سخي لجپال سيوهاڻي : مور مغيري



سخي لجپال سيوهاڻي، قلندر لال سيوهاڻي،
اسين بي حال سيوهاڻي، ڪيو ڪو ڀال سيوهاڻي.

کڻي خالي اسين جهولي، اوهان جي در تي آيا هون،
سوا تنهنجي سهاري جي نه ڀريو خال سيوهاڻي.

محبت ۾ ويا اڙجي سٻاجها هي سنڌي سائين،
ڪڏهن پاڻيءَ ۾ ٻوڙن ٿا، ڪڏهن آ ڪال سيوهاڻي.

امن ڪاٿي رهيو ناهي، اسان جي هاڻ ڌرتيءَ تي،
غمن ۾ ڪيترا گذري، ويا هت سال سيوهاڻي.

مدد غيبي عطا ڪر تون، اسان کي سنڌ جا والي،
ڪيو خوشحال ننگريءَ هيءَ حسيني آل سيوهاڻي.

گلابن جي هجي خوشبو، رڳو سرهاڻ ساوڪ ٿئي،
تتر ۽ “مور” ڪونجون، جت، ڏين پيا ڇال سيوهاڻي.

مور مغيري

Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت