روزي جو فلسفو - حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
روزي
جو فلسفو
-------
هيءَ هڪ حقيقت آهي ته انسان اشرف المخلوقات آهي ان جي رفعت ۽ عظمت ۽
ان جي اقتدار جي اڳيان تمام ڪائنات جو ڪنڌ جهڪيل آهي ليڪن اها ڳالهه گهٽ ئي ماڻهو
سمجهن ٿا ته انسان جي ان شرف ۽ اعزاز و عظمت جو معيار ۽ سبب ڇا آهي؟
انسان جو اعزاز ۽ شرف هن ڳالهه ۾ آهي ته اهو سرڪش نفس کي قابو ۾ آڻي
۽ پنهنجي خواهشات تي غالب اچي ڪري فرائض عبديت کي ادا ڪري ۽ پنهنجي تخليق جي منشا
کي پورو ڪري ۽
رضا الاهيءَ جي تلاش ان جو اهم فريضو آهي، ۽ نفس کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. پهريون هيءَ ته نفس کي تمام شهوتن ۽ لذتن کان پري ڪيو وڃي ڇو جو جڏهن سرڪش گهوڙي کي داڻو ۽ پاڻي نه ملندو ته اهو تابع ۽ فرمانبردار بڻجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح نفس جي سرڪشي به ختم ٿيندي آهي.
رضا الاهيءَ جي تلاش ان جو اهم فريضو آهي، ۽ نفس کي قابو ڪرڻ جي لاءِ ٽن شين جي ضرورت آهي. پهريون هيءَ ته نفس کي تمام شهوتن ۽ لذتن کان پري ڪيو وڃي ڇو جو جڏهن سرڪش گهوڙي کي داڻو ۽ پاڻي نه ملندو ته اهو تابع ۽ فرمانبردار بڻجي ويندو آهي. اهڙيءَ طرح نفس جي سرڪشي به ختم ٿيندي آهي.
ٻيو هي ته ان تي عبادت جو گهڻو وزن ۽ بار رکيو وڃي جهڙيءَ طرح جانور
کي داڻو پاڻي گهٽ ملڻ ۽ ان تي بار ۽ وزن گهڻو رکجي ته اهو نرم ٿي ويندو آهي. اهو
ئي حال نفس جو به آهي. ٽيون هي ته انسان هر وقت الله پاڪ کان مدد گهري، ٿورڙو غور
فرمايو ته اهي ئي ٽئي ڳالهيون روزن ۾ به بدرجه اتم واڪمل رکيون ويون آهن.
ان مان معلوم ٿيو نفس جي قوت کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ۽ پنهنجي تمام قوتن
کي اعتدال ۾ آڻڻ جي لاءِ اسان کي روزن رکڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.
هڪ فلسفو هي به آهي ته مصيبت زده انسان ئي ڪنهن جي پريشاني ۽ ڏک جو
صحيح احساس ڪري سگهي ٿو ۽ روزي ۾ اها ڳالهه موجود آهي ته وڏي مان وڏي سرمائيندار ۽
دولتمند کي به جڏهن هڪ ڀيرو بک ۽ اڃ جي ذائقي چکڻ جو موقعو ملندو آهي ۽ ان کي غربت
زده ماڻهن جي بک ۽ اڃ جو احساس ٿيندو آهي. ۽ هي جذبو به دل جي ڪنهن نه ڪنهن ڪنڊ
مان اڀرندو آهي ته انهن مفلوڪ الحال ۽ بکين ۽ اڃين ماڻهن جي صدقي ۽ خيرات مان مدد
ڪئي وڃي.
Comments
Post a Comment