نئين دور جا نوان سبق (سبق نائون) - ادل سومرو


سبق نائون
ث ـــ ثوابُ
ثوابُ ڪنهن کائڻ پيئڻ جي شيءِ جو نالو ناهي، پر ثواب اُنهيءَ دلي سڪون، آٿت ۽ اجوري جو نالو آهي، جيڪو ڪنهن نيڪيءَ جي بدلي ۾ ملي ٿو. ثوابن کي وزن به ٿيندو آهي. ڪي ثواب ڳورا هوندا آهن ۽ ڪي وري هلڪا.
ثواب جيئن ته نيڪين جي عيوض ملندا آهن، اُن ڪري نيڪي ڪندڙ کي نيڪُ چيو ويندو آهي. ڪي فقط نيڪ هوندا ۽ ڪي وري نيڪ بخت هوندا آهن. اڄوڪي زماني ۾ رڳو بخت کي ڏٺو ويندو آهي. ڪو ماڻهو جيڪڏهن بَدَ آهي پر سندس بخت، نيڪ آهي ته هر ڪو اُنهيءَ جي مرڪي آجيان ڪندو. بدبخت کي ڪوبه ڀرسان بيهڻ نه ڏيندو آهي، توڙي ڀلي هو پاڻ نيڪ ڇونه هجي. اهو اڄوڪي دور جو دستور  آهي.
ٻارو! توهان کي اهو دستور ختم ڪرڻو آهي.
بخت کي ٻين لفظن ۾ ڀاڳ به چئبو آهي. جنهن ماڻهوءَ کي ڀاڳُ لڳندو آهي، اُهو ساڳُ نه کائيندو آهي، پر هوُ ڪڪڙ کائي راڳُ ڳائيندو آهي. ڪي ماڻهو ٻين کي ڏيکارڻ لاءِ نيڪيون ڪندا آهن جيئن ماڻهو کين نيڪ سمجهن، سندن ناموس ٿئي ۽ کين وڏا وڏا لقب ملن، پر اصل ۾ اهي نيڪ نه هوندا آهن. اهڙي قسم جا ماڻهو پنهنجن اوڻاين کي لڪائڻ لاءِ نيڪين جو نُماءُ ڪندا آهن. اوهان کي اهڙن ماڻهن کان هروڀرون متاثر ٿيڻ نه گهُرجي. اڄوڪي دور ۾ نيڪن ۽ اشرافن کي ڪنهن به قسم جي ٽيڪ ناهي. هو ڪنهن به وقت هيٺ ڪري ۽ ڊهي سگهن ٿا.
ظاهري طرح سماج ۾ نيڪين کي گهڻي اهميت ڪانهي. اٽلندو ڀلائي ڪندڙ جي ڳچيءَ ۾ رسو پوي ٿو. ان مان ظاهر ٿيو ته نيڪي يا ڀلائي ڳچي به وٺندي آهي. پر اوهان کي گهٻرائڻ نه گهرجي، اوهين بنا ڪنهن نمائش جي نيڪيون ڪندا رهو، اهي رسا آخر پنهنجو پاڻ ٽُٽي ويندا.
پرائمري اسڪول جو اُستاد معمولي پگهار تي هڪ ئي وقت پنجاهه ٻارن کي سنڀاليندو، پرچائيندو ۽ پڙهائيندو آهي. هُو ڪلاس ۾ پڙهائيءَ دوران ذهن تي هٿوڙا کائيندو آهي. اُنهن هٿوڙن کائڻ جي عيوض هن کي ثواب ملندو آهي. هُو نيڪ ته آهي پر نيڪ بخت ناهي. ڪن ماڻهن جو ڪن خاص ثوابن تي قبضو هوندو آهي ۽ اُهي پنهنجي مرضيءَ مطابق اُنهن ثوابن کي ورهائيندا آهن. ڪڏهن ڪڏهن ثواب جي آسري تي ماڻهو پنهنجون کلون به لاهرائي ايندا آهن. اهڙن ثوابن کان پاسو ڪرڻ گهرجي. ثوابن ڪمائڻ جا هن دور ۾ نوان طريقا ايجاد ڪيا ويا آهن، جن جي ذريعي تمام سَستي ۽ سولي نموني بنا ڪنهن نقصان جي، ثوابن جو ذخيرو ٺاهي سگهجي ٿو.
پاڻي پيارڻ ثواب جو ڪم آهي. اڳئين وقت جا اٻوجهه انسان سنگمرمر جون وڏيون سبيلون ٺهرائي، تمام گهڻي خرچ کان پوءِ پاڻي پيارڻ جو ثواب حاصل ڪندا هئا، پر هن جديد دور جي هوشيار ماڻهن سبيلن جي جاءِ تي ڪاروباري دُڪان کولي ڇڏيا آهن. هُو دڪانن جي آڏو برف جي پاڻيءَ جو في گلاس اٺين آني جي حساب سان وڪرو ڪري ثواب حاصل ڪن ٿا. واٽهڙن کي هڪ ته تمام گهڻي گرميءَ ۾ پيئڻ لاءِ ٿڌو پاڻي ملندو آهي ۽ ٻيو ته سندن کيسن جو بار به هلڪو ٿيندو آهي، يعني ٻيڻو ثواب! ثواب حاصل ڪرڻ ۾ ڪوبه حجاب نه ڪرڻ گُهرجي.

مشق

سوال نمبر 1: ڇا ثواب کي وزن ٿيندو آهي؟
سوال نمبر 2: جنهن کي ڀاڳ لڳندو آهي، اُهو ساڳُ ڇونه کائيندو آهي؟
سوال نمبر 3: ثواب ڪمائڻ جي جديد طريقن تي روشني وجهو.

نوان لفظ
گرمي
:
اونهاري جي اولاد
بخت 
:
جيڪو دال کي سِيرو ڪري
اشراف
:
ڊڄڻو




فهرست Index

1.                           سبق پهريون
2.                           سبق ٻيو
3.                           سبق ٽيون
4.                           سبق چوٿون
5.                           سبق پنجون
6.                           سبق ڇهون
7.                           سبق ستون
8.                           سبق اٺون
9.                           سبق نائون
10.                     سبق ڏهون
11.                     سبق يارهون
12.                     سبق ٻارهون


Sindh Digital Readers






Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت