ڪردار ۾ موجود ڳڻن اهڙا ڳڻ
آهن جيڪي تاريخ کي بدلائڻ جي طاقت رکن ٿا. شاهه جي دؤرجي سنڌ ۾ ڀڃ ڊاهه جو عمل
موجود هو، عام ماڻهن ۾ اهڙن ڳڻن جي گهٽتائي هئي ۽ شاهه انهيءَ قصي ۽ ڪردارن جي
معرفت اهي ڳڻ پيدا ڪرڻ چاهيا. ان ڪري هن آزادي، انصاف عزت نفس، همت، غيرت، جدوجهد
جي جذبو، مستقل مزاجي، ثابت قدمي، جيءُ مٺي نه ڪرڻ، خطرن کان نه ڊڄڻ، لالچ ۾ نه اچڻ،
مقصد ماڻڻ جي عزم ڪرڻ ۾، سڀ کان وڌيڪ “اميد” کي هٿان نه ڇڏڻ، جهڙا ڳڻ پنهنجي هن
سُر ۾ آندا. اُن دؤرجا ماڻهو ڏکيا بکيا هوندي به خود دار بنجي ٿي سگهيا. جيئن
مارئيءَ ۽ مارن عمر جي هر آڇ کي ٿڏي ڇڏيو هو، تيئن شاهه چاهيو ٿي ته سندس عوام به
مٿئين طبقي جا ساٿي ۽ سهيوڳي ٿيڻ جو خيال ڇڏي ڏين ته ڪوبه زور ۽ زبردستي کين ان
طبقي جا دست نگر ٿيڻ لاءِ مجبور نٿي ڪري سگهيو. هو معاشي طرح سان غلام هئا، غريب
هئا ۽ هيڻا هئا، جي وٽن ڪجهه هو ته اها هئي سندن عزت نفس، انا ۽ پاڪيزگي جيڪا هنن
کي هر قيمت تي قائم رکڻي هئي. ان ڪري مارئيءَ جي ”لوئي“ انهيءَ عزت نفس جو اهڃاڻ بڻجي
وئي ۽ عمر ڪوٽ ڄڻ ته پرماريت جو يا غلاميءَ جو نشان بنجي ويو. ملير ڏانهن سندس ڇڪ
انهيءَ آزاد رياست ڏانهن ڇڪ جو اهڃاڻ هو جتي آزادي هوندي به بک هئي، اڻهوند هئي،
جيتوڻيڪ آزاديءَ جي رک ٽڪر کي قيد بند جي عمدن کاڌن کان وڌيڪ ڄاڻايو اٿس ته به اهڙي
اڻهوند ۽ بک ڇو هجي؟ ان ڪري انهيءَ انتهائي حد تي پهتل غريبيءَ جو عڪس پيش ڪيائين.
ان جو ڪارڻ ماڻهن جو سندن حالت زار ڏانهن ڏيان ڇڪائڻ به ٿي سگهي ٿو ۽ ان کي تبديل ڪرڻ
جو اتساهه ڏيارڻ به:
آڻين ۽
چارهين، ڏٿ ڏهاڙي سومرا،
منجهان لنب
لطيف چئي چائر ڪيو چاڙهين،
پلاءُ نه پاڙين، عمر آراڙيءَ سان.
يا وري
آئون ڪيئن سوڙين
سمهان، مون ور گهاري رڃ،
ور اباڻن
سين اُڃ، کوءِ شربت
تنهنجو سومرا.
هنن بيتن ۾ غريب ماڻهن جي کاڄ ڏانهن
اشارو آهي، ڪهڙيون شيون هو آڻين ۽ چاڙهين ٿا ۽ کائين ٿا، وري به مطمئن آهن. ڏٿ،
سائون ۽ لُنب، گاهن جا قسم آهن، انهن جا پن، گل ۽ ٻج سندن کاڄ آهي، جيڪو کائڻ بابت
مٿيون طبقو سوچو به نٿو سگهي. ائين ڇو آهي جو هڪڙن کي دنيا جون سڀ نعمتون ميسر آهن
۽ ٻيا پيٽ ڀرڻ لاءِ حيران؟
”لنب
مان چانور ڪيو چاڙهين“ چوڻ مان چانورن (اَن) لاءِ خواهش به ظاهر ٿي ٿئي، جيڪي رڳو
مٿئين طبقي کي مسير هئا ۽ جڏهن چوي ٿو ”پلاءُ نه پاڙين عمر آراڙيءَ سين“، تڏهن
محروميءَ جو انتهائي نقش سامهون اچي ٿو وڃي. غيرت ۽ خودداري پنهنجي جاءِ تي. پر
اهو احساس ٿو پيدا ٿئي ته آخر هڪرا آراڙيءَ تي ڇو گذارو ڪن؟ جڏهن ته ٻيا پلاءُ پيا
کائين!
ٻئي بيت ۾ ٻڌائي ٿو ته هڪ طرف سڃ لڳي
پئي آهي، ماڻهن وٽ پيئڻ لاءِ پاڻيءَ ڦڙو ڪونهي ۽ هو اڃ پيا مرن ۽ ٻئي طرف شربت ۽ ٻيا
مشروب آهن. احساس کي جهنجهوڙڻ لاءِ اهي تضاد ڏيکاريا اٿس.
اهو ته ٿيو پيٽ جو حال، وري اچو ته ڏسون
ته هو پنهنجو تن ڪيئن ٿا ڍڪين ۽ ميسر ڇا اٿن؟
ورسي وطن ڄائيون،
صحرا ستر جن،
گولاڙا
گگريون، اوڇڻ اباڻن،
ويڙهيا گهمن
وليين، جهانگي منجهه جهنگن،
مون کي ماروئڙن،
سڃ ڳڻائي سيج ۾،
ارم هڏ مَ اوڍيان،
پٽولا پٽ چير،
ٻانڌوڻا ٻن ڏيان،
ارغچ ۽ عنبير،
مارو سين شال
ماڻها، کٿيون جهڙيون کير،
اندر اڃ اڪير،
مون کي پرين پهنوار جي.
شابس آهي منهنجي وطن ڄاين کي، منهنجن ماروئڙن کي، جو ههڙي حال ۾ پيا گذرين!
سُڃ انهن جو نصيب آهي، هڪ طرف اوگهڙ ڍڪڻ لاءِ وليون ويڙهيندا وتن، ولهه ۾ پائڻ
لاءِ سولو اوڇڻ ڪونه اٿن، صحرا ۽ سڃ سيج ۾ مليل اٿن. اها آهي عام ماڻهوءَ جي حالت
ته ٻئي طرف ضرورت کان زياده اُچا اُچا ڪپڙا ارم، پٽ، پٽهير ۽ ٻانڌوڻا آهن.
خوشبوئن، عطن عنبيرن جا انبار آهن، عياشي لڳي پئي آهي. آهي ڪو سوچڻ وارو؟
وري جي سندن رهڻ سهڻ جي فرق تي نظر ٿي ڪجي،
ته هڪ طرف پهنوارن جا پکا آهن، ڪکايون جهوپڙيون آهن ۽ ٻئي طرف محل ۽ ماڙيون آهن،
بنگلا ۽ ڪوٺيون! جيتوڻيڪ اهي پکن جي پريت ماڙين مان مٽڻ نٿا چاهين تڏهن به ايڏو
تفاوت ڇو هجي؟
ايءَ نه مارن
ريت، جئن سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ
۾، ڪندس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت،
ماڙيءَ سين نه مٽيان.
ٻن طبقن ۾ ڪيڏو تضاد، ڪيڏي وڇوٽي آهي!
اهو طبقن جو تضاد سنڌ جي پهرئين زرعي سڌارڪ شاهه عنايت جهوڪ واري دؤرڪرڻ جي ڪوشش ڪئي
هئي پر کيس شهيد ڪرايو ويو هو. (4)
شاهه لطيف سياستدان ته هو ڪونه، جو ماڻهن
کي گڏ ڪري سندن اڳواڻي ڪري ها. هو هڪ شاعر هو، فنڪار هو، مفڪر هو، هن جي پهچ ۾ ماڻهو
نه پر سندن ذهن هئا ۽ هو منجهن ذهني سجاڳي ۽ پر ماريت جو احساس پيدا ڪري ٿي سگهيو.
