ڊاڪٽر نظير جو تحفو : سعودي جي ڪافي
مسجد کان ٻاهر ايندي ڪچهري ڪندا آياسين. نظير چوڻ لڳو
ته،”مون کي گهر ۾ ٿورو ڪم آهي، جيڪڏهن اجازت هجي ته مان گهران ٿي اچان. پاڻ ان کان
پوءِ گڏ هلي ماني کائون ٿا“.
سو هن کي پنهنجي هُوٽل واري گهٽي تي ڇڏي، اسان
پنهنجي هُوٽل واري گهٽي ڏي لڙي پياسين. اسان پنهنجي هوٽل جي لابي ۾ ئي موجود
هياسين ته هو اچي ويو هو. هن جي هٿ ۾ ڪاري رنگ جي شاپر هئي. اها شاپر منهنجي حوالي
ڪندي هو چوڻ لڳو،”هي توهان لاءِ منهنجي طرفان گفٽ آهي. سعودي عرب جي هي تمام
بهترين ڪافي آهي، جيڪا مان توهان لاءِ تحفو طور کڻي آيو آهيان. مون هوٽل جي بيري حڪيم
کي سڏ ڪندي چيو ته،”حڪيم! ٿورو هيڏي ته اچ“.
هن کي ڪافي وارو شاپر ڏيندي چيو ته،”هي ڪافي ڪائونٽر
تي رکي ڇڏ، اسان ماني کائي موٽي اچون ٿا. مان واپسي ۾ توکان اها وٺندس“.
هن مون کان اها شاپر وٺي ڪائونٽر تي ئي مٿان، ڪنڊ ۾
رکي ڇڏي. اسان جا جوتا سڀ ٻاهر پيا هيا. هاڻي پرتاب ۽ مظفر به هيٺ لهي آيا هيا.
اسان هوٽل کان ٻاهر نڪتاسين. هوٽل جي سامهون ئي هڪڙو ننڍڙو جنرل اسٽور آهي. نظير
سوڊاني چوڻ لڳو ته،”مان هتان ئي گهر جو سامان وٺندو آهيان“.
”منهنجا دوست به
هتان ئي کير وغيره گهرائيندا آهن. هن جا اگهه مناسب آهن“. مون هن کي جواب ڏنو.
ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
ان کان پوٰءِ اسان هوٽل تي وياسين. اسان جي هوٽل
واري گهٽيءَ کان ئي سامهون پڇاڙي تي، ٻيٽ جي ڪناري وٽ ئي هڪڙي هوٽل هئي، جنهن جون
لائيٽون ٻري رهيون هيون. اسان ان هوٽل تي آياسين. کليل ميدان تي مختلف جاين تي ڪرسيون
۽ ٽيبلون لڳل هيون. انهن ئي خالي پيل ڪرسين تي اسان ويهي رهياسين. انهن جي ٽيبل تي
بوفي وارا ڍاڪون بند ٿيل پيا هيا.ٿوري دير کان پوءِ هوٽل جو بيرو آيو. جنهن سلام ڪيو.
ان کان پوءِ هن پڇيو ته،”ڇا توهان سان گڏ ٻيا مهمان به آهن يا توهان جي مهمانن جي ڪا
پارٽي آهي. يا توهان اڳ ۾ رات جي ماني جو آرڊر بوڪ ڪرايو آهي“.
جنهن تي مختيار صاحب ان بيري کي چيو ته،”نه اسان جي
ڪا به بوڪنگ ٿيل نه آهي ۽ نه ئي اسان جا ڪي مهمان ايندا. اسان هي جيڪي تنهنجي
سامهون ست ڄڻا ويٺا آهيون. اهي ئي ماني کائڻ آيا آهيون“.
هن انتهائي معذرت سان چيو ته، ”سر! معاف ڪجو هي ٽيبلون
۽ ڪرسيون اڳ ۾ ئي بوڪ ٿيل آهن“. اسان هن کان معذرت ڪندي ٻي ٽيبل تي وڃي ويهي
رهياسين. اسان ان هوٽل جي بيري کي چيو ته،” ٻي ٽي ٽيبلون ملائي گڏ ڪري ڏيئي، اسان
گڏ ويهنداسين ۽ ماني کائينداسين“.
هن اسان لاءِ ٽي ٽيبلون گڏ ڪري ڪرسيون سيٽ ڪري ڏنيون.
هن کي اسان مختلف آئٽمن جو آرڊر ڏنو، جنهن ۾ ماني، ٻوڙ، چانور، سلاد ۽ ٻيو ڪجهه
هيو. بيري چيو ته،”سائين! گهٽ ۾ گهٽ آرڊر تيار ٿيڻ ۾ اڌ يا منو ڪلاڪ کن لڳندو“.
ان تي پرتاب هن کي چيو ته،” ٺيڪ آهي، ڪاڳالهه نه
آهي. تيسيتائين اسان پاڻ ۾ ڪچهري ٿا ڪيون“.
پر پنجن منٽن گذرڻ کان پوءِ اهو ساڳيو بيرو موٽي
آيو ۽ پرتاب سان مخاطب ٿيندي چوڻ لڳو ته،”سائين! معاف ڪجو بوفي وارن جو اڳ ۾ ئي گهڻو
آرڊر ڏنل آهي. بورچي انهن جي رڌ پچاءُ ۾ مصروف آهن. توهان جي ماني ۾ ڪلاڪ کن کان
به مٿي وقت لڳندو“.
ڪلاڪ کان مٿي انتظار ڪرڻ، انتهائي ڏکيو ڪم هيو.
پرتاب بيري کي چيو ته،” نه ڪلاڪ وڏو آهي. اسان ٻيو هوٽل ڏسون ٿا“.
”توهان جي مرضي
سائين، جيئن توهان کي بهتر لڳي“. هن هٿ ٻڌي عرض ڪيو.
اسان اتان اٿي اڳتي هلڻ لڳاسين، سامهون ئي اها راتوڪي
هوٽل نظر آئي، ان هوٽل ۾ هليا آياسين. اتي ئي ويهي رهياسين. ماني جو آرڊر ڏيڻ لاءِ
ڊاڪٽر نظير کي چيوسين ته،”توهان جي جيڪا پسنديده ڊش هجي توهان هن کي اهو چئو“.
هن چيو ته،”توهان جيڪو گهرائيندو مان کائي ويندس“.
نيٺ اهو بار به پرتاب ۽ سائين مختيار تي رکيوسين.
جن ماني جو آرڊر ڏنو. هاڻي اسان نظير سوڊاني سان ڪچهري ڪري رهيا آهيون. نظير جي
انگريزي سٺي آهي، ان ڪري هن جي گفتگو ۽ هن جو موقف به سمجهه ۾ اچي ٿو. هن سياست،
ادب، تاريخ تي پئي ڳالهايو. هو جنرل ناليج ۽ ڪرنٽ افيئر ۾ ڪافي ڀڙ پئي لڳو.
هن سعودي عرب جي موجود صورتحال تي پڻ سير آميز
گفتگو ڪئي. هن گرين ۽ ريڊ پاليسي جي باري ۾ پڻ ٻڌايو. هن ٻڌايو ته عربن هڪڙي نئين
پاليسي آندي آهي، جيڪا ٻاهرين ماڻهن لاءِ موت کان گهٽ نه آهي. سو ان پاليسي کي
سمجهائيندي ٻڌائڻ لڳو ته،” جنهن به ڪمپني ۾ عربن کان سواءِ ڌاريو ماڻهو ڪم ڪري ٿو
ته ان ڪمپني جي هيڊ جي لاءِ مصيبت جو ريڊ سنگل آن ٿي ويو آهي. ان ڪري اتي ڳاڙهي
بتي جو اشارو آهي ته جيترو جلدي ٿي سگهي ڌارين کان جان ڇڏائي. انهن کي پنهنجي ڪمپني
مان ڪڍي. سو جڏهن ڪمپني صفا ڌارين جو صفايو ڪري ڇڏيندي ته ان ڪمپني کي گرين سگنل ڏنو
ويندو. مطلب ته هن ڪمپني ۾ ڪو به ڌاريو ڪم نه ٿو ڪري. جيڪڏهن ڪمپني جو هيڊ اهو ڪم
نه ڪري سگهيو ته پوءِ ان جي ڇٽي ڪئي ويندي“.
هن وڌيڪ ٻڌايو ته موجود بادشاهه لبرل ۽ عورتن جي
آزادي جو قائل آهي. هاڻي عورتون ڊرائيونگ ڪري سگهن ٿيون، اسڪولن، ڪاليجن يونيورسٽين
۾ پڙهي سگهن ٿيون، مردن سان ڪلهو ڪلهي سان ملائي ڪم ڪن ٿيون ۽ هتان جي هر شعبي ۾
عورتون نظر اچن ٿيون. جيڪا سٺي ڳالهه آهي“.
هن ٻڌايو ته،”هر فيلڊ ۾ عورت کي اڳيان آندو ويو
آهي. هتي سينيما گهر، ڪلب، ڊانس ڪلبون، نائٽ ڪلب، بار وغيره کلي ويا آهن. هر قسم
جي آزادي ڏني ويئي آهي ته جيئن ٻاهريون سياح گهڻو اچي ۽ هنن جي سياحت واري شعبي ۾
ناڻي جو اضافو ٿي سگهي“.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment