احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
نفلي روزن جو فضيلتون
-------
نفلي روزن جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ أُمِّ الْمُؤْمِنِينَ، - رضى الله عنها - أَنَّهَا قَالَتْ
كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ لاَ يُفْطِرُ
. وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ لاَ يَصُومُ . وَمَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ
صلى الله عليه وسلم اسْتَكْمَلَ صِيَامَ شَهْرٍ قَطُّ إِلاَّ رَمَضَانَ وَمَا
رَأَيْتُهُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْهُ صِيَامًا فِي شَعْبَانَ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب صوم شعبان ج 1 ص 264۔ مسلم شریف کتاب
الصوم باب صیام النبی فی غیر رمضان واستحباب ان لایخلیٰ شھر من صوم ج 1 ص 364(
”حضرت عائشة صديقة ؓ کان
روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جو دستور ۽ معمول (نفلي روزن جي باري ۾) هي هيو ته پاڻ
ڪريم ﷺ (ڪڏهن ڪڏهن) مسلسل بغير ناغي جي روزا رکڻ شروع ڪندا هئا، ايتري قدر جو اسان
کي خيال ٿيندو هو ته هاڻي ڪڏهن به ناغو نه ڪندا، ۽ (ڪڏهن ڪڏهن ان جي اڀتڙ ايئن
ٿيندو هيو جو) پاڻ روزا نه رکندا هئا ۽ مسلسل بغير روزن جي ڏينهن گذاريندا هئا،
ايتري قدر جو اسان کي خيال ٿيندو هيو ته هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ جن بغير روزي جي رهندا. ۽
حضرت عائشة صديقه ؓ فرمائي ٿي ته مون ڪڏهن
به نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان شريف جي مهيني کان علاوه ڪنهن پوري مهيني جا
روزا رکندا هجن، ۽ مون نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن مهيني ۾ شعبان المعظم جي روزن
کان زياده نفلي روزا رکندا هجن.“
هن حديث شريف جي پهرين جملي جو مطلب هي آهي ته نفلي روزن جي باري ۾
پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول هي هيو جو ڪڏهن ته مسلسل روزا رکندا هئا ۽ وري ڪڏهن مسلسل
بغير روزن جي رهندا هئا، مقصد هي هيو ته امت جي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پيروي ڪرڻ ۾
مشڪل ۽ تنگي نه ٿئي بلڪه وسعت ۽ آسانيءَ جو رستو کليل رهي، ۽ هر شخص پنهنجي حالات
۽ پنهنجي همٿ جي مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ڪنهن طريقي جي پيروي ڪري سگهي.
۽ حديث شريف جي ٻئي جملي جو مطلب هي آهي ته
پاڻ ڪريم ﷺ جن پوري
اهتمام سان پوري مهيني جا روزا صرف رمضان المبارڪ جا رکندا هئا جيڪي فرض آهن البته
شعبان المعظم جي مهيني ۾ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ زياده روزا رکندا هئا. رمضان
المبارڪ کان پهريان شعبان المعظم جي مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زياده نفلي روزن رکڻ
جا ڪيترائي سبب ۽ حڪمتون آهن ۽ انهن مان ڪجهه اسبابن جي طرف ته احاديث مبارڪن ۾ به
اشارو موجود آهي. چنانچه حضرت صديقه ؓ کان
هڪ روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن شعبان جي مهيني ۾ گهڻا روزا ان ڪري رکندا هئا جو
پوري سال ۾ مرڻ وارن جي فهرست انهيءَ مهيني ۾ ملڪ الموت جي حوالي ڪئي ويندي آهي،
پاڻ ڪريم ﷺ جن چاهيندا هئا ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي وفات جي باري ۾ ملڪ الموت کي
احڪامات ڏنا وڃن ته ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ روزي جي حالت ۾ هجن. ۽ اهڙيءَ طرح حضرت
اسامه بن زيد ؓ جن جي روايت ۾ خود پاڻ
ڪريم ﷺ جن فرمايو ته:
”انهيءَ مهيني ۾ بارگاهِ خداونديءَ ۾ ٻانهن جا اعمال ناما
پيش ڪيا ويندا آهن، آءُ چاهيان ٿو ته جڏهن منهنجا اعمال ناما پيش ڪيا وڃن ته اءُ
روزي جي حالت ۾ هجان. ان کان علاوه رمضان المبارڪ جو قرب ۽ ويجهڙائپ ۽ ان جي خاص
انوارات ۽ برڪات سان وڌيڪ مناسبت پيدا ڪرڻ جو شوق به غالبن انهيءَ جو سبب هوندو. ۽
شعبان جي روزن کي رمضان شريف جي روزن سان اها ئي نسبت هوندي جيڪا فرض نمازن کان
پهريان پڙهيل نفلن کي فرضن تي هوندي آهي.
فهرست Index
- روزو قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- روزن جي مذهبي تاريخ
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام ۾ روزا ڪڏهن فرض ٿيا؟
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو فلسفو
- ڪلڪ ڪيو
- اسلام روزي ۾ هي اصلاحات فرمايون
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا مقاصد ۽ فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جا طبي ۽ ميڊيڪلي فائدا
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ شيطان قيد ڪيا ويندا آهن
- ڪلڪ ڪيو
- جنت ۾ روزيدارن جي لاءِ هڪ خاص دروازو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جا روزا ۽ تراويح باعث مغفرت آهن
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي آمد تي پاڻ ڪريم ﷺ جن جو هڪ عظيم خطبو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف جي اچڻ تي جنت جو سينگار
- ڪلڪ ڪيو
- روزي جو اجر شايانِ شانِ خداوندي عطا ٿيندو
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان شريف ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي سخاوت ۾ واڌارو
- ڪلڪ ڪيو
- روزو بيمثل عبادت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان جي هڪ روزي ڇڏڻ جو نقصان ناقابل تلافي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رؤيتِ هلال ۽ چنڊ ڏسڻ جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- هر مهيني ۾ ٽي نفلي روزا رکڻ ڪافي آهن
- ڪلڪ ڪيو
- ايّام بِيض جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- ذوالحج جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- پندرهين شعبان جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سومر ۽ خميس جي ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- جمعي جو ڏينهن جو روزو
- ڪلڪ ڪيو
- سياري ۾ نفلي روزا رکڻ
- ڪلڪ ڪيو
- عرفات ۾ نائين تاريخ جو روزو رکڻ مڪروه آهي
- ڪلڪ ڪيو
- عيدين جي ڏينهن روزو رکڻ ممنوع آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ايامِ تشريف ۾ روزا رکڻ ممنوع آهن
- ڪلڪ ڪيو
- شڪ واري ڏينهن جي روزي جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- ڇا نفلي روزو ٽوڙي سگهجي ٿو؟
- ڪلڪ ڪيو
- مسافر جي روزن جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- سفر جي حالت ۾ روزي رکڻ ۽ نه رکڻ جو اختيار آهي
- ڪلڪ ڪيو
- سفر ۾ روزي ڀڃڻ جي اجازت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- ڪمزوريءَ جي صورت ۾ روزو نه رکڻ ئي مسافر جي لاءِ بهتر آهي
- ڪلڪ ڪيو
- اگر سفر جي ڪري رمضان اڪٽيهن يا اٺاويهن ڏينهن جو ٿئي
- ڪلڪ ڪيو
- غير معتدل علائقن ۾ روزن جو حڪم
- ڪلڪ ڪيو
- شوال المڪرم جا ڇهه روزا
- ڪلڪ ڪيو
- مُحرم جي عام ڏينهن ۾ روزن جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- ڏهين محرم سان گڏ نائين تاريخ جو به روزو
- ڪلڪ ڪيو
- عاشوري جي روزي جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان جي آخري ٻن ڏينهن جا روزا
- ڪلڪ ڪيو
- نفلي روزن جو فضيلتون
- ڪلڪ ڪيو
- شبِ قدر جي خاص دعا
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت احاديث جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي تعيين
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي معنيٰ ڇا آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- ليلة القدر جي فضيلت قرآن ڪريم جي روشنيءَ ۾
- ڪلڪ ڪيو
- جسم جي زڪوات روزو آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رضا الاهيءَ جي لاءِ روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ۾ جنهن جي بخشش نه ٿي سگهي هو بدبخت آهي
- ڪلڪ ڪيو
- راههِ خدا ۾ هڪ ڏينهن روزي رکڻ جي فضيلت
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي بداعمالين کان پرهيز ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار جي دعا قبول ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان المبارڪ ۾ قيدين جي رهائي
- ڪلڪ ڪيو
- روزيدار کي رمضان جي آخري رات مغفرت عطا ٿيندي آهي
- ڪلڪ ڪيو
- روزو قيامت جي ڏينهن شفاعت ڪندو
- ڪلڪ ڪيو
- اعتڪاف جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرڻ جي دعا
- ڪلڪ ڪيو
- روزي افطار ڪرائڻ جو ثواب
- ڪلڪ ڪيو
- ڪهڙيءَ شئي سان روزو افطار ڪرڻ بهتر آهي؟
- ڪلڪ ڪيو
- افطاريءَ ۾ جلدي ۽ سحريءَ ۾ دير ڪرڻ گهرجي
- ڪلڪ ڪيو
- سحري ۽ افطاري ۽ نيت جو بيان
- ڪلڪ ڪيو
- شعبان ۽ رمضان جي چنڊ ڏسڻ جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جون هدايتون
- ڪلڪ ڪيو
- رمضان ڪريم (مسئلا)
- ڪلڪ ڪيو


Comments
Post a Comment