ابن الھيثم


مسلمان ڏاھا ۽ سندن ايجادون

سنڌيڪار: جوھر بروھي





ابن الھيثم

ابو علي حسن بن ھيثم 965ع ۾ بصري ۾ ڄائو ۽ 1039 ۾ قاھرھ ۾ وفات ڪئي. عظيم رياضي دان ۽ طبعيات ۽ نوريات جو ماھر ھو. علم نوريات بابت سندس جڳ مشھور ڪتاب عربي ۾ ته موجود ڪونھي. البت لاطيني ۾ ترجمو موجود آھي. ھو پھريون شخص آھي. جنھن نظر متعلق يونانين جي ڏسيل نظرئي کي غلط چئي ھڪ نئون نظريو ڏنو ته روشني جو شعاع شين کان اکين جي طرف ايندو آھي. ھي غلط آھي ته نظر اکين کان شين طرف ويندي آھي. ھن جو ھي نظريو قياس (اندازي) تي ٻڌل ڪونه ھو، پر ھن خلياتي (جسم جو مختصر ترين خانو) تحقيق سان ثابت ڪيو. ان کان سواءِ ھن روشني جي شعاع جو شفاف شين مثلا ھوا ۽ پاڻي منجھان گذرڻ جو مطالعو ڪيو. پاڻي سان ڀريل ٿانو تي تجربا ڪيا. جنھن جي ڪري خوردبيني ايجاد ٿي.
زھراوي جي تصنيف ڪتاب المناظر جو لاطيني زبان ۾ 1852ع ڌاران ترجمو ٿيو. ان ئي سال شفق (سج اڀرڻ ۽ لھڻ وقت جي ڳاڙھاڻ) بابت ھن جي لکيل ڪتاب جو لاطيني ۾ ترجمو ٿيو. ھن ٻيا به ڪتاب لکيا. جيڪي انڊلٺ، حادھ (اقليدس جي اصطلاح ۾ اھو زاويه جيڪو زاويه قائمه يعني 90 درجي کان گھٽ ھجي) ۽ تمثيلي شيشن بابت آھن. ھن انڊلٺ جي ٺھڻ جا سبب بيان ڪيا ۽ پاڇي يا سج، چنڊ گرھڻ بابت به ڪتاب لکيا. ھن شبيھن جي اُبتي نقطي ۽ ٻين شين جي وڏي نظر اچڻ بابت نظرين کي وڏي وضاحت ۽ صحيح طريقي سان بيان ڪيو. ھن جا نظريا گھڻو ڪري رياضي جي عدد ۽ ڳڻپ بابت آھن.
ابن ھيثم ھوا جي گولي (ڪرھ باد ھوا جو مجموعو جيڪو زمين جي چوڌاري بلند آھي) جي ساڍا اٺونجاھ ميل بلندي ڄاڻائي آھي. جيڪا صحيح ثابت ٿي. ان کان سواءِ ھوا جي گولي جي گھاٽي ھجڻ تي به بحث ڪيو ۽ ھوا جي گولي جي بلندي ۽ ان جي بدلجندڙ گھاٽاڻ ۾ به ھڪ تعلق ڳولي لڌو. ھن تجربي سان ثابت ڪيو ته جسم جو وزن، ھوا جي گولي جي گھاٽاڻ جي تبديلي سان مَٽجي ٿو. ھن مرڪز ڪشش جي مسئلن تي به روشني وڌي ۽ ميزان ذريعي تجربا ڪري ڪشش کي ھڪ قوت تسليم ڪيو.




Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت