احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ
جن جون هدايتون
-------
پاڻ ڪريم ﷺ جن جڏهن رمضان المبارڪ جي روزن جي فرضيت جو حڪم ٻڌايو ته
هي به ٻڌايائون ته رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ يا ختم ٿيڻ جو ضابطو ۽ معيار ڇا آهي.
پاڻ ڪريم ﷺ جن ٻڌايو ته شعبان جي 29 ڏينهن جي پوري ٿيڻ کان پوءِ اگر چنڊ نظر اچي
ته رمضان المبارڪ جا روزا شروع ڪيو، ۽ اگر 29 شعبان تي چنڊ نظر نه اچي ته مهيني جا
ٽيهه (03) ڏينهن پورا ڪري روزا شروع ڪيو ۽ اهڙيءَ طرح رمضان المبارڪ جا روزا
اڻٽيهه (29) يا ٽيهه (30) رکو، پوءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن مختلف موقعن تي رؤيت هلال ۽ چنڊ
ڏسڻ جي باري ۾ ضروري هدايتون عطا فرمايون.
(1) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنِ اِبۡن عُمَرَ عَنِ النَّبِیّ صلی اللہ علیہ وسلم اَنَّہٗ ذَکَرَ
رَمَضَانَ فَقَالَ لِاَتَصُوۡمُوۡا حَتّٰی تَرَوُا الۡھِلاَلَ وَلاَ تُفۡطِرُوۡا
حَتّٰی تَرَوۡہُ فَاِنۡ اُغۡمِیَ عَلَیۡکُمۡ فَاقۡدِرُوۡالَہٗ۔ (بخاری شریف کتاب
الصوم باب قول النبی صلی اللہ علیہ وسلم اذا رَأیتم الھلال فصو مو الخ ج 1 ص 256۔
مسلم شریف کتاب الصوم ج 1 ص 347)
”حضرت عبدالله ابن عمر ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن هڪ موقعي تي رمضان المبارڪ جو ذڪر فرمايو ته رمضان
المبارڪ جا روزا ان وقت تائين نه رکو جيستائين چنڊ نه ڏسو ۽ روزن جو سلسلو ختم نه
ڪيو جيستائين شوال المڪرم جي مهينو جو چنڊ نه ڏسو، ۽ اگر اڻٽيهين (29) تاريخ تي
چنڊ نظر نه اچي ته ان جو حساب پورو ڪيو.“ (يعني مهيني کي ٽيهن ڏينهن جو سمجهو.)
(2) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ اَبِیۡ ھُرَیۡرَۃَ قَالَ قَالَ رَسُوۡلُ اللہِ صلی اللہ علیہ
وسلم صُوۡمُوۡا لِرُؤیَتِہٖ وَاَفۡطِرُوۡالِرُؤۡیَتِہٖ فَاِنۡ غُمَّ عَلَیۡکُمۡ
فَاَکُمِلُوۡ اعِدَّۃَ شَعۡبَانَ ثٰالثِیۡنَ۔ (بخاری شریف کتاب الصوم باب قول
النبی ؐ اذا رایتم الھلال فصوموا واذا رایتموھ فافطروا ج 1 ص 256)
”حضرت ابو هريرة ؓ کان روايت
آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته چنڊ ڏسي ڪري روزا رکو ۽ چنڊ ڏسي ڪري روزا ڇڏيو ۽
اگر (اڻٽيهين تاريخ تي) چنڊ نظر نه اچي ته پوءِ شعبان جي ٽيهن (تاريخن جو تعداد
پورو ڪيو.“
هن حديث شريف ۾ صاف فرمايو ويو آهي ته رمضان المبارڪ جي شروع ٿيڻ ۽
ختم ٿيڻ جو دارومدار چنڊ جي ڏسڻ تي آهي، چاهي پنهنجن اکين سان چنڊ ڏٺو ويو هجي يا
ڪن ٻين ماڻهن چنڊ ڏٺو هجي ۽ انهن اچي گواهي ڏني هجي ته تڏهن به قابل قبول آهي.
(3) ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنۡ عَائِشَۃَ قَالَتۡ
کَانَ رَسُوۡلُ اللہ صلی اللہ علیہ وسلم یَتَحَفَّظُ مِنۡ شَعۡبَانَ مَالاَ
یَتَحَفَّظُ مِنِۡ غَیۡرِہٖ ثُمَّ یَصُوۡمُ لِرُؤیَۃِ رَمضَانَ فَاِنۡ غُمَّ عَلَیۡہِ عَدَّ ثٰالثِیۡنَ یَوۡمٍٓ ثُمَّ
صَامَ۔ (ابو داؤد شریف کتاب الصوم)۔
”حضرت عائشة صديقه ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جيتري قدر شعبان مهيني جا ڏينهن ۽ تاريخون اهتمام سان
ياد رکندا هئا ايتري قدر اهتمام سان ڪنهن ٻئي مهيني جون تاريخون ياد نه رکندا هئا،
پوءِ رمضان المبارڪ جو چنڊ ڏسي روزا رکندا هئا، ۽ اگر (29 شعبان تي) چنڊ نظر نه
اچي ته پوءِ ٽيهه (30) تاريخون پوريون ڪري پوءِ رمضان جا روزا رکندا هئا.“
اگر هڪ ماڻهونءَ جي گواهي تي رمضان جا روزا شروع ڪيا ويا ۽
ٽيهين رمضان تي چنڊ نظر نه اچي ته ڇا ڪرڻ گهرجي؟
مسئله:
اگر ڪنهن عادل ماڻهونءَ جي گواهيءَ تي رمضان المبارڪ جا روزا شروع
ڪيا ويا ۽ ٽيهه (30) روزا پورا ٿي ويا مگر شوال جي مهيني جو چنڊ نظر نه آيو ته عيد
الفطر کي ادا ڪرڻ گهرجي. ٽيهين رمضان تي آسمان تي غرد و غبار ۽ ڪڪر هجن يا آسمان
صاف هجي هر حال ۾ اهو ئي حڪم آهي. (فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم ج 1 ص 198۔ مراقی
الفلاح مع طحطاوی الباب الثانی فی رویۃ الھلال ص 359۔ الدر المختار والرد المحتار
کتاب الصوم، رویۃ الھلال ج 2 ص 129)
رمضان ۽ عيد جي چنڊ کان علاوه ٻين مهينن جي چنڊ جو ثبوت
ڪيئن ٿيندو؟
مسئله:
رمضان المبارڪ ۽ عيدين جي چنڊ کان علاوه ٻين مهينن جي چنڊ جي ثبوت جي
لاءِ چاهي آسمان صاف هجي يا نه هجي هر حال ۾ ٻن مردن يا هڪ مرد ۽ ٻن عورتن جي
گواهي ۽ شهادت ڪافي آهي. انهن جي گواهيءَ تي چنڊ جي نظر اچڻ جو حڪم جاري ڪيو
ويندو. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم، قبیل مطلب فی رؤیۃ الھلال نھارًا
ج 2 ص 130)
اگر رمضان ۽ شوال جي چنڊ جي موقعي تي آسمان صاف هجي
مسئله:
اگر رمضان المبارڪ ۽ شوال المڪرم جي مهيني جي چنڊ جي موقعي تي آسمان
صاف هجي ته ايڏي وڏي جماعت جي گواهي قابل“ قبول هوندي جنهن جي بيانن سان يقين حاصل
ٿي وڃي ۽ جنهن جو متفق طور تي ڪوڙ ڳالهائڻ کي عقل تسليم نه ڪري ته پوءِ چنڊ جي
ثبوت جي حڪم لڳايو ويندو.
(ھدایۃ کتاب الصوم، قبیل بابمایوجب القفاء والکفارۃ ج 1 ص 196۔
فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم البّاب الثانی فی رؤیۃ الھلال ج 1 ص 198۔ الدر
المختار والرد المحتار کتاب الصوم ج 2 ص 124۔ 125۔126 نور الایضاح کتاب الصوم فصل
فیھا یثبت بہ الھلال ص 150 مالا بدمنہ ص 93)
اگر 29 رمضان تي آسمان تي ڪَڪَر هجن
مسئله:
اگر 29 رمضان المبارڪ تي آسمان تي غرد و غبار هجي ته رؤيت هلال جي
ثبوت جي لاءِ ضروري آهي ته چنڊ ڏسڻ جي گواهي ڏيڻ وارا ٻه مرد يا هڪ مرد ۽ ٻه
عورتون هجڻ گهرجن ۽ انهن جي گواهي ۽ شهادت جي معتبر هجڻ جي لاءِ اهو ئي ڪافي آهي
ته اهي عادل ۽ نيڪ نمازي هجن ۽ ظاهر ظهور ڪنهن گناهه ۽ نافرمانيءَ ۾ مبتلا نه هجن،
باقي معاملن جي تحقيق ڪرڻ جي ضرورت نه آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب
الصوم ج 2 ص 124)
اختلافِ مَطَالع مُعتبر آهي يا نه؟
مسئله:
حضرات احناف رحمهم الله جن جي نزديڪ ظاهر الرواية ۽ مفتيٰ به ۽ صحيح
و معتمد و مختار مذهب جي موافق هلالِ صوم و فطر ۾ اختلاف مطالع معتبر آهي، لهذا
مشرق کان رؤيت هلالِ رمضان ۽ شوال جي خبر ۽ شهادت اهلِ مغرب کي ملي ته ان تي انهن
کي عمل ڪرڻ لازم آهي. (الدر المختار والرد المحتار کتاب الصوم، قبیل باب مایفسد
الصوم الخ ج 2 ص 132۔ فتاویٰ عالمگیریۃ کتاب الصوم الباب الثانی فی رؤیۃ الھلال ج
1 ص 199۔ شرح مسلم للنووی باب بیان ان لکل بلدۃ رأیتھم الخ ج 1 ص 348)
Digital Sindh
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو

Comments
Post a Comment