ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
ان قطار ۾ اسان کي تمام گهڻو وقت لڳي ويو. بيهي
بيهي ٽنگن جو پاڻي سڪي ويو هو. انهي دوران اسان کي رات جا تقريبن سوا پنج ٿي ويا
هيا. نيٺ اسان به اچي ڪائونٽر تي پهتاسين. ان کان پوءِ اميگريشن وارو مرحلو به خير
سان طئي ٿي ويو هو. سامهون کان اها ئي ميڊم اميگريشن آفيسرعورت بيٺي هئي. جنهن انڊونيشيا
مهل به گهڻو گند ڪيو هو. هن دفعي به ڊپ هيو ته وري نه ڪٿي ڪو خلل پيدا ڪري، تنگ ڪري
۽ هروڀرو بيهاري نه ڇڏي.
پر هن دفعي ائين نه ٿيڻو هو. شايد اسان جا ڀاڳ ڀلا
هيا. سو ٿيو ڇا جو اسان جيئن ئي اميگريشن واري ڪائونٽر کان آجا ٿي اڳتي چيڪنگ لاءِ
وڌياسين ته اسان جي قطار مان کاٻي پاسي واري ڪائونٽر جي همراهه ان ميڊم کي رڙ ڪري
چيو ته ميڊم! ” هي افعاني آ“.
جنهن تي ميڊم چيو ته،”هن کي هيڏي مون ڏي موڪليو“.
هو ان افغاني واري چڪر ۾ لڳي ويئي ۽ اسان بغير ٽائيم
ضايع ڪرڻ جي اڳتي نڪري وياسين. آخري مرحلي ۾ پنهنجي پاڻ کي سڄو ايڪسري ڪرائڻو
پوندو آهي. سو هينڊ ڪيري اسڪين ڪرائين، پنهنجو بيلٽ، منڊي، واچ، پرس لاهي ڊش ۾
رکي، اهي شيون اسڪين مشين مان گذاري، پاڻ کي به واڪ ٿرو گيٽ مان پار ڪرائي، جهڙتي
وٺرائي، اڳتي نڪري آياسين. وري اچي بيلٽ ٻڌاسين، بوٽ پاتاسين. سامان هٿيڪو ڪيوسين.
هي به عجيب بيزار ڪندڙ مرحلو آهي. انهي اسڪينگ دوران ڪو سامان رهجي ويندو آ يا اتي
ئي ڪِري به پوندو آ. پر جيڪڏهن مالڪ هوشياري نه ڪئي ته پوءِ ويو.
ان کان پوءِ پرسڪون ٿي اچي اسان پنهنجي زون ۾ ويهي
رهياسين. اتي اڳ ۾ ئي سري لنڪا جا زال مڙس ويٺل هيا. ٿوري دير کان پوءِ ٻه نوجوان ڇوڪريون
به اچي منهنجي سامهون ويهي رهيون. اهي به سريلنڪن لڳن پيون. جينز جي پينٽ اڳيان گوڏن
کان ڦاٽل، پيرن ۾ جوگر پاتل، ڪنن ۾ هيڊ فون، هٿن تي موبائيل وغيره.
مون جڏهن موبائيل جي اسڪرين تي نظر وڌي ته هن وقت
رات جا پنج لڳي 55 منٽ پئي ٿيا. جنيد ۽ يوسف کائڻ لاءِ ڪجهه وٺڻ ويا ها، ٿوري دير
کان پوءِ اهي واپس اچي چڪا ها. هنن جي هٿن ۾ خاڪي سڻڀيل لفافو هو، لڳي پيو ته گهڻو
ڪجهه وٺي آيا آهن، هن ۾ چڪن نگيٽس، بروسٽ، پيٽيس وغيره هيا ۽ هن ساڳي لفافي ۾ هڪ اڌ
ٽڪرو پيٽس ٽائيپ جو به هيو. جيڪو نالي ماتر کائڻ واري شي هئي. بس پيٽ جي ٽانڪي کي
پيٽرول سنگهائڻو هيو.
ٿوري دير کان پوءِ اعلان ٿيو ته سري لنڪن فلائيٽ
نمبر فلاڻي ۾ بورڊنگ شروع ٿي ويئي آهي. اسان به اچي وڏي قطار ۾ پٺين پاسي بيهي
رهياسين. اڳيان ڪائونٽر تي جهاز جو عملو تڪڙي تڪڙي ٽيڪٽ چيڪ ڪندا، مسافرن کي اڳتي
جهاز ڏانهن موڪلي رهيا هيا. اسان به ٽڪيٽ چيڪ ڪرائي، پاسپورٽ ڏيکاري، پنهنجي ٽڪيٽ
مان اڌ ٽڪيٽ جو ٽڪرو ڪٽرائي، اڌ هنن کي ڏيئي، اڌ پاڻ وٽ رکي اڳتي جهاز ڏي وڌياسين.
جهاز جي گيٽ تي ميل ۽ في ميل ايئرهوسٽ سلام ڪندا، ٽڪيٽ نمبر ڏسندا، ماڻهن کي هٿ
سان انهن جي گهربل سيٽن واري پاسي ڏانهن اشارو ڪندا، اڳتي موڪليندا رهيا. جهاز ۾
داخل ٿيندي ئي مون کي سري لنڪا جي سونهن محسوس ٿي هئي. سري لنڪا جي مٽي جي مهڪ
محسوس ٿي هئي.
اسان به پنهنجو سيٽون جاچيندا، اچي سيٽن جي مٿان بيٺاسين.
پنهنجا هينڊ ڪيري، سيٽن جي مٿان واري ڪيبن ۾ رکي ڇڏياسين. اسان دوستن جون سيٽون هڪٻئي
سان گڏ هيون. جهاز ۾ گهڻي رش نه هئي. گهڻي ڀاڱي جهاز خالي هيو. هاڻي هر ڪو پنهنجن
سيٽن تي ٿانيڪو ٿي ويٺو هيو. ايئر هوسٽس بار بار چڪر لڳائيندي چئي رهيون هيون
ته،”براءِ مهرباني پنهنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيو“. اسان پنهنجا سيٽ بيلٽ ٻڌي ڇڏيا هيا.
مون پنهنجي سيٽ جي اڳين سيٽ جي پٺين پاسي واري ڪمپوٽر اسڪرين کي کولي ڇڏيو هو. مان
جهاز جي چرپر واري خاني ۾ ڏسي رهيو هوس.
ٿوري دير کان پوءِ جهاز جي ڪيپٽن جو آواز ٻڌڻ ۾
آيو. هن پنهنجو نالو به ٻڌايو هو پر مون کان وسري ويو. هن جهاز جي مسافرن کي ڀليڪار
ڪيو هو. هن ٻڌايو ته هاڻي جهاز ٽيڪ آف ڪرڻ وارو آهي، توهان پنهنجا بيلٽ ٻڌي ڇڏيو.
جهاز جي ٽيڪ آف ڪرڻ وارو به عجيب مرحلو هوندو آهي. جتي ڪيئي ڪيفيتون جنم وٺن ٿيون.
پنهنجن جي ياد، پنهنجن کان دوري، پيارن کان پري وڃڻ، ڊپ، خوف، خوشي. مطلب ته عجيب ڪيفيت
وارو هي لمحو هوندو آهي.
سو وقت جي خبر ئي نه پئي ته جهاز ڪراچي ايئرپورٽ جي
رن وي تي ڊڪڻ لڳو ۽ ڊڪندي ڊڪندي جهٽڪي سان آسمان ڏي اڏاميو، ائين اڏامي ويو، جيئين
ڪو پکي ڀڙڪو کائي مٿي اڏي ويندو آهي.
پکي پروڪا اڃان نه آيا، اڪير تن جي هُري رهي آهي،
اداس سر تي هوا اٺي جي چئي پئي ڪا اڏار ايندي.
شيخ اياز.
- مالديپ ٻيٽ مالها مثل آهنالطاف شيخ
- مالديپ ۾ موههمهاڳتابش بخاري
- سفرنامو عرف عشقناموممتاز مهر
- ليکڪ جي ڊيسڪ تان(جوڳيئڙا جهان ۾ ...)بلوچ صحبت علي
- مالديپ ۾ مانڊاڻ جي ڄاڻ
- ڇا مالديپ ٻُڏي ويندو؟
- مالديپ جي موهيندڙ موسم ۽ ماحول
- مالديپ جي تاريخي حيثيت
- مالديپ جي ٻولي
- سنڌي ٻوليءَ جي ڊيوهي ٻوليءَ سان مشابهت
- مالديپ ۾ پُرتگالين، ڊچن ۽ انگريزن جو راڄ
- آزاديءَ کان پوءِ
- جي جي ٽريولرز جو سهڻو نوجوان؛ جنيد ڏهر
- شينجن ويزا جو طريقو
- ٻاهر نڪرڻ به ڪيڏو ڏکيو آهي
- نيٺ ڀاڳ کُليا
- ڪهڙا دوست اوچتو ڌڪ پٽي ويا...
- دادو جي ڇتي گرمي کان حيدرآباد جي ٿڌڙين هوائن ۾
- مظفر کوکر جي مهمان نوازي
- اهم ڪاغذ ته حيدرآباد ۾ ئي رهجي ويا
- رينجرس وارن ڇو روڪيو
- ڪلات جو دوست يوسف عجب بلوچ
- صفدر حسين سمون سان ملاقات
- جناح ٽرمينل ڪراچي ۾
- ايئرپورٽ تي افغاني پڪڙجي پيو
- جهاز ۾ مُلن سان ملاقات
- گوتم سان ڦوٽا
- عورتن جي طوهر جي رسم
- دي ٽيچر سان مُلاقات
- سري لنڪا کان مالديپ ايئرپورٽ تائين
- مالي جي منهوڙي وٽ انتظار جي باهه ۾
- مالي کان مافوشي ۽ K.Ghurado ٻيٽ تائين
- ڪي گورائيدو K.Guraidhoo ٻيٽ جي رات
- گرائيدو Guraidhoo ٻيٽ جي ڪهاڻي
- اٿينس وويو هوٽل جي خوبصورت صبوح
- ناشتي ۾ ڪبير، اياز ۽ ڀٽائي سان ڪچهري
- عبدالقادر منگي جي ياد
- هڪ منٽ جي تاخير جا پنجاهه ڊالر ڀرڻا پيا...
- ڊاڪٽر نظير علي سوڊاني سان ملاقات
- مافوشي آئلينڊ؛ قدرت جو خوبصورت ماڳ
- عورت جي نفسيات
- مافوشي ٻيٽ ۾ رولاڪيون
- ٻاهرين ملڪ جا ماڻهو مالديپ ڪيئن اچن ؟
- مافوشي ٻيٽ جنت الفردوس جو ڏيک
- 500 سو روپين جي هڪڙي ماني
- ٻيڙي هڪ منٽ جي به تاخير نه ڪئي
- پيش امام کي اجرڪ جو تحفو
- ڊاڪٽر نظير جو تحفو؛ سعودي جي ڪافي
- ڊاڪٽر نظير سوڊاني سان رات جي ماني
- سعودي جو نيوم شهر: دبئي کي به ماري ويندو
- پرتاب جي ننڊ مان بيداري جو فائدو
- مالديپ جي ڇتي گرمي ۾ دادوءَ جي ياد
- محمد ميلان ٻيڙي وارو
- سمونڊ ۾ غوطا خوري، وهيل مڇيون ۽ ڪميون
- سمونڊ ۾ ترڻ به هرڪنهن جي وس جي ڳالهه ناهي
- نيٺ مان به سمونڊ ۾ لهي پيس
- آرٽيفيشل ٻيٽ ۾ منهنجي موبائيل جي ٽُٻي
- ڪڏهن ائين هيوم، جو پنهون ڌوتم ڪپڙا...
- هوٽل جي مينيجر اعظم سان بيٺي بيٺي ڪچهري
- بڪني بيچ تي رولاڪيون ۽ اڌوري شام
- انگريزياڻين جو ٿورو
- دک ٻلي جو گهوري نهارڻ
- هوٽل تي ادبي ڪچهري جو چس ۽ مشاعرو
- 06.07.2024 جي پرُنور صبح ۽ پرتاب جا شعر
- مالديپ جي مالي شهر ڏانهن روانگي
- سمونڊ جو تيز ڇوليون ۽ جهاز
- گامون سچار انگريز يار
- جهاز جي ڪُرو محمد بنگالي سان حال احوال
- گُلي؛ مالديپ جو خوبصورت جزيرو
- مالديپ جي گادي جي هنڌ مالي ۾
- ڊاڪٽر شعيب مگسي سان ملاقات
- Agent Minor Salt Corner
- بي يارو مددگار
- هوٽل جي قيد خاني ۾
- هڙو مالي کان مالي ڏانهن روانگي
- مالي جي موهيندڙ ماحول ۾
- بُک ۽ ڪي ايف سي جي تلاش
- نيپالي ڇوڪريءَ سان ملاقات
- عجيب قبرستان جون عجيب قبرون
- سلطان پارڪ
- سلطان مسجد ۾ ٽيپهري جي نماز
- نيشنل آرٽ گيلري مالي
- نيشنل لائبريري مالي
- هڙومالي ۾ رولاڪيون ۽ سستي ماني
- هڙومالي کي الوداعي ڀاڪر
- ويلينا ايئرپورٽ مالديپ ۾
- 1671 روپين جي هڪڙي چانهه
- دي ٽيچرز جي آزادي مبارڪ
- جهاز ۾ AC نه هوندي آهي
- It’s challenge to get out of Maldives
Comments
Post a Comment