معاشي آزاديءَ لاءِ تڙپ پيدا ڪرڻ لاءِ ڪوشش ڪري ٿي سگهيو. ان لاءِ به نعريبازي ۽
پرچار جي ضرورت ڪانه هئي، نه ئي هو ڪو اهڙو شاعر هو: هن جي شاعري ”اسان جي دؤر جي
متحرڪ قوتن جي تخليقي عمل سان هم آهنگ ۽ فڪري طور اڳواڻي ڪندڙ“ (5)
نظر اچي سگهي ٿي ۽ ان ۾ پورهيت عوام جي
حالت ۾ ان جو پس منظر به ڏسي سگهجي ٿو پر اهو سڀ ڪجهه ان دؤرجي حوالي، ۽ سياق ۽
سباق ۾ ڏسڻ گهرجي. شاهه جي شاعري تاريخ جي هر دؤرجي ترقي پسند شاعري آهي (6).
شاهه جي شاعري ۾ زندگيءَ سان ڪمٽمنٽ يا
سر سيتائي آهي، اجتماعيت سان سر سيتائي آهي، ان ڪري اها ترقي پسند آهي. روايت
پرستيءَ جي مخالفت، وقت جي دقيانوسي يا قدامت پسند، رجعت پسند ۽ اقتدار پسند قدرن
جي نفي شاهه ۾ موجود نظر اچي ٿي.
اهڙا قدر جيڪي اجتماعي قدر آهن، اجتماعي
مقصد رکن ٿا ۽ اڳتي وڌڻ کي، نواڻ کي، تبديل کي غالب اقتدار جي بت ڀڃڻ کي، ضروري ڏسن
ٿا ۽ سمجهن ٿا، سي شاهه جي شاعريءَ ۾ موجود نظر اچن ٿا. اُهي قدر ترقي پسند (Progressive) انقلابي (Revolutionary) يا
اقتدار خلا
(Anti-establishment) ٿيندا آهن.
سُر مارئيءَ ۾ اهي ٻين سڀني سُرن کان وڌيڪ
چٽا آهن. شاهه، جنهن جي “ذهن ۾ هڪ آزاد،
باوقار، خود مختار، خوشحال ۽ پرماريت کان پاڪ سماج جو تصور آهي (7).
مارئي جي ڪردار ذريعي اهو تصور (concept) ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. هو سماجي تبديلي (Social change) ضروري ٿو سمجهي ۽ اها تبديلي آڻڻ لاءِ سنڌي سماج
جي سڀ کان هيٺئين سڀ کان وڌيڪ ڏتڙيل ۽ محروم ماڻهن جو مثال ٿو کڻي.
--------------
حوالا
1.
جويو، محمد ابراهيم، ”شاهه سچل ۽ سامي“ ــ سنڌي
اديبن جي ڪو آپريٽرو سوسائٽي لميٽيڊ ــ حيدرآباد 1978ع. ص 55
2.
تنوير عباس: ”شاهه لطيف جي شاعري“ ــ جلد ٻيو،
نيو فيلڊس پبليڪيشن، حيدرآباد 1985 ــ ص 65.
3.
چنا، محمد ابراهيم: مارئي جو ڪردار ــ مختصر فڪري
جائزو ــ ”سر مارئي“ مرتب حميد سنڌي ــ شاهه عبداللطيف ڀٽائي ثقافتي مرڪز، ڀٽ شاهه
1990 ــ ص 24.
4.
راشدي، حسام الدين: ”سنڌ جو پهريون زرعي سڌارڪ
ــ شاهه عنايت صوفي“ ــ ”ڳالهيون ڳوٺ وڻن
جون“ ــ انجمن تاريخ سنڌ، ڪراچي حيدرآباد 1981 ــ ص 355
5.
خاڪي، جويو: ”شاهه لطيف جي شاعري سنڌي قوم جي
تاريخي شعور جي اعليٰ ثقافتي شڪل آهي ــ ترقي پسند ادب ــ ادب اڪيڊمي، ڪراچي 1986
ــ ص 97
6.
ايضا
7.
آريسر، عبدالواحد: ”وريا واهرو“ ــ شهيد
عبدالقادر هاليپوٽو پبليڪيشن، سيوهڻ 1981 ــ ص 37
---------------
شاهه عبداللطيف جو سماجي
شعور (سر مارئيءَ جي حوالي سان)
ڊاڪٽر فهميده حسين
Comments
Post a Comment