قلندر، صوفي ۽ ملامتي - ڊاڪٽر نواز علي شوق



قلندر، صوفي ۽ ملامتي
ڊاڪٽر نواز علي شوق

قلندر ڪهڙي زبان جو لفظ آهي، ان جو ڌاتُو ڪهڙو آهي؟ ان بابت ڪا پڪي راءِ ڏيئي نه ٿي سگهجي، رسالي غوثيه موجب “ڪلندر” سرياني زبان جو لفظ آهي، جيڪو ڌڻي سڳوري جو هڪ صفاتي نالو آهي، لغت جي مختلف ڪتابن ۾ هن لفظ جون مختلف معنائون ڏنل آهن. انهن سڀني جو تت هن ريت بيان ڪري سگهجي ٿو.

هيءُ لفظ معاشري جي هڪ گروه کي پڌرو ڪري ٿو. جيئن رِندُ، گدا، درويش سيلاني، رمتو جوڳي، قلندر جي اها سڃاڻ آهي ته هُو سماج جي ريتن ۽ رسمن کان باغي هوندو آهي، هُو ننگ ۽ ناموس کان بي پرواهه رهي ٿو. ڪنهن هڪ ملڪ يا شهر سان سندس تعلق نه هوندو آهي.

اهو ئي سبب آهي جو قلندر ڏيهان ڏيهه سفر ڪري معاشري ۾ انقلاب آڻڻ لاءِ جهاد ڪندا رهيا. جيئن ته قلندر جو ڪو گهر گهاٽ ۽ مَڏي ملڪيت ڪانه هوندي آهي، تنهن ڪري هُو دنيا جي لالچ کان پري رهي ٿو. هُو تارڪ الدنيا ٿي دنيا جي هر شيءِ تي چار تڪبيرون پڙهي ڇڏي ٿو.


قلندر، صوفي ۽ ملامتي توڙي جو ٽيئي هڪ ٻئي جي ويجهو آهن، پر ان هوندي به انهن ٽنهن ۾ ڪجهه فرق آهي.
قلندري سلسلي بابت شيخ عبدالرحمان چشتي پنهنجي ڪتاب “مراة الاسرار” جي ص 84 تي لکيو آهي ته “قلندري سلسلو ڪجهه ماڻهن تي مشتمل آهي، جيڪي مختلف سلسلن سان تعلق رکن ٿا ۽ پاڻ کي قلندري مشرب سان منسوب ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي جو محمد قلندر ۽ سندن مريدن جو هڪ وڏو ٽولو قلندري مشرب وارو هو. هيءِ شعر ان جو آهي.

یا زدریايم، دریاھم زماست
این سخن داند کے کو آشناست

ترجمو: اسان درياهه آهيون ۽ درياه اسان کان آهن. اها ڳالهه اهو ئي ڄاڻي ٿو جيڪو ڄاڻو آهي.

صوفي جا ظاهري معاملا ، سندس ڳُجهه ظاهر ڪن ٿا. مگر، ملامتي جو ظاهر سندس ڳُجهه کي پڌرو نه ٿو ڪري. صوفي ڪڏهن ڪڏهن ڳُجهه ظاهر ڪري ٿو. جيئن منصور “اناالحق” چئي ڏنو. جيڪو پوءِ صُوفين جو نعرو بڻجي ويو. بُسطاميءَ چيو ته:” سُبحاني ما اعظم شاني” مان پاڪ آهيان، ڇا ته منهنجو شان آهي. بعد جي صوفي بزرگن ۽ شاعرن اهو فڪر سمجهائڻ جي ڪوشش ڪئي، سچل سرمست فرمايو ته:

حق انا الحق ٿي پيو، پر منجهه نظر منصور هو.
منجهه شريعت شرڪ چون، منجهه معرفت منظور هو.

لعل شهباز فرمايو ته:
منم عثمان مروندی کہ یار خواجھ منصورم

سچل سرمست فرمايو آهي:

بُسطامي ڪيهي بات ڪهي هي، ڪوئي سمجهڻ والا هوءِ.

يعني سچل سرمست بُسطامي واري بات جي تعريف ڪندي، ان ڳالهه تي افسوس جو اظهار ڪيو آهي ته اھو نُڪتو، اهو راز سمجهڻ سولي ڳالهه نه آهي. عام ماڻهو ان کي سمجهي نه ٿا سگهن.

قلندر جي زندگي هڪ ملامتي رند وانگر هوندي آهي. هُو صوفي کان مختلف هوندو آهي. ورد وظيفا، ذڪر اذڪار چلا ۽ خانقاهون صوفين جي سڃاڻ آهن، پر قلندرُ انهن سڀني شين کان بيزار هوندو آهي، تنهن ڪري سندس رستو صوفي کان ڌار آهي، قلندر کي ماڻهن جي تعريف يا ملامت جي ڪا پرواهه ڪانه هوندي آهي. سندس ڳالهه ڪو مڃي يا نه مڃي. ڪو کيس ڇاٿو چئي. ڀلو ٿو چئي يا بُرو. هو ان جي پرواهه ڪونه ڪندو آهي. مطلب ته هُو ماڻهن جي چئي آکي تي ڌيان نه ڏيندو آهي. قلندر فقط پنهنجو نفس نهوڙڻ جي ڪوشش ڪندو رهندو آهي.

ان لاءِ هُو ملامت پسند ڪري ٿو. ڇاڪاڻ ته ان طريقي نفس اماره کي نهوڙڻ ۾ مدد ملي ٿي، ٻيو ته سندس ڳُجهه ماڻهن کان لڪل رهي ٿو. جنهن جي ڄاڻ فقط الله پاڪ کي هوندي آهي. سندس تعلق به الله جي ذات سان هوندو آهي. تنهن ڪري هُو خلق جي خوشنوديءَ کان بي پرواهه رهي ٿو. ۽ پنهنجي نفس جي اصلاح لاءِ ڄاڻي واڻي اهڙا ڪم ڪري ٿو، جيئن خلقِ خدا مٿس ملامت ڪري.

نبي سڳوري ﷺ جي هڪ حديث آهي ته: “اسان ننڍي جهاد کان وڏي جهاد وياسون.” صحابه عرض ڪيو ته يا رسول الله ﷺ وڏو جهاد ڪهڙو آهي؟ پاڻ فرمايائون ته نفس سان جهاد ڪرڻ وڏو جهاد آهي. هڪ صوفي بزرگ سهيل بن عبدالعزيز فرمايو آهي ته: “نفس جي مخالفت سمورين عبادتن جو سرچشمو آهي. نفس کي سڃاڻڻ ڄڻ پاڻ کي سڃاڻڻ آهي. جيڪو پاڻ کي نه ٿو سڃاڻي، سو خدا کي ڪيئن سڃاڻي سگهندو. نفس جو فنا ٿيڻ حق تعاليٰ سان محبت جي نشاني آهي ۽ نفس جي پيروي ڪرڻ حق جي مخالفت آهي.

مولانا روم قلندر جي صفت هن ريت بيان ڪئي آهي:
بزم شراب لعل و خرابات کافری
کار قلندر است و قلندر ازو بری
سيمرغ کوھ قاف مقامِ قلندری
وصف قلندر است وقلندر ازوبری
ترجمو: بزم شراب و سرخ و ميخانه ڪافرانه آهي
هي قلندر جو ڪم آهي، پر قلندر ان کان آزاد آهي
سيمرغ ڪوه قاف تي رهي ٿو، قلندر جو به اهو ئي مقام آهي
اها قلندر جي وصف آهي، پر قلندر ان کان آزاد آهي.

انوار قلندر” جي مصنف خليل الله پاڻي پٽ واري لکيو آهي ته: جڏهن الله پاڪ روحن کي فرمايو ته “الست بربکم” ته ڪن روحن قالوُ بلي چيو، ڪي چُپ رهيا ته ڪن انڪار ڪيو. پر ڪي رُوح اهڙا به هئا، جيڪي خدائي نُور ۾ گم ٿي، هوش حواس کان فارغ ٿي ويا. انهن کي مست ۽ مجذوب چيو ويو آهي ۽ اهي دنيا جي ڌنڌن کان ڌار ٿي، هميشه خدائي نور ۾ رهن ٿا. ۽ اهي قيامت تائين اهڙي ڪيفيت ۾ رهندا.

حضرت بُو علي قلندر رحه ان ڪيفيت کي هن ريت بيان ڪيو آهي:

منم  محو جمال اُو، نمی دانم کُجا رفتم
شدم غرق وصال او، نمي دانم کجا رفتم

قلندري مشرب:
قلندري مشرب ڪڏهن کان شروع ٿيو؟ ان جو جواب اسان کي تصوف جي مشهور ڪتاب “مفتاح الغيب” مان ملي ٿو. ان ۾ ڄاڻايل آهي ته قلندري مشرب جي ابتدا هن ريت ٿي. حضرت عبدالعزيز مڪي اصحابه صُفه مان هو ۽ سڀ کان پهرين نبي سڳوري ﷺ ان کي قلندر جو لقب ڏنو.

حضرت عبدالعزيز مڪي وڏي عمر وارو مست ۽ مجذوب فقير هو. ان جي جذب ۽ استغراق جا ڪيترائي قصا مشهور آهن. هتي مثال طور هڪ واقعو پيش ڪجي ٿو:

هڪ ڀيري نبي سڳوري ﷺ سان گڏ ڪيڏانهن وڃي رهيا هئا ته واٽ تي استغراق ۾ اچي ويا. باطني ڪيفيت کين دنيا ومافيها کان بي خبر ڪري ڇڏيو. انهيءَ جذب ۽ محويت جي عالم ۾ پورا ٽيهه ورهيه ان ئي حُجري ۾ رهيا، جيڪو حضور ﷺ جن ٺهرايو هو. تان جو هڪ ڏينهن حضرت علي عليه السلام سفين واري جنگ جي تياري ڪئي. طبل نغارن ۽ گهوڙن جو آواز ٻڌي هوش ۾ اچي ويا. پڇيائون ته حضور ﷺ جن ڪٿي آهن؟ پاڻ سڳورن جو لشڪر ڪهڙي طرف آهي؟ ته حاضرين مان هڪ شخص کين جواب ڏنو ته:
پاڻ سڳورا ﷺ جن وصال ڪري ويا آهن ۽ کانئن پوءِ ٽن خليفن جو دور پڻ ختم ٿي چڪو آهي. ايتري ۾ جڏهن شاهي لشڪر ويجهو آيو ته ماڻهن موليٰ علي کان پڇيو ته هي ڪير آهي؟ موليٰ علي فرمايو ته، “هي رسول الله ﷺ جو علمبردار اصحاب صُفه وارو شيخ عبدالعزيز مڪي قندر مجذوب آهي. پوءِ ان ئي مهل حضرت عبدالعزيز مڪي رحه  موليٰ علي جي مبارڪ هٿ تي بعيت ڪئي ۽ اسلامي لشڪر ۾ شامل ٿي ويو.

مولانا عبدالقادر جونپوري رحه پنهنجي هڪ نظم ۾ اهو واقعو هن ريت بيان ڪيو آهي:
خواجھ عبدالعزیز عبداللھ، آن عَلم دار مُصطفیٰ زِ سپاھ
یا نبی بود در سفر بوباق ۔ درمکان گرفتش استغراق
تازمانی کہ حیدرِ صفدر ۔ سُوی صفین راند با لشکر
شُغب لشکرش بِگوش رسید ۔ بِہ رفاقت درآمد و بِدید
گفت کہ مصطفیٰ و لشکر او ۔ من فدا و غلام و چاکر اُو
این وصی وسیت شیر خدا ۔ این علی مرتضیٰ امیر ھُدا
تابِدولت بِآنجناب رسید ۔ بیعتش کرد و خدِمتش بِگرید

حضرت بُو علي قلندر رحه بابت محققن لکيو آهي ته: پاڻ 40 ورهيه سُڪر ۾ بيهوش رهيا. ايتريقدر جو سندن مُڇن مُنهن مبارڪ کي ڍڪي ڇڏيو هو. حضرت علاؤالدين صابر ڪليري رحه 12 ورهيه هڪ وڻ جي سهاري بيٺا رهيا. ظاهر آهي ته اهي بزرگ اهڙي حالت ۾ روزو نماز ادا ڪري نه سگهيا. پر حقيقت ۾ اُهي خدائي نُور ۾ گم رهيا. اتي مُجاهدي جي ضرورت نه هوندي آهي، اهي الله وارا مشاهدي ۾ پهتل هئا، جيئن ڀٽائي فرمايو آهي:

سي سُتائي سُونهن. ننڊ عبادت جن جي
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته قلندر ملامت کي پسند ڪن ٿا.
تنهن ڪري انهن کي ملامتي سڏيو وڃي ٿو. حضرت علي هجويري رحه ملامتي فرقي وارن جي تمام گهڻي تعريف ڪئي آهي. هُن خلق جي ملامت کي خدا جي دوستن جي غذا سڏيو آهي. هن ملامتين جا ٽي قسم ٻڌايا آهن.
(1)   ڪو شخص پنهنجي مامرن ۽ عبادتن ۾ درست هجي، مثلاَ شيخ ابو طاهر رحه هڪ ڀيرو بازار مان وڃي رهيو هو ته هڪ شخص کيس پير زنديق ڪوٺيو. اهو ٻڌي سندن هڪ مريد کي ڪاوڙ اچي وئي ۽ هن جهيڙو ڪرڻ چاهيو، پر سندس مرشد ابو طاهر کيس وڙهڻ ۽ جهيڙڻ کان منع ڪئي ۽ کيس سمجهائيندي چيائين ته تون جيڪڏهن جهيڙو نه ڪرين ته توکي هڪ شيءِ گهر هلي ڏيکاريان، جڏهن گهر پهتا ته مرشد کيس ڪيترائي خط ڏيکاريا، جن ۾ ڪنهن تي شيخ ذڪي، ڪنهن تي شيخ زاهد، ڪنهن تي شيخ الاسلام، ڪنهن تي شيخ الحرمين جو خطاب لکيل هو.  پاڻ فرمايائون ته: هر شخص پنهنجي پنهنجي اعتقاد موجب لقب ڏيندو آهي. جيڪڏهن ڪو شخص مون کي پنهنجي اعتقاد موجب زنديق يعني ڪافر سڏي ٿو ته تون ان سان ڇو ٿو جهيڙو ڪرين.
(2)  ٻيو قسم اهو آهي ته قلندر دنيا جي رعب تاب ۽ ٺٺ ٺانگر کان مُنهن موڙي خدا جي عبادت ۾ مشغول ٿي وڃي ۽ خلق جي ملامت جي پرواهه نه ڪري ته جيئن سندس طبيعت دنيا جي شان و شوڪت طرف مائل نه ٿي سگهي.
مثلاَ: هڪ ڀيري  حضرت بايزيد بُسطامي رحه حجاز مقدس جي سفر کان واپس پنهنجي وطن وڃي رهيو هو، بُسطام جو عوام ۽ وڏا ماڻهو سندن استقبال لاءِ شهر کان ٻاهر اچي گڏ ٿيا. هڪ مُريد، جو ساڻن سفر ۾ گڏ هو، تنهن کان پڇيائون ته هي ماڻهو هتي ڇو اچي ڪٺا ٿيا آهن؟ مريد جواب ڏنو ته “سائين هي اوهان جي استقبال لاءِ آيا آهن.” ته هڪدم گودڙيءَ مان ماني جو ٽڪرو ڪڍي کائڻ لڳا. رمضان شريف جو مهينو هو. ماڻهن، جڏهن ڏٺو ته بايزيد روزن جي  مهيني ۾ ماني کائي رهيو آهي ته مٿس ملامت ڪرڻ لڳا. پوءِ اهي سڀ ڪاوڙ مان واپس موٽي ويا. اهو ڏسي سندن مريد کي تمام گهڻو افسوس ٿيو ۽ عرض ڪيائين ته: سائين! اوهان هي ڇا ڪيو؟ پاڻ فرمايائون ته: ڏٺئي شريعت جي هڪڙي جهٽڪي سان هنن ماڻهن کي پاڻ کي پري ڪري ڇڏيم. هي ماڻهو مون کي پنهنجي موليٰ کان غافل ڪرڻ لاءِ آيا هئا.
