ڪرڪيٽ راند


رانديون عوام جي دلچسپي ۽ جسماني صحت جو ذريعو آهن. دنيا م ڪيترن ئي قسمن جون رانديون کيڏيون وڃن ٿيو، پر ڪرڪيٽ راند دنيا جي سڀني مُلڪن ۾ کيڏي وڃي ٿي. اڄڪلهه سڄي دنيا م انهي راند جي ناماچاري آهي. سڄي دنيا جي مُلڪن جي رانديگرن جون ٽوليون پاڻ ۾ مقابلا ڪنديون آهن.

انهن دلچسپ ميچن جو اکين ڏٺو احوال ٽيليويزن ۽ ريڊيو تان ڏاڍي شوق ۽ چاهه سان ڏٺو ۽ ٻڌو ويندو آهي. اها راند هر قسم جا ماڻهو پسند ڪن ٿا. هن راند جي شروعات انگلينڊ مان ٿي.

اها راند خاص ميدان ۾ کيڏي ويندي آهي. انهي  ميدان جي وچ ۾ هڪ سيمينٽ جو فرش ٻڌل هوندو آهي. جنهن کي (پچ) چوندا آهن. هن راند ۾ يارهن يارهن رانديگرن جون ٻه ٽوليون (ٽيمون) ٿينديون آهن ۽ هرهڪ ٽيم پنهنجو اڳواڻ چونڊيندي آهي. جنهن کي ڪئپٽن يا ڪپتان چئبو آهي.

راند شروع ڪرڻ کان اڳ ۾ ٽيمن جا ڪپتان فيصلو ڪندا آهن ته ڪهڙي ٽيم بيٽنگ ڪري ۽ ڪهڙي ٽيم فيلڊنگ ڪري. انهي لاءِ راند شروع ڪرڻ کان اڳ ٻنهي ٽيمن جا ڪپتان هڪ سڪو اڇلائي پکو وجهندا آهن. پوءِ پُکي ۾ جنهن ٽيم کٽيو انهي کي اهو حق حاصل هوندو آهي ته اها پهريان کيڏي يا پوءِ.

ڪرڪيٽ جي ميدان ۾ آمهون سامهون ٻن طرفن کان مقرر فاصلي تي ٽي ٽي وڪيٽون کوڙيون وينديون آهن. پوءِ وارو وٺندڙ ٽيم جا ٻَه رانديگر آمهون سامهون وڪيٽن وٽ بئٽون کڻي بيهندا آهن. هيڏانهن وري وارو ڏيندڙ ٽوليءَ جو بالر هڪ طرف کان بيٽ ڪندڙ رانديگر ڏانهن بال اڇلائيندو آهي. ان کي آئوٽ ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي. پوءِ بال وڪيٽن کي وڃي لڳندو ته اهو رانديگر آئوٽ ٿيو، پر اهو بال بئٽ جي ڌڪ لڳڻ کان وارو ڏيندڙ ٽوليءَ مان جيڪي اڳيئي اهڙي مقرر جاين تي خبرداريءَ سان بيهندا آهن ۽ بال جهٽڻ يا ان کي روڪڻ جي ڪوشش ڪندا آهن ته هو جيئن گهڻي کان گهڻيون رنسون ٺاهي.

بال کي ڌڪ لڳڻ کان پوءِ آڳ وٺندڙ ٽيم جا ٻئي رانديگر آمهون سامهون ڊوڙي، هڪ ٻئي جي جاءِ مٽائيندا آهن. اهڙي ڊوڙڻ کي (رنس) چئبو آهي. جڏهن بيٽنگ ڪندڙ رانديگر بال کي اهڙي زور سان ڌڪ هڻدو آهي، جو بال ميدان ۾ مقرر ڪيل حد تائين پهچندو آهي ته اهڙي حالت ۾ بيٺل ايمپائر يعني راند ۾ غير جانبداريءَ سان فيصلو ڪرڻ وارو ائين خاص اشارو ڏيندو آهي. جنهن جو مطلب آهي ته هيتريون يا هيتريون رنسون ٿي چڪيون آهن.

جڏهن وارو وٺندڙ ٽيم جا ڏهه رانديگر آئوٽ ٿي ويندا آهن، تڏهن ٽيم کي  آئوٽ قرار ڏنو ويندو آهي. اهڙي طرح وري ٻي ٽيم پنهنجو وارو وٺندي آهي. پوءِ جنهن ٽوليءَ جون وڌيڪ رنسون ٿيون. انهن جي ڪاميابي سمجهي ويندي آهي.

هيءَ راند رانديگرن ۾ ٻڌي، ڀائپي، اڳواڻي جي لياقت ۽ قاعد جي پابنديءَ جا گڻ پيدا ڪري ٿي ۽ هن راند ڪري بدن چست ۽ سگهارو ٿئي ٿو.

Comments

You May Like

You May Like

WhatsApp

Archive

Show more