وطن جي حب


وطن جي حب انسان جي فطري تقاضا آهي. وطن جي حب ايمان جو جزو آهي. جيئن ته حديث شريف ۾ آهي ته )حب الوطن مِن الايمان( وطن جي حب ايمان جي نشاني آهي. انسان کي الله تعاليٰ جن شين لاءِ پيار ۽ محبت عطا ڪئي آهي. انهن مان وطن لاءِ حب به هڪ لازوال نعمت آهي وطن جا سُڪل وڻ پرديس جي سهڻن باغن کان ڪئين دفعا وڌيڪ پيارا لڳندا آهن. وطن جو ن ڪکائيون جهوپڙيون پرديس جي اوچين ۽ رنگين محلاتن کان وڌيڪ راحت بخش هونديون آهن. وطن جي مٽي ٻئي مُلڪ جي عطر عنبير کان وڌيڪ خوشبودار ۽ عزيز لڳندي آهي.

دنيا جي تاريخ جا ورق ورائبا ته اسان کي وطن جي قرباني لاءِ تمام گهڻا مثال ملندا جن پنهنجي وطن لاءِ تن، من ۽ ڌن قربان ڪيو. ايران جو بادشاهه شاهه پور جڏهن روم ۾ قيد ٿي ويو ته بيمار ٿي پيو، قيد ۾ روم جي شهزادي مٿس عاشق ٿي پئي، جا سندس تيمارداري ڪندي هئي ۽ عيش و آرام جو خيال رکندي هئي، پر شاهه پور ويو پوئتي ٿيندو. نيٺ مايوس ٿي شهزادي کائنس پڇيو ته تنهنجو علاج ڇا آهي، بادشاهه چيو ته جيڪڏهن مون کي ايران جو پاڻي ۽ ايران جي مٽي ملندي ته اهو ئي منهنجو علاج آهي، شهزادي جڏهن ٿورن ڏينهن ۾ پاڻي ۽ مٽي آڻي ڏنس ته ان کي سنگهي ۽ پي نوبنو ٿي ويو، ان مان ظاهر ٿيو ته وطن جي مٽي ۽ پاڻي ۾ ڪيڏو تاثير آهي.

عمر جي ڪوٽ ۾ مارئي کي ڇا نه آڇيو ويو، پر هن هر شيءِ کي ٺڪرائي ملير جي اڃ ۽ بک کي مان ڏنو. زري بخمل ۽ ريشم جي پوشاڪن کي رد ڪري لوئي کي ڳلي لاٿائين، عمر جون نعمتون محل ماڙيون ست رڇي کاڌا، هن وطن جي مٽيءَ برابر به نه ٿي ڄاتا، قيد جو سڄو عرصو وطن کي واجهائيندي روئندي رهي، ايستائين جو عمر کي وصيت ڪيائين ته :

واجهائي وطن کي آ، جي هت مياس،
گور منهنجي سومرا! ڪج پهنوار پاس،
ڏج ڏاڏاڻي ڏيهه جي، منجهان ولڙين واس،
مُيائي جياس، جي وڃي مڙهه ملير ڏي.

حضرت يوسف عليه السلام جڏهن ڪنعان کان دور ٿي مصر جي بادشاهي ماڻي ٿو، تڏهن به اهو ئي چوي ٿو ته مصر جي بادشاهي کان ڪنعان جي فقيري وڻي ٿي.

ڀٽائي جي شاعري جو بنياد ئي حب الوطني رهيو آهي، شاهه صاحب وطن کي ساريندڙن لاءِ چوي ٿو ته:

سڄڻ ۽ ساڻيهه ڪنهن اڻاسيءَ وسري

دنيا جي سڀني شاعرن جي اولين مقصد وطن رهيو آهي، وطن جي دشمنن کي وطن جو غدار سڏجي ٿو، وطن جي غدارن جي سزا موت آهي، وطن لاءِ وڙهندي مري ويندڙ کي شهيد سڏجي ٿو. سنڌ وطن مٿان ڪيترن ئي سپوتن پنهنجون جانيون گهوري ڇڏيون ۽ اهي اسان جا هيرا آهن، اهڙن املهه ماڻهن ۾ دودو سومرو، دولهه دريا خان، هوشو شيدي، هيمون ڪالاڻي، نذير عباسي ۽ ٻيا ڪيترائي جوڌا جوان شامل آهن، جن سر ڏنو پر وطن جي مٽيءَ کي ميرو نه ڪيو.

ايءَ مارن ريت، جي سيڻ مٽائين سون تي،
اچي عمر ڪوٽ ۾، ڪنديس ڪانه ڪريت،
پکن جي پريت، ماڙين سين نه مٽيان.

وطن سان محبت رکندڙ قومون هميشه ترقي جي منزل ماڻينديون رهيون آهن. اهڙيون قومون هميشه وطن جي حفاظت لاءِ، هرڪا تڪليف، مصيبت سر تي سهي، سر تريءَ تي رکي دشمن جي سامهون ٿينديون رهيون آهن. اهڙين قومن جو نالو تاريخ ۾ هميشه زنده رهندو آهي.

هر انسان کي پنهنجو وطن پيارو لڳندو آهي. اسان کي پنهنجو وطن پاڪستان ساهه کان وڌيڪ پيارو آهي، اسان جو صوبو سنڌ سندس هڪ روشن ستارو آهي، ڇاڪاڻ ته ڌڻي تعاليٰ جي هر ڏنل نعمت جهڙوڪ: زراعت، زرخيز زمين، تهذيب ۽ تمدن ۾ شاهوڪار هئڻ سان گڏ باب الاسلام جي هئڻ جو فخر به سنڌ کي حاصل آهي. اسان کي پنهنجو پيارو وطن نهايت عزيز آهي. جنهن جي بقاء ۽ ترقيءَ لاءِ ڪنهن به قربانيءَ ڏيڻ کان نه هٽنداسين.


Comments

Popular posts from this blog

اسان جو وطن (پيارو پاڪستان)

محنت ۾ عظمت