نئين دور جا نوان سبق (سبق يارهون) - ادل سومرو


سبق يارهون
ج  ـــ جتي
(جُتيءَ جي آتم ڪهاڻي)
آئون اڄ جنهن زبون حالت ۾، وچ رستي تي، اوهان جن پيرن ۾ لتاڙجي رهي آهيان، سدائين انهيءَ حال ۾ ڪين هئس. آئون اوهان سان پنهنجي زندگي جي احوال مختصر نموني اوريان ٿي.
جيتريقدر منهنجي يادگيري آهي ته مون سڀ کان پهريائين پاڻ کي مور موچيءَ جي دڪان جي ڀت تي ٽنگيل ڏٺو. مون سان گڏ منهنجي جاڙي ڀيڻ به ٽنگيل هئي. ان کان اڳ جون ڳالهيون مون کان وسري ويون آهن. دڪان ۾ ٻيون به ڪيتريون ئي جُتيون هيون. پر اسان ٻنهي ڀينرن جي سونهن سڀني کان سرس هئي.
جيڪو به گراهڪ دڪان تي ايندو هو، ته اسان کي ڏسي سندس واڇ گودو هڻي ويندي هئي ۽ پوءِ اسان ڏي اشارو ڪري مور کان پڇندو هو ته هيءَ جتي ڪنهن جي آهي؟
مور وڏي فخر سان کيس چوندو هو ته رئيس سڪيلڌي خان لاءِ فرمائش تي اهو جوڙو جتين جو ٺاهيو اٿم. پوءِ هرڪو اهڙي سهڻي جتي ٺاهڻ تي مور موچيءَ جي ساراهه ڪندو هو ۽ مور موچي پنهنجي واکاڻ ٻڌي ڏاڍو خوش ٿيندو هو. اسين ٻئي ڀينرون پنهنجي مالڪ رئيس سڪيلڌي خان جو انتظار ڪنديون هيوسين.
هڪ ڏينهن رئيس سڪيلڌي خان پنهنجي جيپ، مور موچيءَ جي دڪان جي آڏو اچي جهلي. مور موچي پري کان ئي مرحبا ڪري سندس آجيان لاءِ اٿي بيٺو.
ان وقت منهنجي ڀيڻ ننڊ پئي هئي. مون کيس جاڳايو، اسان ٻئي ڀينرون رئيس جي خوفناڪ شڪل ڏسي دهلجي ويوسين. رئيس جي چچريل منهن تي وکريل اڇيون ڪاريون مڇون ۽ سندس هيڊا بي ڊولا ڏند ڏسي منهنجيءَ ڀيڻ کي ذري گهٽ اُلٽي اچڻ لڳي.
منهنجي ڀيڻ روئڻ لڳي ته مون کيس سمجهايو ته گهٻراءِ نه، رئيس اسان کي تڪليف نه ڏيندو پر هو ته اسان کي جيپ تي گهمائيندو. پوءِ رئيس مور موچيءَ کي پئسا ڏنا.
اسين کيس ڏاڍو پسند آيوسين. رئيس جي پيرن ۾ هڪ اڌوراڻو بوٽ پيو هو، جيڪو اسان ٻنهي ڀينرن کي گهوري رهيو هو. اسان ٻنهي ڀينرن کي ڏاڍي کل ٿي آئي.
رئيس ان بوٽ کي پيرن مان لاهي پري اڇليو، ويچارو بوٽ ٽڙندو وڃي پري ڪريو، کيس ڌڪ به ڏاڍو لڳو. بوٽ جي ان حال تي اسان ٻنهي ڀينرن کي ڏاڍو رحم آيو.
رئيس اسان کي جڏهن پنهنجن بي ڊولن پيرن ۾ پاتو، تڏهن اسان ٻنهي ڀينرن جي جسم مان ٽڙڪاٽ نڪري ويا.
جڏهن رئيس گهر پهتو تڏهن اسان کي پنهنجن پيرن کان آجو ڪيائين. رئيس وڏي پلنگ تي ٺهي ويٺو ته چار عورتون به ساڻس اچي پلنگ تي ويٺيون. پوءِ خبر پئي ته اُهي چار ئي رئيس جون زالون هيون.
پوءِ ڄڻ ته اسان لاءِ عذاب شروع ٿيو. رئيس اسان کي سارو ڏينهن رلائي رلائي بي حال ڪري ڇڏيندو هو. ڪڏهن پوک تي، ڪڏهن ميلن تي، ڪڏهن سوئر جي شڪار تي، رات جو به آرام ڪرڻ ڪين ڏيندو هو. ڪڏهن ڪنهن غريب جي گهر جا لوڙها پيو ٽپندو هو ته ڪڏهن ڪنهن جي گهر ۾ کاٽ پيو هڻائيندو هو. رئيس جي افعالن تي اسان کي ڏاڍو شرم ايندو هو. اسين ٻئي ڀينرون روز پيون دعائون گهرنديون هيوسين ته شل هن ظالم جي ڪوجهن پيرن مان آزاد ٿيون.
رئيس پنهنجي اوطاق تي ويهندي ڪڏهن ڪنهن ڪڙميءَ تي ڪاوڙبو هو ته اسان ٻنهي مان هڪ کي پيرن مان لاهي، اُن ڪڙميءَ کي هڻندو هو. اسان کي تمام گهڻو افسوس ٿيندو هو ته ڪيئن نه هڪ ظالم، هڪ غريب جي بي عزتي ٿو ڪري. رئيس جي پيرن کي اسين گهڻو ئي وٺ ڪنديون هيوسين، پر هن کي شايد اثر ڪين ٿيندو هو. رئيس جي گهڻي رلڻ ڪري، اسان جو جسم به ڏينهون ڏينهن ڏرندو ٿي ويو.
هڪڙيءَ رات رئيس شهر ۾ ڌاڙو هڻايو ڌاڙي ۾ هو پاڻ به شامل هو. واپسيءَ تي تڪڙ ۾ جيپ ۾ چڙهڻ ڪري، آئون رئيس جي پير مان ڪري پيس رئيس شايد ڪين سنڀاليو. پوءِ ڏينهن ٿيڻ تي آئون ماڻهن جي پيرن ۾ لتاڙبي رهيس ۽ اڄ ڏينهن تائين لتاڙبي رهان ٿي.
مون کي ڀيڻ جي ڏاڍي سڪ لڳندي آهي. الائي ويچاري ڪهڙن حالن ۾ هوندي. مون کي پنهنجي هن حالت تي ڪوبه افسوس ڪونهي ڇاڪاڻ ته ڪنهن ظالم جي پيرن ۾ رهڻ کان، رستن تي ڌڪا کائڻ وڌيڪ بهتر آهي.

مشق
سوال نمبر 1:       رئيس، ڪڙمين کي ڪاوڙ مان ڪڏهن ڪڏهن ڇا هڻندو هو؟

سوال نمبر 2:       جُتيءَ رئيس جي پيرن ۾ رهڻ کان، رستي تي ڌڪن کائڻ کان بهتر ڇو سمجهيو؟

سوال نمبر 3:       رئيس سڪيلڌي خان جي ڪارنامن تي پنهنجي گهران جامع نوٽ لکي اچو؟
  
نوان لفظ
مڇون
:
وات جو ڇپرو
غريب
:
نفرت جو نشان
کل
:
ڏندن ڏيکارڻ جو ذريعو
  


فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Share on Whatsapp

Sindh Digital Readers




Comments

Post a Comment

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت