نفلي روزن جو فضيلتون



احڪامِ روزه
مؤلف
حضرت مولانا مفتي نعيم الله هاليجوي غفرله
--------
نفلي روزن جو فضيلتون
-------
نفلي روزن جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول
ارشاد نبوي ﷺ آهي:
عَنْ عَائِشَةَ أُمِّ الْمُؤْمِنِينَ، - رضى الله عنها - أَنَّهَا قَالَتْ كَانَ رَسُولُ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم يَصُومُ حَتَّى نَقُولَ لاَ يُفْطِرُ ‏.‏ وَيُفْطِرُ حَتَّى نَقُولَ لاَ يَصُومُ ‏.‏ وَمَا رَأَيْتُ رَسُولَ اللَّهِ صلى الله عليه وسلم اسْتَكْمَلَ صِيَامَ شَهْرٍ قَطُّ إِلاَّ رَمَضَانَ وَمَا رَأَيْتُهُ فِي شَهْرٍ أَكْثَرَ مِنْهُ صِيَامًا فِي شَعْبَانَ۔
(بخاری شریف کتاب الصوم باب صوم شعبان ج 1 ص 264۔ مسلم شریف کتاب الصوم باب صیام النبی فی غیر رمضان واستحباب ان لایخلیٰ شھر من صوم ج 1 ص 364(


”حضرت عائشة صديقة ؓ  کان روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن جو دستور ۽ معمول (نفلي روزن جي باري ۾) هي هيو ته پاڻ ڪريم ﷺ (ڪڏهن ڪڏهن) مسلسل بغير ناغي جي روزا رکڻ شروع ڪندا هئا، ايتري قدر جو اسان کي خيال ٿيندو هو ته هاڻي ڪڏهن به ناغو نه ڪندا، ۽ (ڪڏهن ڪڏهن ان جي اڀتڙ ايئن ٿيندو هيو جو) پاڻ روزا نه رکندا هئا ۽ مسلسل بغير روزن جي ڏينهن گذاريندا هئا، ايتري قدر جو اسان کي خيال ٿيندو هيو ته هاڻي پاڻ ڪريم ﷺ جن بغير روزي جي رهندا. ۽ حضرت عائشة صديقه ؓ  فرمائي ٿي ته مون ڪڏهن به نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن رمضان شريف جي مهيني کان علاوه ڪنهن پوري مهيني جا روزا رکندا هجن، ۽ مون نه ڏٺو ته پاڻ ڪريم ﷺ جن ڪنهن مهيني ۾ شعبان المعظم جي روزن کان زياده نفلي روزا رکندا هجن.
هن حديث شريف جي پهرين جملي جو مطلب هي آهي ته نفلي روزن جي باري ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جو معمول هي هيو جو ڪڏهن ته مسلسل روزا رکندا هئا ۽ وري ڪڏهن مسلسل بغير روزن جي رهندا هئا، مقصد هي هيو ته امت جي لاءِ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي پيروي ڪرڻ ۾ مشڪل ۽ تنگي نه ٿئي بلڪه وسعت ۽ آسانيءَ جو رستو کليل رهي، ۽ هر شخص پنهنجي حالات ۽ پنهنجي همٿ جي مطابق پاڻ ڪريم ﷺ جن جي ڪنهن طريقي جي پيروي ڪري سگهي.
۽ حديث شريف جي ٻئي جملي جو مطلب هي آهي ته 
پاڻ ڪريم ﷺ جن پوري اهتمام سان پوري مهيني جا روزا صرف رمضان المبارڪ جا رکندا هئا جيڪي فرض آهن البته شعبان المعظم جي مهيني ۾ ٻين مهينن جي مقابلي ۾ زياده روزا رکندا هئا. رمضان المبارڪ کان پهريان شعبان المعظم جي مهيني ۾ پاڻ ڪريم ﷺ جن جي زياده نفلي روزن رکڻ جا ڪيترائي سبب ۽ حڪمتون آهن ۽ انهن مان ڪجهه اسبابن جي طرف ته احاديث مبارڪن ۾ به اشارو موجود آهي. چنانچه حضرت صديقه ؓ  کان هڪ روايت آهي ته پاڻ ڪريم ﷺ جن شعبان جي مهيني ۾ گهڻا روزا ان ڪري رکندا هئا جو پوري سال ۾ مرڻ وارن جي فهرست انهيءَ مهيني ۾ ملڪ الموت جي حوالي ڪئي ويندي آهي، پاڻ ڪريم ﷺ جن چاهيندا هئا ته جڏهن پاڻ ڪريم ﷺ جن جي وفات جي باري ۾ ملڪ الموت کي احڪامات ڏنا وڃن ته ان وقت پاڻ ڪريم ﷺ روزي جي حالت ۾ هجن. ۽ اهڙيءَ طرح حضرت اسامه بن زيد ؓ  جن جي روايت ۾ خود پاڻ ڪريم ﷺ جن فرمايو ته: 

”انهيءَ مهيني ۾ بارگاهِ خداونديءَ ۾ ٻانهن جا اعمال ناما پيش ڪيا ويندا آهن، آءُ چاهيان ٿو ته جڏهن منهنجا اعمال ناما پيش ڪيا وڃن ته اءُ روزي جي حالت ۾ هجان. ان کان علاوه رمضان المبارڪ جو قرب ۽ ويجهڙائپ ۽ ان جي خاص انوارات ۽ برڪات سان وڌيڪ مناسبت پيدا ڪرڻ جو شوق به غالبن انهيءَ جو سبب هوندو. ۽ شعبان جي روزن کي رمضان شريف جي روزن سان اها ئي نسبت هوندي جيڪا فرض نمازن کان پهريان پڙهيل نفلن کي فرضن تي هوندي آهي.





Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

وطن جي حب

محنت ۾ عظمت