حضرت بايزيد بُسطامي رحه ان ڪري ائين ڪيو ته جيئن دنيا ۽ دنيا وارا کيس پنهنجي طرف مائل نه ڪن ۽ ڪٿي ائين نه ٿئي جو هيترا سارا ماڻهو پنهنجي استقبال لاءِ ڏسي غرور ۽ تڪبر نه اچي وڃي.
(3)   ٽيون قسم اهو آهي ته ڪو گمراهه هجي ۽ خلق جي ملامت جي خوف کان سئين راهه تي اچڻ نفاق ۽ رياڪاري سمجهندو هجي، ايتري تائين جو شريعت کي به ڇڏي ڏئي.
حضرت علي هجويري رحه ملامت جي قول جي تائيد ۾ فرمايو آهي ته ملامت عاشقن لاءِ هڪ برسيل باغ آهي، دوستن لاءِ هڪ سهڻي تفريح، مشتاقن لاءِ راحت ۽ مريدن لاءِ خوشي ۽ سُرور آهي. اهو ئي سبب آهي جو لعل شهباز فرمايو آهي:
بِصد سامان رسوائی، سرِ بازار می رقسم
سندن هڪ ٻيو شعر آهي:
خلایق گر کند برما، ملامت زین رھی ھر دم
مگر نازم براین ذوقی کہ پیش یار می رقصم
حضرت ابراهيم اڌم رحه کان ڪنهن پڇيو ته ڪڏهن اوهان جي من جي مراد پوري ٿي؟ پاڻ فرمايائون ته ٻه ڀيرا منهنجي من جي مراد پوري ٿي. هڪ ڀيرو ٻيڙي ۾ ويٺو هوس، مون کي ڪنهن نه سڃاتو، پراڻا ۽ ڦاٽل ڪپڙا پهريل هئا. مٿي جا وار به وڌي ويا هئا، منهنجي اها حالت ڏسي ٻيڙي ۾ ويٺل ماڻهو مون تي کلون، ٽوڪون ڪرڻ لڳا ۽ منهنجي مٿي جا وار پٽڻ لڳا. ان مهل منهنجي من جي مراد پوري ٿي. مان انهيءَ پراڻي ۽ ڦاٽل لباس ۾ خوشي محسوس ڪري رهيو هوس. پر هڪ ڏينهن اها خوشي ختم ٿي. هڪ شخص مسخري ۾ منهنجي مٿان گند اڇلايو. مجبور ٿي اهو لباس لاهڻو پيو.
ٻيو ڀيرو منهنجي من جي مراد هن نموني پوري ٿي، هڪ ڏينهن وڏ ڦڙو وسي رهيو هو. سردي جي موسم هئي. هڪ ويجهي ڳوٺ پهتم. منهنجو جُبو ڀڄي ڀت ٿي ويو هو. هڪ مسجد ۾ ويم ته مُلان مون کي ڌڪا ڏيئي ٻاهر ڪڍيو. سيءَ ڏاڍو ستايو، مجبور ٿي هڪ حمام واري بٺيءَ ۾ گهڙي ويم. باهه جي توَ تي سيءَ کان ته بچي ويس پر باهه جي دونهين منهنجا ڪپڙا ڪارا ڪري ڇڏيا، ۽ منهن به سياهه ٿي ويو. ٻاهر نڪتم ته ماڻهو کلڻ لڳا ان مهل منهنجي من جي مراد پوري ٿي وئي.
مددي ڪتاب
1.              رسالو ميان سچل فقير جو ــ مرزا علي قلي بيگ
2.              سوانح قلندر لعل شهباز رحه ــ ڊاڪٽر ميمڻ عبدالمجيد سنڌي
3.              مثنوي مولانا روم.
4.              انوار قلندر
5.              مثنوي بو علي قلندر
6.              ديوان عبدالقادر جونپوري
7.              دوبيتي بابا طاهر عريان

Comments

Popular posts from this blog

وطن جي حب

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت